
فاطمه آفندي
فاطمہ آفندي: فاطمہ آفندي 17 ڊسمبر 1992ع تي مشتاق آفنديءَ جي گهر ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. هن ڪراچيءَ مان فيشن ڊزائن جي ڊگري حاصل ڪئي. عملي زندگيءَ جي شروعات 2001ع ۾ ڊرامي ’چل جهوٽي‘ ۾ ٻارڙي اداڪار طور ڪئي. سندس مشھور ڊرامن ۾: ’من و سلويٰ‘ (2007ع)، ’عشق عبادت‘ (2012ع)، ’ميري ذات ذره بي نشان‘ (2009ع)، ’ڪاش ميري تيري بيٽي نہ هوتي‘ (2011ع)، ’منافق‘ (2020ع)، ’عداوت‘ (2023ع) ۽ ٻيا شامل آهن. ان کانسواءِ ڪي ٽي اين جي پروگرام ’ون ٽو ٿري‘ ۽ ڪشش ٽي وي جي پروگرام ’دي ليجنڊ‘ جي ميزباني ۽ سنڌي گيتن ۾ ماڊلنگ پڻ ڪري چڪي آهي. سندس شادي اداڪار ڪنور ارسلان سان ٿيل آهي.
1992.12.17 عيسوي
فاطمه آفندي 17 ڊسمبر 1992ع تي مشتاق آفنديءَ جي گهر ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو.