
درگاھ قائم الدين قلندر
قائم الدين قلندر: قائم الدين ولد مھر شاھہ 1140ھہ/ 1728ع ڌاري بڪيرا شريف، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي الھيار ۾ پيدا ٿيو. سندس شجرو حضرت شيخ بھاءُ الدين ذڪريه ملتانيءَ سان ملي ٿو. هُو جوانيءَ ۾ ملتان جي ان وقت جي سجادہ نشين مخدوم محمد غوث جو مريد ٿيو، پر سندس فيض جي ڪماليت مخدوم عبدالحميد بوڇڙائيءَ وٽان ٿي. جنھن کان پوءِ هو قلندراڻي نموني زندگي گذارڻ لڳو. چيو وڃي ٿو تہ شاھہ عبداللطيف ڀٽائي 30 ورهين جي عمر ۾ قائم الدين قلندر سان مليو ۽ سندس چوڻ تي رمضان جو سڄو مھينو وٽس بڪيرا شريف ۾ رهيو. روايت آهي تہ ٽالپرن پاران ڪلهوڙن کان حڪومت هٿ ڪرڻ بعد مير فتح علي خان ٽالپر اڪثر وٽس ويندو رهندو هو. چيو وڃي ٿو تہ جڏهن مدد خان جو لشڪر بڪيرا ويجهو پھتو تہ قائم الدين کيس بددعائون ڏنيون هيون. قائم الدين قلندر 13 شعبان 1215ھہ/ 30 ڊسمبر 1800ع تي وفات ڪئي. کيس ڪو اولاد نہ هو، جنھن ڪري سندس ڀائٽيو پير امام بخش پالڪيءَ وارو گادي نشين ٿيو. سندس مزار تي هر سال چوڏهين شعبان کان ٽن ڏينھن تائين ميلو پڻ لڳندو آهي.
1800.12.30 عيسوي
قائم الدين قلندر 13 شعبان 1215هه/ 30 ڊسمبر 1800ع تي وفات ڪئي.