
لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا
لڇمڻ ڪومل: سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب، نقاد، مترجم، ناٽڪ نويس، شاعر، صحافي ۽ ايڊيٽر لڇمڻ ”ڪومل“ ڀاٽيا، 26 مارچ 1936ع تي ڪنڊياري، اڳوڻي ضلعي نوابشاھہ، (هاڻي نوشھري فيروز) ۾، چيلارام ڀاٽيا جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس جنم جو نالو لوڪومل هو ۽ کيس لاڏ مان ”لوڪو“ سڏيندا هئا. لڇمڻ جو ڏاڏو سيٺ جاڙومل، تر جو وڏو زميندار هو. لڇمڻ جو والد چيلارام تعليم يافتہ شخص هو، جنھن کي انگريزي ۽ فارسي ادب جو مطالعو ٿيل هو. لڇمڻ پرائمري سنڌي ڪنڊياري ۾ پڙهيو. سندس والد کيس شام جو مسجد جي آخوند وٽ ساڳئي وقت اردو ۽ فارسي بہ پڙهائي. ورهاڱي کان ڪجهہ سال اڳ سندس والد، نوابشاھہ ۾ سٽي مئجسٽريٽ طور بدلي ٿي آيو ۽ هن نامور شاعر نارائڻ شيام جي والد ديوان گوڪلداس ناگواڻيءَ کان چارج ورتي. لڇمڻ، نَون سالن جي عمر ۾ ولس اسڪول نواب شاھہ ۾ پھرئين انگريزي درجي ۾ داخل ٿيو. سندس ان وقت جي استادن ۾ روچي رام ٿانواڻي، ديو ناٿاڻي، ڀڳوان ابيچنداڻي ۽ ڪيرت ٻاٻاڻي شامل هئا ۽ شووراماڻي سندس ميوزڪ ٽيچر هوندو هو. نوابشاھہ ۾ پڙهڻ دوران، لڇمڻ، پيءُ جي توسط سان نارائڻ شيام، پرسرارم ضياءَ ۽ سليم ڳاڙهويءَ سان مليو. 1948ع ڌاري 13 سالن جي ننڍيءَ عمر ۾، ورهاڱي سبب خاندان سميت سنڌ ڇڏي دهليءَ پھتو. هن ثانوي تعليم ڪانپور مان پرائي ۽ دهلي يونيورسٽيءَ مان بي. ڪام آنرس (1956ع) ڪئي. دهلي يونيورسٽي ڪاليج جي لٽرري سوسائٽيءَ ۾ هن جي هڪ ڀيرو وري نارائـڻ شـيام سان ملاقات ٿـي. نـامور اديـب ۽ عـالم ڊاڪٽر هـرومل سدا رنگاڻي ’خادم‘ اتي پڙهائيندو هو. ان سان گڏ، تيرٿ وسنت ۽ ٻين اديبن سان بہ سندس ملاقاتون ٿيون. دهلي ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران لڇمڻ، ”ڪومل“ تخلص سان شاعري ڪئي.1962ع ۾ ”گوپي“ سان هن شادي ڪئي. دهلي يونيورسٽيءَ جي اسڪول آف جرنلزم مان ئي هن 1962ع ۾ صحافت ۾ ڊپلوما ڪئي. هو راڻا جنگ بھادر جهڙي مشھور صحافيءَ جو شاگرد رهيو. ڀارت جي سڀ کان وڏي انگريزي اخبار ‘Times of India’ ۾ لڳاتار 35 سالن تائين اهم عھدن تي رهي ڪم ڪيو، جتان 1994ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. لڇمڻ ڪومل نہ رڳو سنڌ ۽ هند پر دنيا جي افسانوي توڙي شعري ادب جو وسيع مطالعو ڪيو ۽ ان تي عالمانه تنقيدي نگاھہ پڻ رکندو هو. هو ورهاڱي کانپوءِ وارن شاعرن ۾ غزل ۽ نظم جو سٺو شاعر هو. ڀارت ۽ ان کان ٻاهر ”آل انڊيا پوئٽري سمپوزيم“ ۾ شرڪت ڪرڻ سان گڏ سنڌ ۾ پڻ ڪيترا ڀيرا ادبي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي. سندس شاعري اردو، انگريزي ۽ روسي زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪي آهي. هو ريڊيو، ٽي.وي، اخبارن، ادبي رسالن ۽ مخزنن ۾ زندگيءَ جي آخري ڏينھن تائين لکندو رهيو. سندس ڪيترائي تحقيقي، تنقيدي ۽ ادبي مقالا ڇپجي چڪا آهن. هن جا ريڊيو ٽاڪ، ايڊيٽوريل، تبصرا ۽ تجزيا، سنڌي ادب ۾ اهميت رکن ٿا. لڇمڻ ’ڪومل‘ سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا، سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا'>اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا سان 22 سالن جي عمر کان لاڳاپيل رهيو. سنڌي ٻوليءَ کي ڀارت جي آئين ۾ قومي ٻولي قرار ڏيارڻ ۾ ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ ٻين ساٿين سان گڏ لڇمڻ ڪومل جو بہ ڪردار رهيو. لڇمڻ سٺو ناٽڪ نويس، اداڪار ۽ هدايتڪار بہ هو. هن جا ٽي طويل سنگيت ناٽڪ (Opera) سنڌي ادب ۾ وڏو مقام رکن ٿا، جن ۾ (1) ”سھڻي ساهڙ سنگ“، (2) ”سر مومل راڻو“ (راڻا گهڻا راڄ ۾) ۽ (3) ”سر سورٺ“ شامل آهن، جيڪي دهلي، ڪلڪتي ۽ بمبئيءَ ۾ ڪيترا ڀيرا اسٽيج ٿي چڪا آهن. سندس ناٽڪ ”سھڻي ساهڙ سنگ“ جو هندي ترجمو بہ ڪيترا ڀيرا اسٽيج تي پيش ٿي چڪو آهي. لڇمڻ ڪومل، سنڌي اڪيڊمي دهليءَ جي ڇھه ماهي رسالي ”جوت“ جو ست سال ايڊيٽر رهيو، جنھن جا هن ڪجهہ خاص نمبر ڪڍيا، جن مان ڪي مشھور نمبر هيٺيان آهن: (1) شاھہ لطيف نمبر (ڊسمبر 1999ع)، (2) گوبند مالهي نمبر (جون 2001ع)، (3) آڳاٽو سنڌي ادب نمبر (مارچ 2004ع) ۽ (4) هري دلگير نمبر. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان شامل آهن: (1) ”هڪڙو هو راجا“ (ٻاراڻو ادب: 1965ع)، جنھن تي کيس هند سرڪار جي تعليمي وزارت ”ٻاراڻي ادب جو اوارڊ“ ڏنو، (1971ع) “Folk Literature of Pakistan”، جنھن جا هن وقت تائين ڇھه ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن، (3) ”نئون صبح“ (مشھور روسي شاعر ولاديمبر ماياڪو وسڪيءَ جي شاعريءَ جو ترجمو، 1974ع)، جنھن تي کيس ماسڪو ۾ گهرائي، 1975ع ۾ سوويت لئنڊ نهرو اوارڊ، روس جي نوبل انعام يافتہ اديب ’مائيڪل شولو خوف‘ هٿان ڏياريو ويو، (4) ”جيءَ جهروڪا“ (شاعري: 1975ع). سندس هن شعري مجموعي تي کيس 1976ع ۾ ساهتيہ اڪيڊمي دهليءَ پاران اوارڊ ڏنو ويو، (5) ”ميري چادر“ راجندرسنگهہ بيديءَ جي ناول ”ميلي چادر“ جو ترجمو 1983ع ۽ سنڌ ۾ ٻيو ڇاپو جنوري 1986ع)، (6) ”ميران ٻائي“ (مونوگراف: 1980ع)، جيڪو ساهتيہ اڪيڊمي دهليءَ پاران ڇپيو، (7) ”بلي شاھہ“ (مونوگراف)، جيڪو ساهتيہ اڪيڊمي دهليءَ پاران ڇپيو، (8) ”ڪاڪ ڇڏي ويا ڪنڊ تي“ (1986ع). مشھور ڊرامانگار، هدايتڪار، شاعر، اديب ۽ نارائڻ شيام جي ڀاءُ هيم ناگواڻيءَ جي شخصيت ۽ فن تي ترتيب ڏنل ڪتاب، (9) ”پن ڇڻ جو پڙلاءُ“ (1996ع)، نامور ناول نگار قرةالعين حيدر جي ناول ”پت جهڙ ڪِي آواز“ جو سنڌي ترجمو، جنھن کي ساهتيہ اڪيڊميءَ 1997ع ۾ بھترين ترجمي جو اوارڊ ڏنو، (10) ”وهي کاتي جا پنا“ (آتم ڪٿا: ڀاڱو پھريون: 2006ع). سوجهرو پبلشرز ڪراچيءَ پاران ڇپيل، (11) ”وهي کاتي جا پنا“ (آتم ڪٿا، ڀاڱو ٻيون: 2008ع). سوجهرو پبلشرز ڪراچي پاران ڇپيو. هن 23 ڊسمبر 2014ع تي دهليءَ ۾ وفات ڪئي.