
ڊاڪٽر قادر بخش مگسي
قادر بخش مگسي، ڊاڪٽر: قادر بخش ولد حاجي الھه بخش ’فقير‘ مگسيءَ جو جنم پھرين جنوري 1959ع تي ڳوٺ نانگي شاھہ، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ٿيو. بي. اي، ايم. اي (سنڌي)، بي. ايڊ ۽ ايم. ايڊ جون ڊگريون سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان حاصل ڪيائين. 2009ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ’خليفي نبي بخش ’قاسم‘ جي شاعريءَ‘ جي عنوان تي تحقيقي مقالو لکي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين. ھن عملي زندگيءَ جي شروعات 1979ع ڌاري ھاءِ اسڪول جهرڪ ۾ استاد جي حيثيت سان ڪئي. 1982ع ۾ ايڇ. ايس ٽي ۽ 1991ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ليڪچرر مقرر ٿيو.2014ع ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر جي حيثيت ۾ ٽن سالن تائين گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سجاول جي پرنسپال طور ذميواريون نڀائڻ کانپوءِ 31 ڊسمبر 2018ع تي رٽائرڊ ٿيو. ھن ٽنڊي محمد خان ۾ ’ڪراڙ پبليڪيشن‘ نالي ھڪ ادارو قائم ڪيو، جنھن اداري طرفان سندس پھريون ترتيب ڏنل ڪتاب ’ڏوٿي سا ڏورين‘ (1986ع)، شعري مجموعو ’پڙاڏن پٺيان‘ (’حاتم‘ مگسي جي تخلص سان، 1987ع)، ’رهيو روح رباب‘ ۽ ’خانہ بدوش روح جي ڪٿا‘ ڇپيا. سندس ٻين ڇپيل ڪتابن ۾: ترتيبوار ’احمد فقير مستان جي مزاحيہ شاعري‘ (ترتيب: 2009ع)، ’لڳي وئي لات تون ئي تون‘ (ترتيب: 2010ع)، ’ڪجلاسر تي شام‘ (سفرنامو: 2014ع)، ’خليفي نبي بخش قاسم جي سرائڪي ٻوليءَ ۾ مثنوي‘ (داستان، سسئي پنھون: 2015ع)، ’خليفي نبي بخش قاسم جي شاعراڻي عظمت‘ (ترتيب: 2015ع)، ’جهروڪن مان جهاتيون‘ (ترتيب: 2021ع)، ’نفيس احساسن جو مصور شاعر خليفو نبي بخش ’قاسم‘ (2022ع)، ’احمد فقير مستان جو ڪلام‘ (تحقيق ۽ ترتيب: 2022ع)، ’رنگريز هڪڙو هو، سو هليو ويو‘ (ترتيب: 2022ع)، ’مون لھه لڳو تن سان‘ (ترتيب: 2023ع) ’کرڙيءَ جي جنگ جا نامور شھيد (تحقيق: 2023ع) ۽ ’سِجان چِٽا سپرين‘ (ترتيب: 2024ع)، ’سر سُڃومَ ٿئي‘ (ترتيب: 2024ع) ۽ ’مغربي تنقيد جي اوسر‘ غلام حسين رنگريز (ترتيب: 2024ع) شامل آهن.
1959.01.01 عيسوي
قادر بخش ولد حاجي الھه بخش ’فقير‘ مگسيءَ جو جنم پھرين جنوري 1959ع تي ڳوٺ نانگي شاهه، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ٿيو.