محمد عارف شڪارپوري : محمد عارف اعواڻ شڪارپوري، تخلص ‘صنعت’ شڪارپور جي مشهور شاعر آخوند صاحب ڏني، تخلص ‘صاحب’ کان تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ شاعري شروع ڪئي. پهرين هن جو تخلص ‘عارف’ هو، پر پوءِ پنهنجي استاد جي حڪم تي ‘صنعت’ تخلص اختيار ڪيائين. ميان محمد عارف خيمي دوزي يا تنبن ٺاهڻ جي هنر جو ماهر هو ۽ سندس ڌنڌو به اهو ئي هو. ميان محمد عارف، ٽالپرن جي آخري دور ۽ انگريزن جي شروعاتي دور جو بهترين شاعر هو. هن جي زندگي بيحد زاهدانه طريقي سان گذري. هو شهرت کان پري ڀڄندو هو، انهي ڪري هو جيڪو به غزل يا قصيدو لکندو هو ته ان کي ڪنهن به ديوان يا بياض ۾ جمع نه ڪندو هو، پر متفرق نموني ۾ ڪاغذن تي لکندو رهندو هو، جنهنڪري سندس گهڻو ڪلام ائين ضايع ٿي ويو پر ڪجهه ڪلام سندس وفات کان پوءِ سندس فرزند ميان محمد امين (متوفي 1278هه/ 1816ع) هڪ هنڌ گڏ ڪيو، جنهن کي ميان محمد عارف جي ٻئي فرزند ميان عبدالخالق ديوان جي صورت ۾ 1313هه/1896ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ‘ديوان صنعت’ ۾ ٻه سئو غزل، 12 قصيده ۽ ڪجهه رباعيون، مخمس ۽ قطعات وغيره شامل آهن. ميان محمد عارف شڪارپوري، 2 صفر المظفر 1266هه/ 18 ڊسمبر 1849ع تي وفات ڪئي. سندس فارسي شعر جو نمونو هتي پيش ڪجي ٿو: خوانند هست جنت اڪبر شڪارپور، وارهست در بهسٽ نڪو تر شڪارپور، احرام طواف ڪعبه ڪوي بتان شوخ، سند ماجيان حرم در شڪارپور، ازنور عارض رخ خوبان ماهرو، جون بزم انجم است منور شڪارپور، صنعت برنگ بلبل خوش خوان به وصف بار، آمد بخوش اداره سخنور شڪارپور. [ترجمو: چون ٿا ته شڪارپور وڏي جنت آهي، بلڪ ان کان به وڌيڪ بهتر آهي. حرم جي حاجيان شوخ نازنين جي ڳليءَ ۾ طواف جي تياري ڪئي آهي. سهڻن جي چمڪدار ڳلن کان ستارن وانگي شڪارپور روشن آهي. صنعت بلبل وانگر يار جي وصف ڪارڻ مشهور ٿي ويو آهي.]