
خاصخيلي قربان علي
قربان علي خاصخيلي : صوفي قربان علي، 1919ع ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم پنھنجي اباڻي ڳوٺ مان، فائينل بوزدار وڏا مان پاس ڪري 1938ع ۾ استاد مقرر ٿيو. پاڻ علم ۾ عربي، فارسي ۽ اردو جو ماهر استاد هو. ٻارن کي وڏي دلچسپي ۽ لڳاءُ سان پڙهائيندو هو. اسڪول وقت کانپوءِ عام ڀلائي جا ڪم عوام ۽ ڳوٺ جا مسئلا کڻي آفيسن ۾ وڃي حل ڪرائيندو هو. هن پنھنجي ڳوٺ ۾ ڇوڪرن لاءِ پرائمري اسڪول، نياڻين لاءِ پرائمري ۽ مڊل اسڪول قائم ڪرايا. پاڻ صوفي ازم ۽ تصوف جو وڏو قائل هو، سندس رابطا سنڌ جي وڏين درسگاهن ۽ درگاهن سان هوندا هئا. هن 1983ع ۾ ’صوفي ساڃاھہ‘ ڪتاب لکيو، جيڪو انهيءَ سال جمال الدين مومن ڇپائي پڌرو ڪيو. ادارہ ادبيات اسلام آباد مان هن لاءِ 5000 روپيا ماهوار وظيفو مقرر ٿيو، جيڪو اڃان تائين هلندو اچي ٿو. سندس ڪتاب تصوف جي ڳوڙهي عنوان تي بھترين ڪتاب آهي. کيس سنڌ جي تاريخ ياد هوندي هئي. پاڻ محفلن جو مور ۽ ڪچهرين جو ڪوڏيو ۽ تصوف جو وڏو ڄاڻو هو. سندس ڪيتري ئي شاعري قلمي صورت ۾ پونئرن وٽ موجود آهي ۽ ڪيترائي ناياب ڪتاب پڻ قلمي صورت ۾ سندس پونئرن وٽ پيل آهن. سندس ٻيو ڪتاب ’سورائتي سنڌ‘ استاد جي وفات کانپوءِ 1993ع ۾ جماالدين مومن ڇپايو. جيڪو ڪتاب سنڌ جي تاريخ ۽ شاھہ جي ستن سورمين تي مشتمل آهي. سندس شاعري ۾ تصوف جو گهرو رنگ رچيل آهي. استاد سڄي عمر ڪتابن سان نينھن رکيو. خاصخيلي برادري جي ترقيءَ لاءِ گهڻو پتوڙيائين. استاد قربان علي 4 نومبر 1991ع تي وفات ڪئي.