قاسم پٿر

قاسم پٿر

قاسم پٿر

قاسم پٿر: ’پٿر سنڌيءَ‘ جو اصل نالو محمد قاسم هو ۽ سندس والد عبدالرحيم ميمڻ هو. هي جنوري 1960ع ڌاري ڳوٺ ڪاٺوڙ، تعلقي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو. بي. اي تائين تعليم پرايائين. سنڌي عوامي تحريڪ ۾ سرگرم رهيو. 1973ع ۾ عـوامـي تحـريـڪ جي رسـالـي ’تحريڪ‘ جو ايڊيٽر ٿيو. اڳتي هلي هـن ’سنـڌي عـوامي تحريڪ‘ توڙي ’تحريڪ‘ رسالي کان علحدگي اختيار ڪئي. پٿر سنڌيءَ جي تصنيـفن ۾ ’ســاڻيـھہ‘، ’رت ۽ غلامي‘ (ڪھاڻيون) (جيولس فيوچڪ جي ڊائريءَ جون قسطون: ترجمو)، ’ادب ڪي نام پر‘ (مـرحـوم رشيد احمد لاشاريءَ جي ترقي پسند ادب خلاف لکيل ڪتاب ’ادب ڪي آڙ‘ جو جواب) ۽ ’شاھہ جي شاعريءَ جو عوامي پھلو‘ (لطيفيات) شامل آهن. پاڻ جيئي سنڌ محاذ جو مرڪزي اڳواڻ بہ رهيو. هن 18 ڊسمبر 2007ع تي وفات ڪئي. قاسم پٿر جي وفات کان پوءِ سندس زندگيءَ تي هڪ ڪتاب ’ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا‘ جي نالي سان ڊاڪٽر محمد علي مانجهي (ترتيب، 2008ع) ڇپائي پڌرو ڪيو.


لفظ قاسم پٿرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو