ڊاڪٽر قادر مگسي

ڊاڪٽر قادر مگسي

قادر مگسي ڊاڪٽر

قادر مگسي، ڊاڪٽر (سياسي اڳواڻ): ڊاڪٽر قادر مگسي 25 ڊسمبر 1962ع تي جيئند خان مگسيءَ جي گهر، ٺٽي شھر جي کير بازار ۾ جنم ورتو. سندس والد شروع ۾ زمينداري ڪندو هو، پوءِ رازڪو ڪم بہ ڪيائين. ڊاڪٽر قادر مگسيءَ جو ڏاڏو مريد خان مگسي انگريز مخالف ويڙهاڪ هو. قادر مگسي سنڌي تعليم ٺٽي شھر جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول مان، ميٽرڪ ٺٽي جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول مان 1978ع ۾ فرسٽ ڊويزن ۾، 1980ع ڌاري ٺٽي جي ڊگري ڪاليج مان انٽر سائنس جو امتحان پڻ فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيائين. 1981ع ڌاري لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄام شوري ۾ داخلا ورتائين ۽ اتان ئي قومي سياست جي شروعات ڪيائين. ڊاڪٽر قادر مگسي 1982ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄام شوري ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو ميمبر ٿيو. ان دوران 1983ع ۽ 1984ع جا ٻہ سال جيل ۾ بہ رهيو. 30 سيپٽمبر 1988ع جي وڳوڙن دؤران مٿس ڪيترائي ڪيس داخل ٿيا، جنھن سبب ڪيترو وقت روپوشي ۽ پوءِ جيل ۾ پڻ رهيو. 1989ع ۾ الڳ پارٽي جوڙڻ لاءِ ڪوششون ورتائين. 19 مئي 1990ع تي ڊاڪٽر قاضي همايون سان گڏ گرفتار ڪيو ويو. سندس گرفتاري خلاف سنڌ ۾ احتجاج بہ ٿيا.
ڊاڪٽر قادر مگسي پنھنجي ساٿين سميت مختلف وقتن تي نارا جيل حيدرآباد، سينٽرل جيل حيدرآباد، لاڙڪاڻو جيل، ڪراچي سينٽرل جيل ۽ لانڍي جيل ڪراچيءَ ۾ ساڍا 6 سال قيد رهيو ۽ ميڊيڪل جا امتحان پڻ جيل مان ئي ڏنائين. 21 مارچ 1991ع تي جيل ۾ رهڻ دوران جيئي سنڌ ترقي پسند ونگ جو بنياد وڌائين، جنھن کي اڳتي هلي جيئي سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جو نالو ڏنو ويو، بعد ۾ پارٽيءَ جو نالو سنڌ ترقي پسند پارٽي رکيو ويو. جنھن جو پاڻ لاڳيتو چيئرمين رهندو اچي ۽ هن وقت بہ چيئرمين آهي. ڊاڪٽر قادر مگسي مختلف سياسي اتحادن جو حصو بہ رهيو، جن ۾: سنڌ قومي اتحاد، يونائيٽيڊ نيشنل الائنس، آل پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ، ’پونم‘ شامل آهي. پارٽيءَ طرفان هر سال 23 مارچ تي ’يوم مادر وطن‘ جي نالي سان ڏهاڙو پڻ ملهايو ويندو آهي، ڊاڪٽر قادر مگسي هن وقت قاسم آباد حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.12.25  عيسوي

ڊاڪٽر قادر مگسي 25 ڊسمبر 1962ع تي جيئند خان مگسيءَ جي گهر، ٺٽي شھر جي کير بازار ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

برڪلي
صدرالدين ميمڻ
راڌا ڪرشنا ڊاڪٽر
آريسر واھي فقير
انور علي عباسي
حنيف رامي
سنت هريداس
آخوند احمد سانوڻي ھالائي
دلدار عباسي
قادر بخش مٺو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون