
فريد نواز بلوچ
فريد نواز بلوچ (فنڪار): فريد نواز بلوچ 30 نومبر 1944ع تي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. هن پنھنجي فني سفر جي شروعات ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان ڪئي. هو پاڪستان ٽيلي ويزن جي ابتدائي آرٽسٽن مان هو. کيس ٽي. وي تي عبدالڪريم بلوچ متعارف ڪرايو. فريد نواز سنڌي ۽ اردوءَ جي بيشمار ڊرامن ۾ يادگار ڪردار ادا ڪيا. سندس پھريون اردو ڊرامو ’گل جانان‘ هو، جيڪو سن 1976ع ڌاري نشر ٿيو. ان کان سواءِ ’ديوارين‘، ’ڪھان سي ڪھان تڪ‘، ’زينت‘، ’جنگل‘، ’هوائين‘، ’تپش‘، ’فاصلي‘، ’ڪاروڪاري‘، ’سورج گرهن‘، ’محبت ڪا ايڪ پھر‘ ۽ ’جانگلوس‘ کان سواءِ ڪيترن ئي اسٽيج ڊرامن ۾ بہ ڪم ڪيائين. فريد نواز بلوچ، ’ڪالا پاني‘ سميت ٽن اردو فلمن ۾ بہ ڪم ڪيو. سندس پٽن ۾ ياسر نواز بہ اداڪار آهي ۽ ننڍو پٽ دانش نواز پڻ سٺو مزاحيہ اداڪار آهي. فريد نواز بلوچ 15 ڊسمبر 2001ع تي وفات ڪئي.
1944.11.30 عيسوي
فريد نواز بلوچ 30 نومبر 1944ع تي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.
2001.12.15 عيسوي
فريد نواز بلوچ 15 ڊسمبر 2001ع تي وفات ڪئي.