غيرت خان، امير: هي مغلن جي دور ۾ ٺٽي جو صوبيدار هو. پير سيد حسام الدين راشدي پنھنجي ڪتاب ‘ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون’ ۾ لکي ٿو ته، غيرت خان اصل ۾ جھانگير بادشاھہ جي امير خواجہ عبدالله فيروز جنگ (متوفي 17 شوال المڪرم 1054ھہ/ 17 ڊسمبر 1644ع) جو ڀائٽيو هو. خواجہ عبدالله، ناصر الدين احرار جي خاندان مان هو ۽ خواجہ حسن نقشبنديءَ جهڙي بزرگ جو ڀاڻيجو هو، پر تنهن هوندي بہ ذاتي طور هڪ بنھہ بيرحم ۽ ظالم انسان هو. هن عجيب ڪردار جي مالڪ جي چاچي خواجہ عبدالله فيروز جنگ جي ٻن ڀائرن مان هڪڙو خواجہ يادگار ۽ ٻيو خواجہ برخوردار جا نالا تاريخ ۾ ملن ٿا، پر غيرت خان جنهن جو اصل نالو خواجہ ڪامگار هو، تنهن جي پيءُ جو نالو تاريخ ۾ ڪٿي ڄاڻايل نہ آهي. مغل تاريخن ۾ غيرت خان کي رڳو خواجہ عبدالله جو ڀائٽيو لکي ڳالھہ کي ختم ڪيو ويو آهي. مغل سلطنت خلاف خان جھان لوڌيءَ جي بغاوت ختم ڪري رجب المرجب 1040ھہ/ 3 فبروري 1631ع تي خواجہ عبدالله، خان جھان جو سر قلم ڪري ڇڏيو. خواجہ عبدالله جو ڀائٽيو غيرت خان ان وقت تائين صرف هزار پيادن ۽ 400 سوارن جي منصب تائين پهتل هو. خان جھان جو سر غيرت خان کڻي اچي شاھجھان بادشاھہ جي حضور ۾ حاضر ٿيو. بادشاھہ اهو ڏسي خوش ٿيو ۽ هڪدم خواجہ ڪامگار کي انهي وقت ترقي ڏئي 1500 پيادن ۽ 600 سوارن جي منصب تي مقرر ڪيو، ان کانسواءِ خلعت ۾ هڪ گهوڙو ۽ ‘غيرت خان’ جي لقب سان نوازيو ويو. خواجہ ڪامگار عرف غيرت خان جي زندگيءَ جا ٽي وڏا ڪم تاريخ ۾ لکيل آهن:
1.دهليءَ ۾ جڏهن شاھجھان آباد جو بنياد پيو، تڏهن خواجہ ڪامگار عرف غيرت خان اتان جو ناظم ۽ شاهي عمارتن جو نگران هو.
2.جهانگيري دور تي هن ‘ماثر جهانگيري’ نالي هڪ ڪتاب لکيو، جنهن کي معتبر سمجهيو وڃي ٿو.
3.سنڌ۾ مغل تسلط دوران ٺٽي جو صوبيدار مقرر ٿي آيو ۽ هتي جي ئي مٽيءَ ۾ ابدي آرامي ٿي ويو.
غيرت خان ٺٽي ۾ جيڪو بہ عرصو رهيو ان بابت ڪابہ تفصيل ڪنهن بہ تاريخ ۾ نٿي ملي. مغل تاريخن مان صرف اهو معلوم ٿئي ٿو تہ غيرت خان ٺٽي ۾ 1050ھہ/ 1640ع ۾ وفات ڪئي. هن جي قبر مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي آهي. قبر جي ڪتبي جي پٿر جي ڊيگهہ ويڪر 35x18 انچ آهي، ان تي ٻن سٽن ۾ هيٺين عبارت ۽ تاريخ اڪريل آهي:
“بسم ﷲ الرحمان الرحيم، لااله الاالله محمد رسول ﷲ”
گفت تاريخ ازميان نام غيرت خان برار باقي آن سال تاريخ وفاتش راشمار 1050ھہ.
لفظ ‘تاريخ’ جا ابجدي عدد 1211 کي لفظ ‘غيرت خان’ جي ابجدي عددن 2261 مان ڪٽ ڪبو تہ وفات جو سال 1050ھہ نڪري ٿو.