فرخندہ بانو (نعت خوان): فرخندہ بانو جو تعلق، سنڌ جي علمي ادبي گهراڻي ميرزا خاندان سان آهي، هوءَ 12 جنوري 1950ع تي، ميرزا امداد علي بيگ جي گهر ۾ ٽنڊي آغا حيدرآباد ۾ ڄائي. سندس گهر ۾ وڏيون وڏيون مجلسون ٿينديون هيون. تڏهن مجلس پڙهڻ لاءِ خاص طور تي، حيدرآباد دکن مان مولانا ڊاڪٽر سيد طاهر حسن شمسيءَ کي گهرايو ويندو هو. فرخندہ بانوءَ کي هن نہ صرف قرآني قاعدو ۽ پارو پڙهايو، پر اردو رباعيون ۽ نوحا بہ ياد ڪرايا. سنڌيءَ جا چار درجا پڙهڻ کان پوءِ وڌيڪ تعليم ۽ شاعريءَ جي سکيا پنھنجي ناني ميرزا علي محمد بيگ وٽان ورتائين. سنڌي، اردو ۽ فارسيءَ ۾ سندس ڪيتري شاعري ڇپيل آهي. سندس ڪلام جو پھريون مجموعو 1994ع ۾ ’گل حيات فرخندہ‘ جي نالي سان ڇپيو، جنھن ۾ حمد، نعت، منقبت، سلام، مرثيا، نوحا، غزل، قطع، قطع تاريخ ۽ فرد وغيرہ شامل آهن. شاعريءَ ۾ فخرالنساءِ، فرخ ۽ فرخندہ تخلص استعمال ڪيو اٿس. هن 12 جولاءِ 1986ع تي وفات ڪئي.