قبول ابڙو

قبول ابڙو

قبول ابڙو

قبول ابڙو: قبول ابڙو پھرين جولائي 1948ع تي، ڳوٺ شاھہ قُلي پور، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. سندس والد محبوب ابڙو حڪيم هو. قبول ابڙي اعليٰ ثانوي تعليم ڳڙهي ياسين، شڪارپور ۽ سکر مان حاصل ڪئي، ان کان پوءِ ڪجهہ عرصو هاءِ اسڪول سکر ۾ استاد رهيو. بعد ۾ نوڪري ڇڏي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ لاءِ ويو، جتان 1974ع ۾ ايم. اي (رياضي) جي ڊگري حاصل ڪيائين. ڪجهہ عرصو ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ۾ پڙهائڻ کانپوءِ 1980ع ۾ ڪراچيءَ جي پلاننگ ۽ ڊيولپمنٽ کاتي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو، جتان ترقي ڪندي (E.O.B.I (Employees Old Age Benefits Institution ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي عھدي تان رٽائرڊ ڪيائين.شروع ۾ سندس ڪجهہ ترجما ماهوار سھڻي ۾ ’امر سنڌي‘ جي فرضي نالي سان ڇپيا. ان بعد ڪھاڻين، ناول، ترجمي ۽ تحقيق جي موضوع تي سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيا، جن ۾: ’شڪر آ مڙس تہ مليو‘ (ترجمو: 1973ع)، ’۽ سنڌو وهندو رهيو‘ (ڪھاڻيون: 1984ع)، ’ڊنل اکين جا خواب‘ (ناول: 1987ع)، ’ڌرتيءَ جي جنگ‘ (ناول: 1987ع)، ’جيون جيون سُڏڪا سُڏڪا‘ (ناول)، ’ٽڪنڊو‘ (ناول: 1993ع)،’مون کي مڙس نہ کپي‘ (ترجمو)، ’رات جو ٻارهين وڳي‘ (ڪھاڻيون)، ’پنھنجي گهر ۾ اجنبي‘ (ناول)، ’دل جا زخم‘ (ناول)، ’رت جا داغ‘ (ناول)، ’ڪُنواري ماءُ‘ (ناول)، ’سنڌين جو مستقبل ڇا ٿيندو‘ (تحقيق)، ’رٽائرڊ‘ (تحقيق)، ’سنڌين ۾ بيروزگاري ڇو؟‘ (تحقيق) شامل آهن. کيس ڪتاب ’۽ سنڌو وهندو رهيو‘ تي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ پاران 1984ع ۾ سال جي بھترين ڪتاب جو ايوارڊ پڻ مليو. 1980ع ۾، ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير ٿيو. جتي هن 16 ڊسمبر 2013ع تي وفات ڪيائين. کيس ڪراچيءَ جي D.H.A قبرستان ۾ دفنايو ويو.


لفظ قبول ابڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.07.01  عيسوي

قبول ابڙو پھرين جولائي 1948ع تي، ڳوٺ شاهه قُلي پور، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.


2013.12.16  عيسوي

قبول ابڙو 16 ڊسمبر 2013ع تي وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ جي D.H.A قبرستان ۾ دفنايو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راڻي آتمارام گدواڻي
شورو سڪندر علي ڊاڪٽر
بابا نيڀراڄ
ڊاڪٽر ڊرئگو
حافظ مولوي عبدالحميد ڀٽي
تاج الدين بن زڪريا شيخ
حاجي امام بخش چانڊو
حاجي شفيع محمد مسجدي
شمس الدين شيخ ڊاڪٽر
دليپ ڪمار
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون