لعل ڏنو ’پروانو‘ سومرو: لعل ڏنو ولد محمد لقمان سومرو 20 جنوري 1956ع تي ڳوٺ ’جهونجهاڻ‘ ۾ڄائو. ايم. اي (پولٽيڪل سائنس) 1979ع ۾ سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان حاصل ڪيائين. ان کانسواءِ پي. ٽي. سي 1975ع، بي. ايڊ 1981ع ۽ ايم. ايڊ 1994ع جا ڪورس به ڪيائين. هن عملي زندگيءَ جي شروعات 9 مارچ 1976ع تي پرائمري استاد طور ڪئي. تعلقي ايجوڪيشن آفيسر نواب شاهه جي حيثيت سان 19 جنوري 2016ع تي رٽائر ٿيو. سندس شاعري ’ڇڄ مَ قطاران‘ (گڏيل شاعري) ڊسمبر 2015ع ۾ شايع ٿي. سندس مضمونن جو ڪتاب ’ويسر جي ڪٻاڙخاني مان‘ (جديد ادبي تنقيدي اڀياس) آگسٽ 2018ع، ۾ شايع ٿيو. جنھن کي انجمن ترقي پسند مصنفين پاران ايوارڊ به مليو.