
قاضي محمد اڪبر
قاضي محمد اڪبر: قاضي محمد اڪبر سيوهڻ جي عباسي خاندان جي مشھور شخصيت حڪيم قاضي عبدالقيوم جي گهر ۾ 10 آڪٽوبر 1910ع تي جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم سيوهڻ مان ورتي، جنھن کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ کڏي واري مشھور ديني درسگاھہ ’مظھر العلوم‘ ۾ عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪيائين. وڌيڪ تعيلم علي ڳڙھہ مان حاصل ڪيائين. حيدرآباد مان سياست جي شروعات ڪندڙ قاضي محمد اڪبر 1931ع ۾ حيدرآباد ميونسپل جو 10 ورهين لاءِ صدر ٿيو. پاڻ مسلم ايجوڪيشن سوسائٽيءَ جو پھريون سيڪريٽري ۽ پوءِ ان جي چيئرمين طور خدمتون سرانجام ڏنائين. حيدرآباد ۾ نور محمد هاءِ اسڪول، مسلم ڪاليج ۽ لا ڪاليج کي ترقي ڏيارڻ ۾ سندس نگرانيءَ ۽ نظرداريءَ جو وڏو عمل دخل رهيو. حيدرآباد ۾ نياڻين جي تعليم جي حوالي سان ٻھراڙين جي شاگردياڻين کي رهائش جي سھولت لاءِ گرلز هاسٽل ٺھرايائين. خاڪسار تحريڪ ۾ بہ حصو ورتائين. علامہ مشرقيءَ جو پيروڪار ٿيو ۽ مسلم ليگ جو بہ ميمبر بڻيو. قاضي اڪبر 1938ع ۾ پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح سان ڪراچيءَ ۾ ملاقات ڪئي. 1945ع ۾ مسلم ليگ نيشنل گارڊ جو سالار مقرر ٿيو ۽ نيشنل گارڊ جي سالار جي حيثيت ۾ قائد اعظم سان گڏ سڄي هندستان جي دوري ۾ شريڪ رهيو. هن 1946ع جي چونڊن ۾ جي. ايم سيد سان مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تان مقابلو ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي، کيس سنڌ اسيمبليءَ ۾ چيف پارلياماني سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. اڳتي هلي جي. ايم سيد جي پٽيشن تي چونڊن ۾ ڌانڌلي ثابت ٿيڻ تي کيس ۽ پير الاهي بخش کي 1952ع ۾ نااهل قرار ڏنو ويو. پاڻ مسلم ليگ جي مرڪزي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ جو ميمبر بہ رهيو. 1952ع ۾ ڪينٽونمينٽ بورڊ حيدرآباد جو نائب صدر چونڊيو ويو. 1952ع ۾ مير رسول بخش ٽالپر جهڙي مقبول شخصيت کي شڪست ڏئي، هڪ ڀيرو ٻيھر حيدرآباد ميونسپالٽيءَ جو صدر بڻيو. 11 ڊسمبر 1954ع تي ون يونٽ جي حمايت ۾ 98 ميمبرن سان گڏ ووٽ وڌائين.
1953ع ۾ بنا مقابلي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر بڻيو ۽ کيس صوبائي وزارت جو قلمدان ڏنو ويو. پاڻ سنڌ جي ٻن وڏن وزيرن قاضي عبدالستار پيرزادي ۽ محمد ايوب کھڙي جي وڏ وزارتن ۾ تعليم، خزاني، اطلاعات ۽ گهرو کاتي جو وزير رهيو. 1969ع ۾ جي. ايم سيد جي قائم ڪيل ’سنڌ متحدہ محاذ‘ ۾ شامل ٿيو. قاضي اڪبر 1958ع ۾ ’عبرت اخبار‘ جو بنياد وڌو. 1976ع ۾ ’سنڌ نيوز‘ حيدرآباد جاري ڪيائين. سنڌ جي سياست ۾ عبرت اخبار جو اهم ڪردار رهيو. چوٿين مارچ 1967ع جي سانحي تي واحد سنڌي اخبار هئي جنھن ايڊيٽوريل لکيو هو. 1970ع جي عام چونڊن ۾ مسلم ليگ ڪائونسل جي ٽڪيٽ تان حيدرآباد ۽ ٽنڊي محمد خان واري تڪ تان قومي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ بيٺو پر پيپلز پارٽيءَ جي اميدوار مير خان ٽالپر'>اعجاز علي خان ٽالپر کان هارائي ويو.
1975ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومتي دؤر ۾، پورچوگال ۾ پاڪستان جي سفير طور خدمتون سر انجام ڏنائين. ان کان اڳ سنڌ ۾ سنڌي ڪتابن ۽ رسالن تي بندش وجهڻ کان پوءِ سنڌ سرڪار کيس هڪ ڪميٽيءَ جو چيئرمين مقرر ڪيو. جنھن ۾ سنڌي رسالن ۽ ڪتابن بابت ڪيترو وقت ڪارروائي هلندي رهي. قاضي محمد اڪبر 13 فيبروري 1979ع تي وفات ڪئي.