لانگاهه

لانگاهه (ذات): ملتان، مظفر ڳڙهه، شاهپور ۽ ڊيره غازي خان ضلعن ۾ زراعت ڪندڙن جو هڪ قبيلو. جيڪي واپار جي مقصد سان سيوي ۽ ڌاڌر کان ملتان لڏي آيا ۽ وقت گذرڻ سان رپڙي ۽ ان جي آسپاس آباد ٿيا. تيمور جي حملي کان پوءِ پيدا ٿيل مونجهاري ۾ ملتان دهليءَ کان آزاد ٿي ويو ۽ مقامي رهواسين شيخ بھاءُ الدين جي مزار جي مجاور/گادي نشين شيخ يوسف قريشيءَ کي ملتان جو گورنر چونڊيو. 1445ع ۾ لانگاهه قبيلي جي سردار راءِ سھيرس (جنھن جي ڌي شيخ يوسف سان پرڻيل هئي) رات وچ ۾ شھر ۾ پنھنجي قبيلي جي هڪ هٿياربند ٽولي کي ملتان ۾ داخل ڪيو، شيخ يوسف کي پڪڙي دهلي موڪليو ۽ پاڻ کي سلطان قطب الدين جي لقب سان بادشاهه قرار ڏنو. جنھن بعد لانگاهه قبيلي سان تعلق رکندڙ سلطان حسين، سلطان فيروز شاهه، سلطان محمود ۽ سلطان حسين (ٻيون) ملتان جا بادشاهه مقرر ٿيا.
1526ع ۾ شاهه حسن ارغون جي هڪ سال کان وڌيڪ عرصي جي گهيري کان پوءِ ملتان تي قبضي سان لانگاهه خاندان جي حڪومت جو خاتمو ٿيو. لانگاهه خاندان ملتان تي 80 سالن تائين حڪومت ڪئي، جنھن دوران بلوچ سيت پور کان ڪوٽ ڪرور تائين سنڌو درياهه جي ڪناري تي وسنديون قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. ملتان ۽ مظفر ڳڙهه جا لانگاهه هاڻي تمام گهٽ آبادگار آهن. ملتان جي رهواسي پيرزاده مراد بخش ڀُٽا موجب ڀُٽا، لانگاهه، کرل، هرل ۽ لڪ سڀ پنور راجپوت آهن. پر لانگهن کي جيمس ٽاڊ (James Tod) پاران اگني ڪول راجپوتن جي چالوڪر سولاني قبيلي جي نک طور بيان ڪيو ويو آهي، جيڪي ملتان ۽ جيسلمير ۾ آباد هئا ۽ گهٽ ۾ گهٽ 700 سال اڳ کين ڀٽين طرفان اتان ڪڍيو ويو هو. ميراسين جي ڳايل شجرن ۾ اهو به بيان ڪيو ويو آهي ته ملتان جا لانگاهه، ڀُٽا، ڏهر، شجرا ۽ نائچ سڀئي هڪ مالهي جي پنجن پٽن مان پيدا ٿيا. مثال طور:
سگلي جنھن دي ڏاڏي، سودي جنھن دي مان
مالهي جئه پنج پتر- ڏهر، ڀٽا، لانگاهه، نائچ، شجرا
ڪجهه لانگاهه اها به دعويٰ ڪن ٿا ته انهن جا ابا ڏاڏا عربستان کان ننڍي کنڊ ۾ اچي آباد ٿيا. لانگاهه گهڻي ڀاڱي سنڌو درياهه جي هيٺينءِ حصي ۽ چناب جي آسپاس آباد آهن، جڏهن ته ملتان ضلعي جي شجاع آباد تعلقي ۾ لانگهن جي اڪثريت آباد آهي. سنڌ ۾ به لانگاهه (ذات) مختلف هنڌن تي آباد آهن.


لفظ لانگاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو