قاضي فضل الله

قاضي فضل الله

قاضي فضل ﷲ

قاضي فضل : قاضي فضل ﷲ جو جنم تاريخ 15 جنوري 1902ع تي هاڻوڪي ضلعي نوشھري فيروز ۾ ٿيو. مئٽرڪ 1920ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ مان پاس ڪيائين. ان بعد اعليٰ تعليم لاءِ علي ڳڙھہ ڪاليج ۾ داخل ٿيو، پر اتي مختلف سياسي تحريڪن، لڳاتار بائيڪاٽ ۽ تعليمي ماحول ۾ رخني پوڻ سبب پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي، مولانا محمد علي جوهر جي نگرانيءَ ۾ هلندڙ اداري جامع مليه ۾ داخل ٿيو. سياسي حوالي سان مولانا جوهر کان گهڻو متاثر ٿيو. سندس حڪم تي ٺٽي اچي خلافت تحريڪ جو ڪم ڪرڻ لڳو ۽ مسلسل ٽي سال ٺٽي ۾رهيو. ان کان پوءِ کيس حاجي عبدالله هارون خلافت تحريڪ جي صدر جي حيثيت ۾ کيس ميڪلوڊ روڊ ڪراچيءَ ۾ قائم ڪيل سياسي دفتر جو انچارج مقرر ڪيو. ڪجهہ سال سياسي سرگرميءَ سبب سندس تعليم متاثر ٿي، ان کان پوءِ 1923ع ۾ ٻيھر تعليم شروع ڪيائين. 1925ع ۾ حيدرآباد مان انٽر آرٽس ۾ ۽ 1927ع ۾ ڊي. جي ڪاليج ڪراچيءَ مان بي. اي پاس ڪيائين. 1929ع ۾ شھاڻي لا ڪاليج ڪراچيءَ مان ايل. ايل بي جي ڊگري وٺي، 1930ع ۾ حيدرآباد اچي پريڪٽس شروع ڪيائين. پريڪٽس مڪمل ڪرڻ بعد لاڙڪاڻي موٽي ويو ۽ 30 مارچ 1931ع تي وڪالت شروع ڪيائين. لاڙڪاڻي ۾ رهڻ دوران ڪانگريس ۾ شامل ٿيو. هن لاڙڪاڻي جي سياسي حلقن ۾ چڱي حيثيت ٺاهي هئي. 1934ع ۾ لاڙڪاڻي ميونسپل ڪميٽيءَ جي اليڪشن ٿي تہ ٻن سيٽن تي ڪامياب ٿيو. پوءِ جلد ڊسٽرڪٽ اسڪول بورڊ لاڙڪاڻي جو چيئرمين ۽ 1945ع ۾ لوڪل بورڊ ضلعي لاڙڪاڻي جو صدر چونڊيو ويو.
25 ڊسمبر 1936ع تي ٿيل سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي ڀرپور حمايت ڪيائين، جيڪو سر شاهنواز ڀُٽي جي مقابلي ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1940ع ۾ مذهبي وڳوڙن دوران سکر ويندي، رڪ اسٽيشن تي کيس گرفتار ڪيو ويو.
سال 1946ع ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ پاڻ ڏوڪري ۽ وارھہ تڪ تان سنڌ اسيمبليءَ لاءِ ميمبر منتخب ٿيو ۽ ساڳي وقت پارليامينٽري سيڪريٽري مقرر ٿيو. پاڪستان جي قيام کان پوءِ محمد ايوب کهڙي جي وڏ وزارت ۾ کيس روينيو واري وزارت جو قلمدان مليو. 1950ع ۾ ڪجهه وقت لاءِ سنڌ جو وزير اعليٰ بہ رهيو. 1951ع ۾ محمد ايوب کھڙي جي حق ۾ وڏ وزارت تان دستبردار ٿي گهرو وزير مقرر ٿيو.
محمد ايوب کھڙي کان پوءِ جڏهن پير الاهي بخش وزير اعليٰ ٿيو پر، جي. ايم سيد سان 1946ع چونڊن ۾ ڪيل ڌانڌلين سبب ٽربيونل کيس ان عھدي تان لاهي ڇڏيو، جنھن کان پوءِ اليڪشن ٿي، جنھن ۾ يوسف هارون سنڌ جو وزير اعليٰ چونڊيو ويو، جنھن هن کي گهرو وزير مقرر ڪيو. جڏهن يوسف هارون استعيفيٰ ڏئي هاءِ ڪمشنر طور آسٽريليا ويو تہ هِن کي بنا مقابلي سنڌ جو وزير اعليٰ چونڊيو ويو. پاڻ 1952ع ۾ استعيفيٰ ڏئي محمد ايوب کھڙي لاءِ وڏ وزارت جي سيٽ خالي ڪيائين، پر جڏهن ون يونٽ جي حمايت جي پسمنظر ۾کھڙي کي وڏ وزارت ملي. تڏهن ساڻس اختلاف ٿي پيا، جنھن سبب کيس ٻہ ڀيرا جيل موڪليو ويو.
1956ع واري اليڪشن ۾ هو ٻن تڪن ٺٽي ۽ لاڙڪاڻي مان چونڊجي آيو، بعد ۾ ٺٽي واري سيٽ خالي ڪري فقط لاڙڪاڻي واري سيٽ تان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو ۽ ٽن سالن تائين آبپاشي کاتي جو وزير رهيو. ان عرصي ۾ ايوب خان جي مارشل لا لڳي ۽ هڪ سؤ سياستدانن سان گڏ هن کي بہ ايبڊو ۾ آڻي سياست مان خارج ڪيو ويو. ايبڊو جو مدو پورو ٿيڻ کان پوءِ ايوب خان جي دؤر ۾ گهرو وزير ٿيو ۽ يحيٰ خان جي مارشل لا تائين ان عھدي تي رهيو. 1970ع واري اليڪشن ۾ هو قومي اسيمبليءَ لاءِ اميدوار بيٺو پر ڪامياب ٿي نہ سگهيو، 1981ع کان 1984ع تائين جنرل ضياءَ جي دؤر ۾ وفاقي مجلس شوريٰ جو ميمبر رهيو. هن 24 جون 1987ع تي وفات ڪئي.


لفظ قاضي فضل ﷲھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1902.01.15  عيسوي

قاضي فضل الله جو جنم تاريخ 15 جنوري 1902ع تي هاڻوڪي ضلعي نوشھري فيروز ۾ ٿيو.


1987.06.24  عيسوي

قاضي فضل الله 24 جون 1987ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالحليم غفاري علامہ
اسماعيل فقير ڏيرو
روچلداس ڊاڪٽر
جان نثار خان
ڀٽي نظام الدين
حاجي محمد عظيم اعواڻ
رئيس بروهي
جارج واشنگٽن
ڀائي ڪيشورام
ايڊورڊ سعيد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون