فقير نواب ولي محمد خان لغاري

فقير نواب ولي محمد خان لغاري

فقير نواب ولي محمد خان لغاري

فقير نواب ولي محمد خان لغاري (صوفي بزرگ ۽ شاعر): فقير نواب ولي محمد خان ولد نواب احمد خان لغاري، ٽالپر حڪومت جي وزيراعظم نواب ولي محمد خان جو پوٽو هو. هي رمضان المبارڪ 1252ھہ/ ڊسمبر 1836ع ۾ حيدرآباد ۾ سندس ڏاڏي وزير اعظم نواب ولي محمد خان لغاريءَ (اول) جي ٻڌايل پراڻي ٽنڊي ولي محمد خان ۾ ڄائو. پراڻو ٽنڊو ولي محمد هاڻوڪي فوجي ڇانوڻي وٽ موجود هو، جيڪو انگريزن جي دؤر ۾ اتان ختم ڪري موجودہ ٽنڊي ولي محمد وارو علائقو آباد ڪيو ويو هو. فقير ولي محمد سنڌي ۽ سرائڪيءَ جو تمام وڏو صوفي شاعر ٿي گذريو آهي. سنڌ تي انگريزن جي قبضي کانپوءِ سندس والد سردار نواب احمد خان اهل و عيال سميت ديري غازي خان ۾ وڃي رهيو ۽ 1846ع ۾ انگريزن سان صلح ٿيڻ کانپوءِ واپس سنڌ اچي پنھنجي جاگير مرزان پور ۾ ويٺو. 1870ع ۾ سندس والد وفات ڪري ويو، جنھن کان پوءِ 1872ع ۾ مرزان پور جاگير کي درياھہ جي پائڻ سبب وڏو نقصان ٿيو، انگريز سرڪار کيس سيريچن ۽ جهونجهاڻ ديھن (موجودہ تعلقہ قاضي احمد) ۾ ڏھہ هزار جريب زمين ڏني پر اُتي بہ 1882ع ۾ درياھہ سموري زمين پائي ويو، جنھن کان پوءِ فقير نواب ولي محمد تاجپور ۾ مستقل رهائش پذير ٿيو. هن فارسي ۽ عربي تعليم حاصل ڪئي. طريقت جي تلقين جهوڪ شريف جي سجادہ نشين صوفي ابراهيم شاھہ ’بنگلي ڌڻي‘ کان ورتائين. چاليھن سالن جي ڄمار ۾ سڄو دنياوي ڪاروبار پنھنجي ڀاءُ نواب بخش علي خان جي حوالي ڪري گوشه نشين ٿي، فقيراڻي رنگ ۾ رهڻ لڳو. شاعري ۽ موسيقيءَ سان گهڻي دلچسپي رهس ۽ ستار وڄائڻ ۾ مھارت هئس. وقت جو مشھور شاعر مصري شاھہ بہ نصرپور مان ڪھي اچي، ساڻس رهاڻيون ڪندو هو. فقير هدايت علي تارڪ سان گهڻي صحبت هوندي هئي. فقير هدايت علي، نواب ولي محمد جو بياض پنھنجن هٿن سان لکيو، جيڪو هن وقت بہ نواب ولي محمد خان جي اولاد وٽ محفوظ آهي. فقير ولي محمد خان جي صحبت مان ٻين ڪيترن ئي فيض پرايو، جن مان محمد فقير کٽياڻ، فتح علي خان کٽياڻ، قاضي حسام الدين، احمد فقير لاکو ۽ ٻيا قابل ذڪر آهن. سندس شاعري ڪافين، بيتن، غزلن، شبدن، مثنوين ۽ مرثيي تي مشتمل آهي. سندس شاعري گهڻو ڪري تصوف جي موضوع تي آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سندس ڪلام ترتيب ڏئي، ’ڪلام فقير نواب ولي محمد خان لغاري‘ جي نالي سان ڇپائي پڌرو ڪيو. فقير نواب ولي محمد خان جون ڪيتريون ئي تصنيفون اڻ ڇپيل، سندس خاندان وٽ موجود آهن، جن ۾: ’پنج سيپاري ۽ پھريون سيپارو‘ (قلمي)، ’بياض قلمي‘ (مداحون، وظيفا، دعائون ۽ تعويذ)، ’بياض قلمي‘، هٿ لکيل، جنھن ۾ درگاھہ ميران پور (جهوڪ) جي بزرگن جي سلسله طريقت جو شجرو، پارسيءَ ۾ خطن لکڻ جا نمونا، پنھنجو ۽ ٻين شاعرن جو قلمبند ٿيل ڪلام، ’سندس خاندان جو تاريخي احوال‘، ترتيب ڏنل شامل آهن. فقير نواب ولي محمد 80 ورهين جي ڄمار ۾4 رمضان المبارڪ 1332ھہ/26 جولائي 1914ع تي وفات ڪئي، سندس مقبرو تاجپور، ضلعي مٽياري ۾ آهي. جتي هر سال رمضان مھيني ۾ ٽي ڏينھن ميلو لڳندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو