فقير محمد ويهڙائي (صوفي بزرگ): صوفي بزرگ فقير محمد ويھڙائي 1876ع ڌاري ڳوٺ ويھڙ، تعلقي سيوهڻ، ضلعي ڄامشوري ۾ نبي بخش چانڊئي جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم آخوند ميان محمد عالم وٽ حاصل ڪيائين. وڌيڪ تعليم لاءِ مخدوم عبداللطيف جي درسگاھہ، هالن ۾ داخل ٿيو. فارغ التحصيل ٿيڻ بعد مخدوم غلام محمد ملڪاڻيءَ جو مريد ٿيو ۽ سندس صحبت مان فيض حاصل ڪري خلافت جو خرقو حاصل ڪيائين.
هُن لاهوت کان ويندي مڪليءَ جي مزارن جون زيارتون ڪيون. پاڻ شاھہ لطيف جي مزار تي بہ حاضريون ڀريون. شاھہ عنايت، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، شيخ جيئي، لعل شھباز قلندر، مخدوم سرور نوح، سيد حسن علي شاھہ ۽ شاھہ شڪر گنج ۽ ٻين جي درگاهن تي ويندو رهيو. پاڻ حرمين شريف بہ ويو ۽ نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي روضي مبارڪ تي حاضري ڀريائين. دادوءَ جو ﷲ قريشي'>پير نعمت ﷲ قريشي کانئس فيضياب ٿيل هو. ميان فقير محمد ويھڙائي 12 جمادي الاول 1376ھہ مطابق 16 ڊسمبر 1956ع تي وفات ڪئي. سندس درگاھہ ويھڙ ۾ آهي. جتي هر سال ميلو لڳندو آهي.