ڊاڪٽرلکميچند پريم

ڊاڪٽرلکميچند پريم

لکميچند پريم ڊاڪٽر

لکميچند ’ پريم‘ ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو مشھور شاعر ڊاڪٽر لکميچند خوشيرام ڏوڏيجا پريم‘ 15 مارچ 1928ع تي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. هن اِبتدائي تعليم ڳڙهي ياسين مان حاصل ڪئي. ورهاڱي کانپوءِ هو سنڌ ڇڏي بڙودي ۾ اچي طِب جي پيشي سان وابسته ٿيو. هن پنھنجي پھرين ڪوتا 1940ع ۾ لکي. هن سنڌي، هندي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ڪيترو ئي شعر چيو. سندس پھريون شعري مجموعو 1945ع ڌاري سنڌ ۾ ڇپيو. سندس ڇپيل شعري مجموعن ۾: ’ پريم پشپانجلي‘ (1953ع)، ’شمع ٻاريندي شب‘ (1960ع)، ’خمار‘ (1963ع)، ’اکڙين جي آلاڻ‘ (1972ع) ۽ ’گيتا گيت‘ (1984ع) شامل آهن. سندس ڪيترائي نظم گجرات، مھاراشٽر، مڌياپرديش ۽ راجسٿان جي نصابي ڪتابن ۾ شامل آهن. کيس گجرات سنڌي ساهتيه اڪيڊمي طرفان پھرين سنڌي ليکڪ جو ايوارڊ پڻ مليو. هو آل انڊيا ريڊيو، ڪي ڪي برلا فائونڊيشن، ’نذرانو‘ ميگزين ۽ ٻين ادارن سان پڻ لاڳاپيل رهيو. پاڻ ’ڀارت رتن‘ هانگ ڪانگ جو اعزازي رپورٽر پڻ رهيو. بڙودا مان نڪرندڙ ’سڀيتا‘ رسالي جي ايڊٽنگ سميت ”تصوير“ رسالي ۾ شاعريءَ واري حصي جو انچارج رهيو. 1993ع ۾ کيس رام بخشاڻي فائونڊيشن پاران بھترين شاعر جي ايوارڊ سان نوازيو ويو. هن 22 ڊسمبر 1993ع تي بڙودي ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1928.03.15  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جو مشھور شاعر ڊاڪٽر لکميچند خوشيرام ڏوڏيجا ’پريم‘ 15 مارچ 1928ع تي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.


1993.12.22  عيسوي

ڊاڪٽر لکميچند 22 ڊسمبر 1993ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شنبو امير
پلي رحم علي
روشن آرا مغل
شيخ عمر شهاب الدين سهروردي
سيد حفيظ الدين
ريجھه علي شاهه ثالث
جلم بن شيبان
ڏوڏيجا پيسو مل
آغا سيد اسماعيل شاهه اصفهاني
در محمد گائنچو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون