قاضي محمد جعفري ٺٽوي: جعفري ٺٽوي '>قاضي محمد جعفري ٺٽوي پنھنجي وقت جي مشھور عالمن مان هو. اُچ ۽ ملتان ۾ فسادن سبب اچ مان بکر آيو ۽ ان کان پوءِ ٺٽي جو قاضي مقرر ٿيو. هن کي ديني علمن ۾ وڏي مھارت حاصل هئي ۽ مقدمن جا فيصلا وڏي انصاف ۽ احتياط سان ڪندو هو. مرزا عيسيٰ ترخان جي ابتدائي دور ۾ وفات ڪيائين. قاضي محمد ٺٽوي، حضرت جعفر طيار بن ابي طالب عليہ السلام جي اولاد مان هو. سندس اصل وطن هرات هو. ڄام نظام الدين سمي جي زماني ۾ جڏهن ميران محمد مھدي جونپوري ٺٽي ۾ آيو، تڏهن ان وقت جي عالمن ان جي تڪفير جي فتويٰ جاري ڪئي، پر قاضي محمد ان کي رد ڪري ڇڏيو. قاضي محمد اچ مان بکر آيو هو، تنھنڪري ’اچي‘ نالي سان مشھور هو. قاضي شڪر ﷲ ۽ قاضي محمد اصل هرات جا هئا. انھيءَ ڪري قاضي شڪر الله، جنھن جو تعلق پڻ هرات سان هو، جي سفارش تي ميرزا شاھہ حسن بيگ ارغون، قاضي محمد کي، قاضيءَ جو عھدو ڏنو. سندس اولاد پڻ وڏن وڏن عھدن تي فائز هو. قاضي محمد ٺٽوي 964 ھہ/1556ع ۾ وفات ڪئي. سندس قبر مڪليءَ تي آهي.