محمد قاسم ميرجت

محمد قاسم ميرجت

محمد قاسم ميرجت

محمد قاسم ميرجت: ليکڪ ۽ وڪيل محمد قاسم ولد حاجي نور محمد ميرجت 3 اپريل 1941ع تي ڳوٺ بھار خان ميرجت، تعلقي جهنڊي مري، ضلعي ٽنڊي الھيار ۾ ڄائو. سندس تعليم بي. اي (سنڌ يونيورسٽي) ۽ ايل. ايل. بي (سنڌ لا ڪاليج) آهي. لکڻ جي شروعات 1973ع کان ڪئي. سندس لکڻيون ’عوامي آواز‘، ’ڪاوش‘، ماهوار ’تحريڪ‘ ۽ ماهوار ’افيئر‘ ۾ ڇپيل آهن. هن ڪھاڻيون، تاريخ، تصوف، آتم ڪھاڻي، ڪورٽ ڪھاڻيون ۽ سياسي مناظرن تي ڪيترائي مضمون لکيا آهن. ان کانسواءِ هي ’سنڌي عوامي تحريڪ‘، ’عوامي نئشنل پارٽي‘، ’سنڌي ادبي سنگت‘ ۽ ’انڊس لائر فورم اسلام آباد‘ سان به وابسته رهيو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’سرگردان سنسار ۾‘ (سياست ۽ ڪورٽ ڪچھريون: 2018ع)، ’ٻاتا ۽ ٻاجهارا ٻول‘ (’سرگردان سنسار ۾‘ ڪتاب تي لکيل تبصرا: 2020ع)، ’لڇان ۽ لوچان‘ (ڪالم ۽ مضمون: 2020ع) ۽ ’ننگر ٺٽو‘ (تحقيق: 2023ع) شامل آهن. هي سعودي عرب، ايران، عراق ۽ شام ملڪ گهمي چڪو آهي. پاڻ هن وقت اسلام آباد ۾ وڪالت جي پيشي سان سلھاڙيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1941.04.03  عيسوي

يکڪ ۽ وڪيل محمد قاسم ولد حاجي نور محمد ميرجت 3 اپريل 1941ع تي ڳوٺ بھار خان ميرجت، تعلقي جهنڊي مري، ضلعي ٽنڊي الھيار ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيراني خواجه محڪم الدين
راجا سونيه
سعدالله مفتي
جهانگير بدر
عبدالعزيز سومرو
ابڙو غلام مصطفيٰ
بطليموس
ڀَنڀو
جلال چانڊيو
پيرل پياسي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون