
ڪتاب
غوث الاعظم رح (ڪتاب): هي ڪتاب حضرت عبدالقادر جيلانيرح جي سوانح، تعليم ۽ سندن دور بابت تاريخي جائزي تي آڌاريل آهي، جيڪو غلام قادر بروهيءَ تصنيف ڪيو آهي. ڪتاب جو انتساب ليکڪ ننڍي عمر ۾ وفات ڪري ويل پنھنجي پٽ ذوالفقار علي جي نالي ڪيو آهي. ‘پيش لفظ’ ۾ مصنف هن ڪتاب جي سلسلي ۾ رهنمائي ۽ سهڪار ڪندڙ دوستن جا ٿورا مڃيا آهن. مصنف هن ڪتاب کي ترتيب جي لحاظ کان ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو آهي، جنهن ۾ ڀاڱو پهريون حضرت غوث پاڪ جي دور ۾ دنيا جي حالت بابت آهي، جيڪو ڇھن بابن ۾ ورهايل آهي. ڀاڱو ٻيو حضرت غوث رح جي سوانح حيات بابت آهي، جنهن ۾ نوَ باب آهن. ٽيون ڀاڱو حضرت غوث رح جي تعليمات تي آهي، جنهن ۾ پنج باب آهن. هن ڪتاب ۾ حضرت غوث رح بابت جامع معلومات ڏني وئي آهي. ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي مصنف جو تعارف ڊاڪٽر عبدالهادي سرهيي لکيو آهي. ڊيمي سائيز، رنگين ٽائيٽل سان هي ڪتاب مهين جو دڙو پبلشنگ ايجنسي، ڪراچيءَ پاران ڊسمبر 2011ع ۾ ڇپيو. 392 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 450 روپيا ڄاڻايل آهي.