
سيد قائم علي شاهه:
قائم علي شاھہ: سنڌ جو ٽي ڀيرا وڏو وزير رهندڙ، ناميارو قانوندان ۽ نامور سياستدان، سيد قائم علي شاھہ، 13 سيپٽمبر 1933ع تي خيرپورميرس ۾، سيد رمضان علي شاھہ جيلانيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سيد قائم علي شاھہ ابتدائي تعليم ۽ مئٽرڪ خيرپور مان ڪئي، جنهن بعد ڪراچي يونيورسٽيءَ مان بي. اي ۽ ايس. ايم لا ڪاليج ڪراچيءَ مان ايل. ايل. بي جون ڊگريون حاصل ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ 1957ع کان خيرپور ۾ وڪالت جي شروعات ڪيائين ۽ سنڌ ۽ ملڪ جو ناميارو وڪيل رهيو. ساڳئي سال 1957ع ۾ سيد قائم علي شاھہ ’خدمت خلق‘ نالي هڪ سماجي تنظيم قائم ڪئي، جنھن جو پاڻ صدر ٿي رهيو ۽ هن تنظيم جي پليٽفارم تان عوام جي فلاح ۽ بهبوديءَ لاءِ ڪيترائي ڪم ڪيا. سيد قائم علي شاھہ 1958ع ۾ خيرپور ۾، ذاتي ڪوششن ۽ دوستن جي مدد سان عوامي بھبود ۽ ڀلائيءَ لاءِ ’پائيز ڪلب‘ قائم ڪئي، جنھن سان مقامي ماڻهن کي تمام گهڻا فائدا پھتا ۽ پنھنجي علائقي ۾ شاھہ صاحب کي وڏي شھرت ملي. سيد قائم علي شاھہ جي سماجي خدمتن کي نظر ۾ رکندي، (شھيد) ذوالفقار علي ڀُٽي، 1970ع جي چونڊن ۾، کيس پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ ڏني، جنهن تحت قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي اڪثريت سان ڪامياب ٿيو ۽ کيس وفاقي ڪابينا ۾ صنعت ۽ ڪشمير افيئرس جو وزير مقرر ڪيو ويو. ان کان پوءِ سيد قائم علي شاھہ صوبائي اسيمبلي سنڌ ۾ 1988ع، 1990ع، 1993ع ۽ 2002ع جي چونڊن ۾ لڳاتار ميمبر چونڊجندو آيو. هي 1997ع ۾ پيپلز پارٽيءَ طرفان سينيٽر چونڊيو ويو. سياست جي شروعاتي دور ۾، سيد قائم علي شاھہ، سنڌ ڪابينا ۾ وزير رهڻ دوران خيرپور ۾ ريڊيو اسٽيشن قائم ڪرائي، جنھن جو سنگ بنياد، هن 27 مئي 1976ع تي رکيو. سيد قائم علي شاھہ، 1977ع ۾ ملڪ ۾ مارشل لا لڳڻ کانپوءِ، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ٻين اڳواڻن سان گڏ، جنرل ضياءُ الحق جي جبر جو نشانو بڻيو. هن جمھوريت جي بحاليءَ واري تحريڪ (MRD) ۾ نمايان ۽ اڳواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو. 1988ع ۾ پاڪستاني سياست جو وايومنڊل تبديل ٿيو ۽ ڊگهي عرصي کان پوءِ ملڪ ۾ سياسي بنيادن تي چونڊون ڪرايون ويون. هنن چونڊن ۾ سيد قائم علي شاھہ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. محترمہ بينظير ڀٽو کيس سنڌ جو وزيراعليٰ مقرر ڪيو ۽ هن 2 ڊسمبر 1988ع تي وڏي وزير جي عھدي جو حلف کنيو، پر بدقسمتيءَ سان ان عرصي ۾ سنڌ اندر بدامني عروج تي رهي، خاص ڪري ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ لساني فسادن دوران ڪيتريون جانيون ضايع ٿيون ۽ ڪيترا گهر اُجڙيا. محترمہ بينظير ڀٽو، سيد قائم علي شاھہ کان وڏ وزارت جو عھدو واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هن 25 فبروري 1990ع تي پارٽيءَ جي سربراھہ کي مان ڏيندي، وزيراعليٰ سنڌ جي عهدي تان استعيفا ڏني. محترمہ بينظير ڀٽو جي دردناڪ شهادت کانپوءِ 2008ع جي چونڊن ۾ سيد قائم علي شاھہ صوبائي اسيمبلي سنڌ جو ميمبر چونڊجي آيو ۽ 6 اپريل 2008ع تي ٻيو ڀيرو سنڌ جو وزيراعليٰ منتخب ٿيو. 2013ع وارين چونڊن جي نتيجـي ۾ صـوبائي اسيمبليءَ جو مـيمـبر چـونڊجڻ کانپوءِ 30 مئي 2013ع تي ڪابينا مان حلف کڻي ٽيون ڀيرو سنڌ جو وزيراعليٰ منتخب ڪيو ويو. سيد قائم علي شاھہ جو شمار پيپلز پارٽيءَ جي بنيادي ميمبرن ۽ شھيد ڀُٽي جي ويجهن ساٿين ۾ ٿئي ٿو. سيد قائم علي شاھہ پھريون ڀيرو 1973ع کان 1977ع تائين، ٻيو ڀيرو 1987ع کان 1997ع تائين ۽ ٽيون ڀيرو 2004ع کان اڄ تائين پ پ سنڌ جو صدر رهندو آيو آهي، جيڪو پارٽيءَ جي تاريخ جو هڪ رڪارڊ آهي. سيد قائم علي شاھہ کي چئن پٽن ۽ اٺن نياڻين جو اولاد آهي. سندس پھرين شادي ننڍپڻ ۾ خاندان مان ٿي هئي. ٻي شادي نامور قانوندان اي. ڪي. بروهيءَ جي ڀيڻ حُسن افروز سان ٿي، جيڪا 1970ع ڌاري وفات ڪري وئي. ڪجهہ سالن کان پوءِ سندس پھرين گهر واري بہ گذاري وئي تہ خاندان جي بيحد اصرار تي سيد صاحب ٽين شادي ڪئي. سيد قائم علي شاھہ جي نياڻي سيده نفيسه شاھہ سياسي ۽ سماجي اڳواڻ، صحافي ۽ ليکڪا هئڻ سان گڏ هن وقت نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊيولپمينٽ (NCHD) جي چيئرپرسن آهي. هن ’ڪاروڪاريءَ‘ جي موضوع تي پي. ايڇ. ڊي پڻ ڪئي آهي ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان اعليٰ تعليم حاصل ڪئي آهي. هوءَ گذريل دور ۾ ضلعي خيرپور جي ناظمه بہ رهي چڪي آهي. سـيد قائـم عـلـي شاھہ جون ٻہ نياڻيون ڊاڪـٽر نـصـرت شـاھہ ۽ ڊاڪٽر نگهت شاھہ گائنوڪالاجسٽ آهن. سندس هڪ ڌيءَ ناهيد شاھہ، سول سروس ۾ اعليٰ عھدي تي آهي. هوءَ سيڪريٽري تعليم بہ رهي چڪي آهي. سندس مڙس اقبال دراني صاحب سيڪريٽري سروس ۽ ٻين ڪيترن اهم ادارن جو سيڪريٽري رهي چڪو آهي. سيد قائم علي شاھہ جي پٽن مان اسد علي شاھہ، پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف چارٽرڊ اڪائونٽنٽ (ICAP) جو صدر ۽ ڪجهہ بين الاقوامي ادارن جو ميمبر پڻ رهيو آهي. ڊاڪٽر لياقت علي شاھہ اکين جو ماهر ۽ مظفر علي شاھہ زراعت ۽ زمينداريءَ سان لاڳاپيل آهي، جڏهن تہ افضل شاھہ سائنسدان جي حيثيت سان آمريڪا ۾ رهائش پذير آهي.
1933.09.13 عيسوي
سنڌ جو ٽي ڀيرا وڏو وزير رهندڙ، ناميارو قانوندان ۽ نامور سياستدان، سيد قائم علي شاهه، 13 سيپٽمبر 1933ع تي خيرپورميرس ۾، سيد رمضان علي شاهه جيلانيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو.