قربان علي عباسي

قربان علي عباسي

قربان علي عباسي

قربان علي عباسي : نامور سماج سڌارڪ ۽ سياستدان قربان علي عباسي، 20 سيپٽمبر 1942ع تي ڳوٺ ٻيڙي چانڊيي، تعلقي ۽ ضلعي قنبر- شھدادڪوٽ جي هڪ زميندار گهراڻي ۾ ڄائو. سندس خاندان 1949ع ۾ ڳوٺ ٻيڙو چانڊيو مان لڏي شھر لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير ٿيو، جتي هن پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ شھر جي هڪ ديني مدرسي مان قرآن مجيد جي تعليم حاصل ڪئي. هن مئٽرڪ 1962ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪئي. هي ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران سياسي ۽ سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهيو. ڪاليج ۾ شاگرد يونين جو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ نائب صدر پڻ رهيو. 1967ع ۾ جڏهن پيپلز پارٽيءَ جو بنياد پيو تہ ان ۾ شامل ٿيو. اڳتي هلي پ پ پ کي الوداع ڪري مسلم ليگ (ن) ۾ شامل ٿيو. هي 1983ع کان 1987ع تائين لاڙڪاڻي ميونسپل ڪاميٽيءَ جو چيئرمين رهيو. 8 ڊسمبر 1990ع کان 1993ع تائين لاڙڪاڻي ميونسپل جو ايڊمنسٽريٽر رهيو. انهيءَ دوران هن ڪيترا ترقياتي ڪم ڪرايا. ادارن ۾ سياسي مداخلت خلاف آواز اٿاريو. ادارن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ جدوجھد ڪئي. هي هن وقت لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.09.20  عيسوي

قربان علي عباسي، 20 سيپٽمبر 1942ع تي ڳوٺ ٻيڙي چانڊيي، تعلقي ۽ ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ جي هڪ زميندار گهراڻي ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

غلام علي ميمڻ
بروهي
ڄام فتح خان
حاجي بھرام عرف حاجي بهران
ابراهيم بن محمد صلي ﷲ عليہ وسلم
ساقي هالائي
الحاج سيد حاجي عبدالرحيم شاھہ
ٿيوڊر روز ويلٽ
سنڀو مل هميراڻي
پيرزادو زاهد حسين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون