
لينن، ولاديمير ايليچ اليانوف
لينن، ولاديمير ايليچ اليانوف: روس ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي خالق، 1917ع جي مزدور انقلاب جي قائد، دنيا جي پھرين سوشلسٽ رياست (سوويت يونين) جي باني ۽ انقلابي مفڪر لينن 22 اپريل 1870 ۾ روس جي سيمبيرسڪ صوبي ۾ تعليم کاتي جي عملدار آءِ اين اليانوف جي گهر ۾ جنم ورتو. لينن جي پرورش ھڪ انقلابي وايومنڊل ۾ ٿي. اھوئي سبب آھي جو هن ننڍپڻ کان ئي زار شاهي، سماجي ۽ قومي جبر ۽ استحصال خلاف بغاوت جو رستو اختيار ڪيو. لينن جي وڏي ڀاءُ، اي. آءِ. اُليانوف کي 1887ع ۾ زار اليگزينڊر ٽين جي قتل جي سازش ۾ شامل هجڻ جي ڏوھ ۾ ڦاسي ڏني ويئي. سندس ڀينرون، اي. آءِ. اُليانووا-ايليزارووا ۽ ايم. آءِ. اُليانووا، ۽ ننڍو ڀاءُ، ڊي. آءِ. اُليانوف، پڻ انقلابي جدوجھد ۾ شامل رھيا. لينن کي مارڪس وادي ادب سان واقفيت پنھنجي وڏي ڀاءُ جي ذريعي حاصل ٿي. لينن 1879ع کان 1887ع تائين جمنازيم ۾ تعليم حاصل ڪئي، جمنازيم مان سونو تمغو حاصل ڪري، گريجوئيٽ ڪرڻ کان پوءِ هن ڪازان يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي، پر ڊسمبر 1887ع ۾ هڪ انقلابي شاگردن جي ميڙاڪي ۾ سرگرم شرڪت سبب کيس گرفتار ڪري، يونيورسٽيءَ مان ڪڍيو ويو، ۽ ڪازان صوبي جي ڳوٺ ڪوڪوشڪينو ڏانهن سزا طور موڪليو ويو. ان وقت کان وٺي لينن پنھنجي سڄي ڄمار زارشاھي ۽ سرمائيداراڻي نظام خلاف جدوجھد ۽ پورھيت عوام کي ظلم ۽ استحصال مان نجات ڏيارڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي. آڪٽوبر 1888ع ۾ هو ٻيھر ڪازان موٽي آيو ۽ اين. اي. فيدوسيئف پاران منظم ڪيل هڪ مارڪس وادي حلقي ۾ شامل ٿيو، جتي مارڪس، اينگلز ۽ پليخانوف جي لکڻين جو مطالعو ۽ بحث مباحثو ٿيندو هو. مارڪس ۽ اينگلز جي لکڻين سندس نظرياتي تربيت ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪيو، ۽ هو هڪ پڪو مارڪس وادي بڻجي ويو. آزاد مطالعي بعد، لينن 1891ع ۾ سينٽ پيٽرزبرگ يونيورسٽي مان قانون جي امتحانن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ سمارا صوبي ۾، جتي اُليانوف خاندان 1889ع ۾ منتقل ٿيو هو، معاون وڪيل طور وڪالت شروع ڪئي. هتي هن هڪ مارڪس وادي حلقو منظم ڪيو، وولگا جي ٻين شھرن جي انقلابي نوجوانن سان رابطا قائم ڪيا، ۽ نرودنڪ تحريڪ خلاف تحقيقي مقالا لکيا. لينن پھريون روسي مارڪس وادي هو، جنھن عملي طور اها تجويز ڏني ته روس ۾ مزدور طبقي جي هڪ سياسي پارٽي جوڙي وڃي، ۽ ان مقصد لاءِ انقلابي سوشل ڊيموڪريٽن جي جدوجھد جي اڳواڻي ڪرڻ لڳو. لينن جو موقف هو ته اهڙي پارٽي هڪ نئين قسم جي پرولتاري يعني جديد صنعتي مزدور طبقي جي پارٽي هئڻ گهرجي، جنھن جا اصول، طريقا، ۽ عملي سرگرميون اُن نئين دور جي ضرورتن سان مطابقت رکن، يعني سامراجيت ۽ سوشلسٽ انقلاب جي دور سان. 1898ع ۾ بيلاروس جي شھر منسڪ ۾ قائم ٿيل روسي سوشل ڊيموڪريٽڪ ليبر پارٽي مزدورن جي ان انقلابي پارٽيءَ ڏانھن هڪ وک هئي.
فيبروري 1897ع ۾ لينن کي ٽن سالن لاءِ سزا ڏئي، اينيسيئسڪ صوبي جي ضلعي مينيوسنسڪ جي ڳوٺ شوشينسڪو موڪليو ويو. اين. ڪي. ڪروپسڪايا کي به انقلابي سرگرمين جي الزام هيٺ سزا طور موڪليو ويو، ڇاڪاڻ ته هوءَ لينن جي منڱيندي هئي، تنھنڪري کيس به شوشينسڪو موڪليو ويو، جتي انهن ٻنهي جي شادي ٿي. اتي لينن سينٽ پيٽرزبرگ، ماسڪو، نِزني نووگورود ۽ ٻين شھرن جي سوشل ڊيموڪريٽن سان رابطا ۽ ’مزدورن جي نجات‘ نالي گروپ سان لاڳاپا قائم ڪيا. ان سان گڏوگڏ هو سائيبيريا ۽ اتر روس ۾ شھر بدر ڪيل سوشل ڊيموڪريٽن سان خط و ڪتابت ڪندو رهيو، ۽ مينيوسنسڪ ضلعي ۾ شھر بدر ڪيل سوشل ڊيموڪريٽن کي پنھنجي چوڌاري گڏ ڪندو رهيو. شھر بدريءَ جي مدي پوري ٿيڻ کان پوءِ، لينن 10 فيبروري1900ع تي شوشينسڪو مان روانو ٿيو.
جولاءِ 1900ع ۾ هو پرڏيھه هليو ويو ۽ اتي اخبار اسڪرا (چڻنگ) جي ڇپائيءَ جو بندوبست ڪيائين. 1900ع کان 1905ع تائين لينن ميونخ، لنڊن ۽ جنيوا ۾ رهيو. ڊسمبر 1901ع ۾ هن پھريون ڀيرو اسڪرا ۾ شايع ٿيندڙ هڪ مضمون تي قلمي نالو ’لينن‘ استعمال ڪيو. هڪ نئين قسم جي انقلابي پارٽيءَ جي تشڪيل جي جدوجھد ۾ لينن جي ڪتاب ’ڇا ڪجي؟: اسان جي تحريڪ جا ٻرندڙ سوال‘ (1902ع) کي تمام گهڻي اهميت حاصل آهي. 1903ع ۾ روسي سوشل ڊيموڪريٽڪ ليبر پارٽي (RSDLP) جي ٻي ڪانگريس (جيڪا برسلز ۾ شروع ٿي ۽ لنڊن ۾ ختم ٿي) ۾ انقلابي مارڪسسٽ تنظيمون گڏ ٿي ويون، پر اتي پارٽيءَ جي ميمبرشپ بابت لينن جي ڏنل تجويز تي اختلاف پيدا ٿي پيو، ان ڪري آر ايس ڊي ايل پيءَ ۾ ٻه ڌڙا وجود ۾ آيا، لينن جي اڪثريت ۾ ووٽ پيا، تنھنڪري ان ڌڙي کي بالشويڪ يعني اڪثريت وارا سڏيو ويو ۽ لينن جي مخالف مارتوف کي گهٽ ووٽ مليا، تنھنڪري انهن کي مينشيوڪ يعني اقليت وارا سڏيو ويو. روسي مزدور طبقي جي پارٽي، لينن جي نظرياتي، سياسي ۽ تنظيمي اصولن جي بنياد تي قائم ٿي. اهڙيءَ ريت، هڪ نئين طرز جي پرولتاري پارٽي، بولشيوڪ پارٽي وجود ۾ آئي. لينن 1920ع ۾ لکيو: ”هڪ سياسي نظريي ۽ سياسي پارٽيءَ جي حيثيت سان، بولشيوزم 1903ع کان موجود آهي.“ 07-1905ع واري انقلاب دوران لينن بالشويڪ پارٽيءَ جي اڳواڻي ڪئي، جيڪا عوام لاءِ رهنمائي مھيا ڪري رهي هئي. 1905ع ۾ هو سينٽ پيٽرزبرگ پھتو، جتي هن بالشويڪ ڪميٽين ۽ هٿياربند بغاوت جي تيارين جي نگراني ڪئي. ايئن لينن 1917 جي ٻئي سرمائيداراڻي جمھوري انقلاب تائين پارٽي ۽ روس جي ھارين ۽ مزدورن جي رھنمائي ڪندو رھيو. 15 مارچ 1917 تي جڏهن لينن زيورخ ۾ هو ته هن کي فيبروريءَ جي سرمائيداراڻي جمھوري انقلاب جي پھرين اعتبارجوڳي خبر ملي، تڏهن هن پرولتاريه ۽ بالشويڪ پارٽي لاءِ نون انقلابي فرضن جي وضاحت ڪئي. پارٽي اڳواڻن ڏانھن لکيل خطن ۾ پارٽيءَ جي سياسي رخ جو تعين ڪيو، يعني انقلاب جي پھرين جمھوري مرحلي کان سوشلسٽ مرحلي ڏانھن منتقلي جو رستو ڏيکاريو. هن خبردار ڪيو ته عبوري سرمائيداراڻي حڪومت (جيڪا فيبروريءَ جي سرمائيداراڻي جمھوري انقلاب جي نتيجي ۾ قائم ٿي ھئي، جنھن انقلاب سان زار جي آپيشاھيءَ جو خاتمو آيو ھو) جي حمايت ناقابلِ قبول آهي ۽ زور ڀريو ته سڄو اقتدار سوويتن کي ڏنو وڃي. 16 اپريل 1917 تي لينن پيٽروگراڊ واپس پھتو، جتي هزارين مزدورن ۽ سپاهين سندس ڀرپور آجيان ڪئي۔ پنھنجي مختصر تقرير جي آخر ۾ هن چيو: ”سوشلسٽ انقلاب زنده باد!“ 17 اپريل تي بالشويڪ ڪانفرنس ۾ لينن پنھنجون ’اپريل ٿيسس‘ پيش ڪيون. انهن ٿيسس، ”حڪمتِ عملي تي خط“ ۽ ستين آل رشين ڪانفرنس ۾ پنھنجي رپورٽن ۽ تقريرن ۾ لينن پارٽيءَ لاءِ اهو منصوبو پيش ڪيو ته سرمائيداراڻي - جمھوري انقلاب کي سوشلسٽ انقلاب ۾ ڪيئن تبديل ڪيو وڃي. هن ٻن اقتدارن واري صورتحال (Dual Power) ۾ پارٽيءَ جي حڪمتِ عملي جي وضاحت ڪئي، ۽ پرامن انقلابي ترقيءَ لاءِ نعرو ڏنو: ”سڄو اقتدار سوويتن حوالي ڪيو!“ لينن جي اڳواڻيءَ ۾ پارٽي مزدورن، هارين ۽ سپاهين ۾ سياسي ۽ تنظيم سازيءَ جو ڪم تيز ڪيو. هن پارٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽي ۽ ان جي ترجمان اخبار "پراودا" جي اڳواڻي ڪئي ۽ جلسن کي خطاب ڪيو۔ اپريل کان جولاءِ 1917 تائين، هن 170 کان وڌيڪ مضمون، پمفليٽ، اپيلن ۽ ٺھرائن جا مسودا لکيا۔جون 1917 ۾ پھرين آل رشين سوويت ڪانگريس ۾ لينن حڪومت جي سامراجي ۽ عوام دشمن پاليسين کي بي نقاب ڪيو، گڏوگڏ منشويڪ ۽ سوشلسٽ انقلابي ڌُرين جي سمجهوتي پسند رويي تي پڻ سخت تنقيد ڪئي. جولاءِ 1917 ۾ جڏهن ٻٽو اقتدار ختم ٿيو ۽ سمورو اقتدار مخالف قوتن حوالي ٿي ويو، تڏهن پرامن انقلابي ترقيءَ جو دور به ختم ٿيو. 20 جولاءِ تي عبوري حڪومت لينن جي گرفتاريءَ جو حڪم جاري ڪيو، جنھن کان پوءِ هو روپوش ٿي ويو. 21 آگسٽ تائين هو پيٽروگراد ڀرسان ڍنڍ رازلِف جي ڪناري هڪ جهوپڙيءَ ۾ رهيو ۽ پوءِ آڪٽوبر جي شروعات تائين فنلينڊ (جالڪالا، هلسنڪي، ويبورگ) ۾ رهيو. ڳجهي حالت ۾ هوندي به هن پارٽيءَ جي رهنمائي جاري رکي. پنھنجي ٿيسس ’سياسي صورتحال‘ ۽ پمفلٽ ’نعرن بابت‘ ۾ هن تبديل ٿيل حالتن تحت پارٽيءَ جي حڪمت عملي جي وضاحت ڪئي. لينن جي هدايتن جي روشنيءَ ۾ بالشويڪ پارٽيءَ جي ڇھين ڪانگريس هڪ ٺھراءُ منظور ڪيو، جنھن ۾ مزدور طبقي کان مطالبو ڪيو ويو ته هو غريب ترين هارين سان اتحاد ۾ هٿياربند بغاوت ذريعي اقتدار حاصل ڪري. انڊرگرائونڊ رهائش دوران لينن ڪيتريون ئي اهم لکڻيون لکيون جيئن: ”رياست ۽ انقلاب (State and Revolution)“ وغيره. 25-27 سيپٽمبر تي هن هڪ خط ”بالشويڪن کي اقتدار سنڀالڻ گهرجي“ لکيو ۽ پوءِ 12 آڪٽوبر) تي مضمون ”بحران مڪمل ٿي چڪو آهي“ لکيو. انهن لکڻين ۾ هن نتيجو ڪڍيو ته سوشلسٽ انقلاب جو وقت اچي ويو آهي. آڪٽوبر جي شروعات ۾ لينن ڳجهي نموني ويبورگ مان پيٽروگراد موٽي آيو. 21 آڪٽوبر تي هن هڪ مضمون ۾ هٿياربند بغاوت جي حڪمت عملي بيان ڪئي. 23 آڪٽوبر تي پارٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ هن هڪ رپورٽ پيش ڪئي، جنھن تي ڪميٽي هن جي پيش ڪيل بغاوت جي منصوبي جي منظوري ڏني. 29 آڪٽوبر تي مرڪزي ڪميٽيءَ جي توسيعي اجلاس ۾ هن بغاوت جي رستي جو دفاع ڪيو ۽ سندس مخالفن، ڪامينيف ۽ زينوويوف تي سخت تنقيد ڪئي. لينن، ليون ٽراٽسڪيءَ جي تجويز جي مخالفت ڪئي ته بغاوت کي ٻي سوويت ڪانگريس تائين ملتوي ڪيو وڃي. مرڪزي ڪميٽي آخرڪار بغاوت جي فيصلي جي توثيق ڪئي. لينن پارٽيءَ جي فوجي انقلابي مرڪز ۽ پيٽروگراڊ سوويت جي فوجي انقلابي ڪميٽي (جيڪا مرڪزي ڪميٽيءَ جي تجويز تي ٺاهي وئي) جي اڳواڻي ڪئي. 6 نومبر پراڻي ڪئلينڊر موجب 24آڪٽوبر تي لينن مرڪزي ڪميٽيءَ کي هڪ خط لکيو، جنھن ۾ هن تڪڙي ڪارروائي، عبوري حڪومت جي خاتمي ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو: ”ڪارروائي ۾ دير تباهيءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿي.“ ان ئي شام هو ڳجهي نموني سمولني انسٽيٽيوٽ پھتو ته جيئن هٿياربند بغاوت جي سڌيءَ ريت اڳواڻي ڪري۔ 25 (7 نومبر) آڪٽوبر تي روس جي پورهيتن ۽ هارين لينن جي اڳواڻي ۽ بالشويڪ پارٽيءَ جي جهنڊي هيٺ سرمائيدار رياست تي قبضو ڪري سوشلسٽ انقلاب برپا ڪيو. ان ڏينھن ئي ٻي آل رشين سوويت ڪانگريس شروع ٿي، جنھن گاديءَ جي هنڌ ۽ مقامي سطح تي سڄو اقتدار سوويتن حوالي ڪرڻ جو اعلان ڪيو. هن ڪانگريس ۾ لينن امن ۽ زمين جي سوالن تي رپورٽون پيش ڪيون۔ ڪانگريس سندس امن ۽ زمين بابت ٺھرائن کي منظور ڪيو ۽ هڪ مزدور- هاري حڪومت قائم ڪئي، عوامي ڪميسارن جي ڪائونسل (Council of People’s Commissars) جنھن جو سربراهه لينن مقرر ٿيو. آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب جي فتح، جيڪا ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ حاصل ٿي، انساني تاريخ جي نئين دور، سرمائيداريءَ کان سوشلزم ڏانھن عبور جي شروعات هئي. لينن ڪميونسٽ پارٽي ۽ روسي عوام کي مزدور راڄ لاڳو ڪرڻ ۽ سوشلسٽ تعمير جي راهه تي اڳتي وڌايو. سندس اڳواڻيءَ ۾ پارٽي ۽ حڪومت هڪ نئين سوويت رياستي نظام جو بنياد رکيو. جاگيردارن جي زمين ضبط ڪئي وئي، سڄي زمين، بينڪ، صنعت، ۽ ٽرانسپورٽ قومي ملڪيت ۾ ورتا ويا ۽ پرڏيھي واپار تي اجاريداري متعارف ڪرائي وئي. ريڊ آرمي(سرخ فوج) جوڙي وئي ۽ قومي جبر جو خاتمو آندو ويو. لينن عوام کي رياست جي تعمير ۽ سماجي-اقتصادي تبديليءَ ۾ شامل ڪيو. 11 مارچ 1918 کان لينن ماسڪو ۾ رهائش ۽ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، ڇو ته پارٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽي ۽ سوويت حڪومت جو صدر مقام پيٽروگراڊ مان ماسڪو منتقل ٿي چڪو هو. 1918تي لينن تي سوشلسٽ انقلابي دهشتگرد فيني ڪپلن (F. E. Kaplan) قاتلاڻو حملو ڪيو، جنھن ۾ هو سخت زخمي ٿيو.1918 کان 1920 تائين جاري گهرو ويڙهه ۽ غير ملڪي مداخلت دوران، لينن ورڪرز ۽ هارين جي دفاعي ڪائونسل جو چيئرمين هو، هيءَ ڪائونسل 30 نومبر 1918 تي ٺاهي وئي هئي ته جيئن دشمن کي شڪست ڏيڻ لاءِ سڀني قوتن کي متحرڪ ڪيو وڃي. گهرو ويڙهه ۾ فتح کان پوءِ، لينن پارٽي ۽ سوويت يونين جي پورھيت عوام جي اڳواڻي ڪئي ته جيئن معيشت جي بحالي، ترقي، ۽ ثقافت کي ترقي ڏني وڃي. سوويت عوام دنيا جي مختلف ملڪن ۾ هلندڙ انقلابي ۽ قومي آزاديءَ جي تحريڪن جي به ڀرپور حمايت ڪئي. آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب ممڪن نه بڻجي سگهي ها، جيڪڏهن ان ۾ لينن جو نظرياتي ۽ فڪري ڪردار نه هجي ها. لينن پنھنجي 54 ورهين جي ڄمار ۾ 45 جلدن تي ٻڌل پنھنجو نظرياتي ورثو به ڇڏيو. جن ۾ ’نيٺ ڇا ڪجي؟‘ (1902ع)، ’ماديت ۽ تجربي تنقيد‘ (1909ع)، ’قومن جو حق خود اراديت‘ (1914ع)، ’سوشلزم ۽ جنگ‘ (1915ع)، ’سوشلسٽ انقلاب ۽ قومن جو حق خود اراديت‘ (1916ع)، ’سامراج سرمائيداريءَ جي آخري منزل‘، (1916ع)، ’کاٻي ڌر جو ڪميونزم هڪ ٻاراڻي بيماري‘ (1920ع) ۽ ٻيون لکڻيون اهم جاءِ والارين ٿيون. مئي 1923 ۾ لينن جي بيماري شدت اختيار ڪئي، جنھن سبب کيس ماسڪو جي ويجهو ’گورڪي‘ نالي ڳوٺ منتقل ڪيو ويو. جنوري 1924 ۾ سندس صحت اوچتو تيزيءَ سان خراب ٿيڻ لڳي. 21 جنوري 1924 تي لينن لاڏاڻو ڪري ويو. 23 جنوري تي سندس مڙھ ماسڪو آندو ويو، جتي ٽرئڊ يونين هائوس جي هال آف ڪالمز ۾ رکيو ويو ته جيئن سوويت عوام پنھنجي عظيم ليڊر کي ڀيٽا پيش ڪري سگهي. پنج ڏينھن ۽ راتين تائين عوام پنھنجي قائد کي آخري ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ايندو رهيو. 27 جنوري تي ريڊ اسڪوائر ۾ سندس جنازو ٿيو ۽ سندس محفوظ ڪيل مڙھ کي خاص طور تعمير ڪيل مقبري (Mausoleum) ۾ رکيو ويو، جيڪو اڄ تائين موجود آھي.
لينن جي اڳواڻيءَ ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي بينر هيٺ روس جي مزدورن ۽ هارين پاران آندل آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب ويھين صديءَ جو اهم واقعو هو، جنھن دنيا جي تاريخ، سياست، معيشت، فڪر، فلسفي، سائنس، ادب ۽ آرٽ تي اڻمٽ اثر ڇڏيا. ان انقلاب جي اثر هيٺ سڄي دنيا ۾ انقلابن جي لھر اٿي، جنھن سامراجي نظام جي بيٺڪيتي سرشتي جون پاڙون پٽي اڇلايون. دنيا جي مختلف خطن اندر مظلوم قومن آزاديون ورتيون، پورهيت عوام سماجي جبر جو خاتمو آڻي، عوامي سوشلسٽ راڄ قائم ڪيا. لينن کان پوءِ آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب کي سنڀالڻ ۽ سوويت يونين ۾ سوشلزم جي اڏاوت ۾ جوزف اسٽالن جو مکيه ڪردار هو، پر مارچ 1953ع ۾ اسٽالن جي لاڏاڻي کان پوءِ سوويت يونين جي انقلاب دشمن قيادت هوريان هوريان نظرياتي، سياسي ۽ معاشي دائرن ۾ سرمائيداراڻو لاڙو اختيار ڪرڻ شروع ڪيو. خاص ڪري، سوويت اڳواڻ گورباچيف سوشلزم مخالف پاليسين جي ڪري 1991ع ۾ دنيا جي پھرين سوشلسٽ رياست پڄاڻيءَ تي پھتي. اهڙي ريت 1917ع ۾ قائم ٿيل دنيا جي پھرين پورهيت رياست ست ڏهاڪا قائم رهي سگهي. ان انقلاب جي خاتمي جا سڄي دنيا جي مظلوم طبقن ۽ محڪوم قومن جي تحريڪن تي تمام گهڻا ناڪاري اثر پيا.