فهميده مرزا

فهميده مرزا

فھميدہ مرزا

فھميدہ مرزا: ڊاڪٽر فھميدہ مرزا 20 ڊسمبر 1956ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. سندس والد قاضي عبدالمجيد عابد، سنڌ جو سڄاڻ ۽ گهڻ رخي شخصيت طور سڃاتو ويندو هو. هن ايم. بي. بي. ايس (MBBS) جي ڊگري، لياقت ميڊيڪل ڪاليج (هاڻي يونيورسٽي) ڄام شوري مان حاصل ڪئي. سياست جو آغاز 1997ع کان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ سان ڪيائين ۽ ان ئي سال ٿيل عام چونڊن ۾ بدين- II جي تڪ (اين. اي 173) تان ڪاميابي ماڻي، پھريون ڀيرو قومي اسيمبليءَ جي رڪن/ميمبر بڻي. ان کان پوءِ مسلسل 2002ع، 2008ع، 2013ع ۽ 2018ع جي عام چونڊن ۾ مختلف تڪن تان قومي اسيمبليءَ جي ميمبر چونڊجندي رهي آهي. 2013ع جي چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻڻ بعد اڪثريتي اتفاق راءِ سان پاڪستان جي ارڙهين ۽ پھرين عورت اسپيڪر طور حلف کنيائين. شھيد محترمہ بينظير ڀٽو سان سندس ويجها لاڳاپا رهيا پر محترمہ جي شھادت کان پوءِ پارٽي اندر پيدا ٿيل اختلافن سبب پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کان علحدگي اختيار ڪيائين. 2018ع جي عام چونڊن ۾ گرئنڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (وڏو جهموري اتحاد) جي ٽڪيٽ تي پنجون ڀيرو بدين جي تڪ (اين.اي 230) تان قومي اسيمبليءَ جي ميمبر چونڊي وئي. 18 آگسٽ 2018ع تي کيس وفاقي وزير بين الصوبائي رابطي جو قلمدان ڏنو ويو. سندس شادي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سان ٿيل آهي، جنھن مان کيس چئن ٻارن، ٻن پٽن ۽ ٻن ڌيئرن جو اولاد آهي.


لفظ فھميدہ مرزاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.12.20  عيسوي

ڊاڪٽر فھميده مرزا 20 ڊسمبر 1956ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بخاري مستور فاطمہ
ڊيوڊورس سائڪيولس
غلام فاطمہ شيخ
پارپتي ٽيڪچند گدواڻي
اڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي
ابن حوقل
غلام رسول خاموش
علي محمد وڳڻ
آريسر واھي فقير
الياس ٿري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون