قادر بخش طالباڻي

قادر بخش طالباڻي

قادر بخش طالباڻي

قادر بخش طالباڻي: قادر بخش طالباڻي 6 مئي 1940ع تي، آمري، تعلقي ڪوٽڙي (هاڻوڪي مانجهند) ضلعي دادوءَ (هاڻوڪي ڄام شوري) ۾ احمد خان طالباڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد بہ استاد هو. هن گريجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪئي. هن پنھنجي عملي زندگيءَ جو آغاز 1956ع ۾ پرائمري استاد طور ڪيو. جنھن دور ۾ جان محمد جمالي ۽ ٻين گڏجي پرائمري استادن جي تنظيم آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ائسوسيئيشن (پ. ٽ. الف) جو بنياد وڌو تہ هن ان ۾ سرگرم ٿي حصو ورتو. استادن جي جائز مسئلن جي حل لاءِ 1985ع ۾ بک هڙتال ڪرڻ تي، ڪجهہ استادن سان گڏ هن جي بہ نوڪري ختم ڪئي وئي، جيڪا بينظير ڀٽو جي پھرئين حڪومتي دور ۾ ٻيھر بحال ٿي. هو 1994ع کان 1996ع تائين ۽ 1997ع کان 1999ع تائين ٻہ ڀيرا پ. ٽ. الف جو مرڪزي صدر ٿي رهيو ۽ استادن جي حقن لاءِ جدوجھد ڪندو رهيو. ڪامريڊ عزيز سلام بخاريءَ جي صحبت ۾ رهڻ ڪري ڪجهہ عرصو ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ بہ شامل رهيو. قادر بخش طالباڻي تعليم جي موضوع تي لاتعداد مضمون لکيا، جيڪي ’عبرت‘ ۽ ٻين اخبارن ۾ ڇپجندا رهيا. سندس لکڻين جو مُکيه موضوع سنڌ جي تعليم ئي رهيو. 1999ع ۾ تعليم کاتي مان رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ سجاڳي پبليڪيشن جو بنياد وجهي ڪيترن ئي اديبن جا ڪتاب شايع ڪرايائين، جن ۾ سيد اڪبر شاھہ، قاسم پٿر،رسول بخش درس'> رسول بخش درس، عطا محمد ڀنڀري، ڪامريڊ باقر سنائي، عبدالرشيد لغاري ۽ ٻين بابت ڪتاب اچي وڃن ٿا. ان کانسواءِ پاڻ ’کاهوڙي کرا‘ جي نالي سان ڪتاب ڇپايائين، جنھن ۾ پ ٽ الف، استادن ۽ استاد جدوجھد جو احوال آهي. هن سجاڳي ڪتاب گهر بہ قائم ڪيو، جيڪو وڏي عرصي تائين علمي، ادبي سرگرمين جو مرڪز پڻ رهيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: سارون ۽ سنڀارون (سيد اڪبر ۽ دوستن جا خط: 2005ع)، هيرن جهڙو ماڻهو: سيد اڪبر (ترتيب: 2009ع)، ڏکيا سُکيا ڏينھڙا (آتم ڪٿا: 2015ع) شامل آهن. قادربخش طالباڻي 11 نومبر 2025ع تي ڪوٽڙي ۾ وفات ڪئي.


لفظ قادر بخش طالباڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1940.05.06  عيسوي

قادر بخش طالباڻي 6 مئي 1940ع تي، آمري، تعلقي ڪوٽڙي (هاڻوڪي مانجهند) ضلعي دادوءَ (هاڻوڪي ڄام شوري) ۾ احمد خان طالباڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.


2025.11.11  عيسوي

قادربخش طالباڻي 11 نومبر 2025ع تي ڪوٽڙي ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ضمير مرزا زرقي
ٻاگهل ٻائي
چنا محمد عالم
پير شاھہ قادري بديڻائي
سيد خيرالدين گيلاني
عثمان راهوڪڙو
الاهي بخش ٻانڀڻ
چنيسر3
عبدالڪريم ميربحر
شيخ علي سيوستاني
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون