لعل پشپ

لعل پشپ

لعل پشپ

لعل پشپ: لعل پشپ جو اصل نالو لعل ڀڳونداس ريجهواڻي آهي. هن پھرين جنوري 1935ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. سنڌي، اردو، انگريزي ۽ هندي زبانن سٺي ڄاڻ رکندو هو. ڪھاڻيون ۽ ناول وغيره سان گڏ تنقيدي تخليقي ڪم به ڪندو رهيو. موهن ڪلپنا، لعل پشپ ۽ گُنو سامتاڻي هند جي سنڌي ڪھاڻيءَ جي ٽمورتي ليکي ويندي آهي .لعل پشپ سٺو مترجم به هو، ڪيترائي پرڏيھي ڪتاب ترجمو ڪيائين. هُو ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ’پرهه ڦٽي‘ نالي رسالو به ڪڍندو هو ۽ ڪن ٻين رسالن جا خاص پرچا به ايڊٽ ڪيائين. سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن ۾: ڪھاڻين جا ڪتاب: ’وشواس اوشواس‘ (1958ع)، ’ٻنڌڻ ۽ نرماڻ‘ (1965ع)، ’دائرو‘ (1966ع)، ’واريءَ جا محل‘ (1966ع)، ’پُنر ملن‘ (1966ع)، ’خال ئي خال‘ (1970ع)، ’قرض جي درخواست‘ (1976ع)، ’وقت جي رفتار‘، ’تنھنجي منھنجي وچ ۾‘ (ڪھاڻيون، شاعري، گڏيل 1971ع)، ’سنڌي ٻولي امر رهي‘ (2004ع) آهن. سندس ناولن ۾: ’آتم مريادا‘ (1962ع هي ناول هُن پنھنجي زال ڪويتا پشپ سان گڏجي لکيو آهي)، ’هڪ سرد ديوار‘ (1969ع)، ’هن جي آتما جو موت‘ (1973ع)، هن ناول کي ساھتيه اڪيڊمي طرفان سال 1974ع جو بھترين سنڌي ڪتاب جو ايوارڊ ڏنو ويو ھو. ’تڏهن ۽ هاڻي‘ (1975ع)، ’اها ديوار آسمان تائين‘ (1981ع)، ’هڪ وئشيا ليکڪا‘ (2004ع). سندس ٽي ناول ’هڪ سرد ديوار‘، ’اها ديوار آسمان تائين‘ ۽ ’هن جي آتم جو موت‘ سنڌ ۾ روشني پبليڪيشن پاران ڇپجي چڪا آهن. سندس تنقيد جا ڪتاب ’ڪھاڻي ڪلا جو وڪاس‘ (1972ع)، ’درشتي ۽ درشني‘ (1972ع)، ’گڏيل تنقيد‘ (2001ع)، ’ٽورو‘ (2001ع) ۽’سيٺ نائون مل سنڌ جو غدار‘ (2002ع) سنڌي ادب ۾ بحث هيٺ به رهيا آهن. هن ڪيترائي ترجما به ڪيا، جن ۾: ’پياري زندگي‘ (ٽالسٽاءِ) ۽ ’اجنبي‘ (البرڪا مئو) ۽ ’پيار ۽ واسنا‘ (ايس بڪ'>پرل ايس بڪ) شامل آهن. سندس نالو جديد سنڌي ڪھاڻيڪارن ۾ ليکجي ٿو ۽ تنقيدي ادب ۾ به سندس شمار مشھور نقادن ۾ ٿئي ٿو، سنڌي ناول ۾ ٽرائلاجي لکڻ جو بنياد به هن وڌو. سنڌي ٻوليءَ جي هن برک اديب 29 مارچ 2009ع تي ديھانت ڪئي.


لفظ لعل پشپھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1935.01.01  عيسوي

لعل پشپ جو اصل نالو لعل ڀڳونداس ريجهواڻي آهي. هن پھرين جنوري 1935ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جاگيراڻي اعتبار علي
بلاول فقير زرداري
لطيف جمال
عمراڻي فضل محمد پروفيسر
عبدالحئي گهوٽو مولانا
دين محمد بُٺوي
جلباڻي غلام حسين پروفيسر
جين فرانڪوئس جيرج
سيد سردار احمد
سيد نظام الدين شاھہ امروٽي مولانا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون