مغلن جو دور حڪومت

مغلن جو دور حڪومت:
دهليءَ جي شاهي مغلن سنڌ تي جدا جدا مرحلن ۾ قبضو ڪيو ۽ مختلف حصن تي الڳ الڳ حاڪم موڪليا. هونئن تہ شاھہ حسن ارغون جي وفات (962ھہ/ 1555ع) کانپوءِ سنڌ جو ملڪ ٻہ حصا ٿي ويو هو، ليڪن اڪبر جي دور ۾ جڏهن سڄو ملڪ دهليءَ جي تابع ٿي ويو، تڏهن ان کي يڪجا ڪرڻ بجاءِ وڌيڪ ٽڪرن ۾ تقسيم ڪيو ويو. مغل دور جي انتظامي ڍانچي ۾ بکر، سيوهڻ ۽ ٺٽو جداگانه اهميت رکندا هئا. ميرڪ يوسف پنھنجي ڪتاب ۾ سبيءَ کي بہ سنڌ جي بندوبست ۾ چوٿون پرڳڻو (سرڪار) سڏيو آهي. ٺٽي جي فتح کانپوءِ لاهري بندر کي مرڪزي سرڪار پنھنجي تحويل ۾ ورتو ۽ ان تي ٺٽي صوبي جي صوبيدارن جو ڪو بہ عمل دخل نہ هو. (تاريخ مظهر شاهجهاني، سنڌي، ص 107) ان ڪري هت جدا جدا علائقن جو الڳ الڳ ذڪر ڪجي ٿو.
بکر ۾ مغل عملدار:
بکر جو علائقو سمن جي دور کان وٺي وڏيءَ اهميت وارو هو. شاھہ بيگ ارغون 927ھہ/ 1520ع ۾ سنڌ فتح ڪري، اُتي سلطان محمود کي مقرر ڪيو. محمود ڪنهن نہ ڪنهن شڪل ۾ پورا پنجاھہ سال بکر جو حاڪم رهيو. ان جو ذڪر اڳ ۾ ئي ٿي چڪو آهي. حياتيءَ جا آخري ٻہ سال بيماري ۽ ارغون اميرن جي تفرقي سبب سخت پريشان رهيو. آخر ۾ اڪبر بادشاھہ ڏي ماڻهو موڪلي، بکر لاءِ عملدار مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪيائين. ان حالت ۾ هو 982ھہ/ 1574ع ۾ فوت ٿي ويو. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص: 278-279) سنڌ جي آخري فارسي مؤرخ خداداد خان جو تعلق سکر سان هو. ان ڪري سندس پختو خيال آهي تہ نئين سکر جي ٽڪريءَ تي، مير معصوم جي مناري جي اتر ۾، جيڪا مزار آهي، اها ئي سلطان محمود بکريءَ جي قبر آهي. (لب تاريخ سنڌ، سنڌي، ص 79) هن جي موت کانپوءِ بکر تي اڪبر پاران عملدار مقرر ٿيڻ شروع ٿيا. اهڙن عملدارن جي لسٽ خداداد خان ’لب تاريخ سنڌ‘ ۾ ڏني آهي. هيءَ لسٽ ’لب تاريخ سنڌ‘ جي سنڌي ترجمي تان (ص 79-90)، هت خلاصي جي صورت ۾ شامل ڪجي ٿي. لب تاريخ سنڌ ۾ ڏنل لسٽ تي سنڌ جو نامور مؤرخ پير حسام الدين راشديءَ بي اعتمادي ڏيکاريندي لکيو آهي تہ ان کي مڪمل ۽ درست ڪرڻ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ڪم هو، جنهن هي ڪتاب ايڊٽ ڪري ٻيهر ڇپرايو هو. (تذڪره اميرخاني، ص 298، حاشيو 03)
نالو مقرر ٿيڻ جو سال
(01) گيسو خان 982ھہ/ 1574ع
(02) ترسون خان 983ھہ/ 1575ع
(03) مير سيد محمد امير ولد مير عبدل 983ھہ/ 1575ع
(04) سيد ابو افضل ولد مير سيد محمد امير 984ھہ/ 1576ع
پنھنجي والد سيد محمد جي قتل کانپوءِ گورنر ٿي آيو.
(05) اعتماد خان خواجہ سرا 985ھہ/ 1577ع
خلق کي تنگ ڪيائين، نيٺ قتل ٿي ويو.
(06) نواب فتح خان 986ھہ/ 1578ع
جاگير ۾ راجا پرمانند جي شرڪت سان، راجا جي جاگير ٻن سالن ۾ ختم ٿي. هن 993ھہ/ 1585ع ۾ روهڙيءَ ۾ درگاھہ وار مبارڪ لڳ جامع مسجد ٺهرائي هئي.
(07) نواب صادق خان 994ھہ/ 1585ع
هن جي دور ۾ جاني بيگ خلاف چرپر شروع ٿي.
(08) نواب اسماعيل قلي خان 996ھہ/ 1587ع
(09) نواب شيرو خلطان 997ھہ/ 1588ع
(10) نواب صادق خان 998ھہ/ 1589ع
ٻيو ڀيرو مقرر ٿيو.
(11) نواب مير ابوالقاسم خان نمڪين 1004ھہ/ 1595ع
ستين جي آستان ۾ هن جو مدفن آهي. اميرخاني سيد سڏجن ٿا.
(12) نواب مرزا نور ولد خان اعظم 1005ھہ/ 1596ع
(13) ابو القاسم نمڪين 1007ھہ/ 1598ع
ٻيو ڀيرو مقرر ٿيو.
(14) نواب سعد خان 1009ھہ/ 1600ع
(15) نواب بقرا بيگ 1014ھہ/ 1605ع
اُن سال اڪبر بادشاھہ فوت ٿيو ۽ چند مهينا پوءِ مير معصوم بکري پڻ وفات ڪري ويو.
(16) نواب سردار خان 1015ھہ/ 1606ع
قنڌار جي مھم ۾ قتل ٿي ويو.
(17) نواب قاضي خان 1016ھہ/ 1607ع
(18) نواب سيد تاج خان 1020ھہ/ 1611ع
(19) نواب بازيد خان 1025ھہ/ 1616ع
(20) نواب هوشيار خان 1028ھہ/ 1618ع
(21) نواب مرزا علي محمد بيگ 1031ھہ/ 1621ع
هي نواب نورجھان بيگم جي طرفان مقرر ٿيل هو، ڇو تہ بکر جو علائقو ان وقت بيگم صاحبہ جي جاگير ۾ هو.
(22) محمد علي فوجدار 1038ھہ/ 1628ع
هن جي دور ۾ جھانگير وفات ڪئي ۽ شاھجھان تخت نشين ٿيو.
(23) مرزا حسيني 1039ھہ/ 1629ع
گنجابه ۽ سبي بہ هن جي جاگير ۾ هئا.
(24) عزت خان فوجدار 1041ھہ/ 1631ع
(25) سيد محمد فوجدار 1043ھہ/ 1634ع
(26) نواب اسد خان 1045ھہ/ 1635ع
(27) نواب محمد يوسف خان 1046ھہ/ 1636ع
(28) نواب محمد خان 1048ھہ/ 1638ع
(29) نواب شاھہ قلي خان 1049ھہ/ 1639ع
پرهيزگار انسان هو، سومر ۽ جمعي جي رات مسڪينن کي کاڌو کارائيندو هو.
(30) ميران سيد جاون 1050ھہ/ 1640ع
بھادر ۽ شمشير زنيءَ جو ماهر هو.
(31) مرزا التفات بيگ 1051ھہ/ 1641ع
(32) مرزا زمان خان 1052ھہ/ 1642ع
شھزادي مراد بخش جو ملازم هو.
(33) نواب سعد خان 1054ھہ/ 1644ع
غالباً هي ٻيون ڀيرو حاڪم ٿي آيو ۽ ساڳيو چوڏهين نمبر وارو سعد خان آهي.
(34) خواجہ لطف ۽ مير محمد ناظر 1058ھہ/ 1648ع
(35) نواب خواجگي 1061ھہ/ 1650ع
هي دارا جو ملازم هو.
(36) شيخ احمد 1062ھہ/ 1652ع
(37) مرزا لعل بيگ 1065ھہ/ 1655ع
(38) خواجہ عبدالواحد 1066ھہ/ 1656ع
(39) شيخ احمد 1067ھہ/ 1657ع
(40) خواجہ محمد شريف 1068ھہ/ 1658ع
هن زماني ۾ دارا جي ڀاڄ سبب سنڌ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي. اهو ئي زمانو آهي، جڏهن ميان شاھہ علي ڪلهوڙي ۽ مغلن ۾ گهاڙ واھہ جي ڪناري تي جنگ ٿي. ميان شاھہ علي شھيد ٿيو. ڪلهوڙن جو نئون اڳواڻ ميان نصير محمد بنجي ويو، جنهن بعد سنڌ جي آزاديءَ جي تحريڪ زور ورتو.
(41) باقر خان 1069ھہ/ 1659ع
شاھجھان وفات ڪئي ۽ اورنگزيب آخري طاقتور مغل شهنشاھہ بنيو.
(42) عبدالله خان 1070ھہ/ 1660ع
چار مهينا بکر ۾ رهيو.
(43) خنجر خان 1070ھہ/ 1660ع
(44) شيخ ابراهيم 1071ھہ/ 1661ع
(45) نواب سيد عزت خان 1074ھہ/ 1663ع
(46) نواب سيد غلام مصطفيٰ خان 1078ھہ/ 1667ع
(47) سيد مير يعقوب خان رضوي 1081ھہ/ 1670ع
روهڙيءَ جو ويٺل هو.
(48) سيد مير صادق علي خان 1085ھہ/ 1677ع
مير يعقوب جو پٽ هو. سندن پونير اڄ بہ روهڙيءَ ۾ رهن ٿا.
(49) نواب خدايار خان 1087ھہ/ 1677ع
(50) مير محمد اڪرم حڪيم 1090ھہ/ 1679ع
روهڙيءَ جي قاضين مان هو.
محمد اڪرم جو اولاد اڄ بہ روهڙي شھر جي قاضي محلي ۾ رهي ٿو. خداداد خان لکيو آهي تہ هن کانپوءِ سنڌ جي اڪثر حصن تي ڪلهوڙا قابض ٿيا ۽ مغل نوابن جو اچڻ بند ٿي ويو. (لب تاريخ سنڌ، سنڌي، ص 90) غلام محمد لاکي جي تحقيق آهي تہ 1092ھہ/ 1681ع ۾ ميان نصير محمد ڪلهوڙي اتر سنڌ جي مختلف حصن تي پنهنجو راڄ قائم ڪري ورتو هو.
ٺٽي ۾ مغل صوبيدار:
بکر کانپوءِ مغل شاهيءَ ٺٽي هٿ ڪرڻ لاءِ تياري ڪئي. جنهن وقت بکر تي مغلن جو قبضو ٿي ويو، ان وقت ٺٽي تي مرزا محمد باقي ترخان جو راڄ هو. هن پنھنجي نياڻي اڪبر جي نڪاح ۾ داخل ڪري، پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ورتي، ليڪن اڪبر هي رشتو قبول نہ ڪيو. مرزا باقي ترخان جي دور ۾ اڪبر ٻين مامرن جي ڪري ٺٽي کي پاسيرو رکيو. البت جاني بيگ جي دور ۾ بکر تي نواب محمد صادق خان مقرر ٿيو، تڏهن هن کي ٺٽي جي فتح لاءِ بہ حڪم مليو. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص: 291) هي نواب 12 ربيع الاول 994ھہ برابر 3 مارچ 1586ع تي بکر پهتو. نواب محمد صادق خان ۽ مرزا جاني بيگ جي سپاهين جي وچ ۾ پاٽ ۾ لڙائي ٿي، جنهن ۾ ترخانن جو گهڻو نقصان ٿيو. هو سيوهڻ جي محاصري ۾ هٿيڪو هو ته، جاني بيگ خود بہ لَڪي جبلن وٽ پهچي ويو. ان وچ ۾ اڪبر جو فرمان پهتو تہ جاني بيگ درگاھہ ۾ تحفا موڪلي، پنھنجي عاجزي، اخلاص ۽ نيازمندي ظاهر ڪئي آهي، ان ڪري لڙائي بند ڪئي وڃي. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص 291- 292) ليڪن چار سال بہ نہ گذريا تہ ٺٽي جي فتح جو پڪو ۽ قطعي فيصلو ٿي ويو. شهنشاھہ اڪبر سن 998ھہ/ 1590ع ۾ لاهور جي دوري تي هو، تڏهن درٻارين بادشاھہ جا ڪن ڀريا تہ مرزا جاني بيگ، شاھہ حسن ارغون وانگر اطاعت جو اظهار بہ نہ ڪيو، پر هاڻي تہ خودمختياريءَ جو دم هڻڻ لڳو آهي. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص 292) ان تي شهنشاھہ اڪبر، عبدالرحيم خان خانان کي ٺٽي جي فتح جو حڪم ڏنو. محقق سنڌ پير حسام الدين راشديءَ جو خيال آهي ته، خان خانان کي جڏهن هيءَ مھم ملي، تڏهن ڪافي پريشان ٿيو. ڇو تہ ان کان اڳ محمد صادق سنڌ مان خوار خراب ٿي واپس ٿيو هو. ان تجربي جي آڌار تي چونڊ اميرن ۽ بهادرن جو لشڪر بہ خان جي قيادت ۾ ڏنو ويو. اڪبر پنھنجي سر لاهور ۾ راويءَ جي ڪناري تي اچي خانخانان کي رخصت ڪيو. (مير محمد معصوم بکري، باب 13-14) ان مان سنڌ جي مھم جي اهميت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. خان خانان بکر پهچي عجيب ڪشمڪش ۾ مبتلا ٿيو. هن هتان جي مختلف بزرگن سان روبرو ملي يا سندن مزارن تي وڃي ڪاميابيءَ لاءِ دعائون گهرايون ۽ نذر نياز پيش ڪيا. ان ڏس ۾ مخدوم نوح، مخدوم عثمان درٻيلوي، شيخ وهنيي ۽ شيخ ڀرڪيي جا نالا تذڪرن ۾ آيا آهن. (ذخيره الخوانين (فارسي)، جلد اول، ص: 179- 180) اڪبري لشڪر ۾ تاريخ سنڌ جو مؤرخ مير محمد معصوم بکري بہ شامل هو، جنهن پنھنجي ’تاريخ معصومي‘ ۾ حملن ۽ مارا مارين جا اکين ڏٺا تفصيل ڏنا آهن.
خان خانان ۽ ترخانن جي لشڪر ۾ ابتدا ۾ سيوهڻ ۾ لڙايون ٿيون. ان مقصد لاءِ قلعي جو محاصرو ڪيو ويو ۽ سرنگهون کوٽي بارود ڀري قلعي کي فتح ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ويون. جاني بيگ خود نصرپور پهچي بوهري قلعي ۾ جنگ جي تياري ڪئي. سيوهڻ جو محاصرو ڇڏي مغليه لشڪر بوهريءَ طرف وڌيو. ترخانن پنھنجي مدد لاءِ فرنگي لشڪر (پورچوگيز) کي بہ سڏيو هو. حملي آورن ۽ سنڌ جي لشڪر ۾ نصرپور جي آسپاس درياھہ ۾ زبردست لڙائي ٿي. ترخانن جي لشڪر جي قيادت خسرو چرڪس ٿي ڪئي. هن جنگ ۾ مغلن کي گهڻو نقصان ٿيو. بوهري قلعي کي حاصل ڪرڻ لاءِ پڻ وڏي ويڙھہ ٿي، پر مغل ان کي حاصل نہ ڪري سگهيا. ان بعد مغلن مختلف شهرن تي هڪ ئي وقت دٻاءُ وجهڻ جي حڪمت عملي ٺاهي. جنهن موجب فاتح ٺٽي، بدين، سيوهڻ ۽ عمرڪوٽ طرف ٽولن جي صورت ۾ ٽڙي پکڙي ويا. مير معصوم سيوهڻ ويندڙ ٽولي ۾ شامل هو. مغلن جي ٽڙڻ پکڙجڻ جي صورت ۾ جاني بيگ ترخان سيوهڻ طرف وڌيو. مغل سپاھہ ۽ مرزا جاني بيگ جي وچ ۾ لڪيءَ جي جبلن وٽ وڏو دنگل ٿيو، جنهن ۾ اڪبر جا ڪي نامور سالار مارجي ويا. ليڪن سنڌ جو حاڪم هن خونريز جنگ بعد پاڻ بچائي انڙپور طرف نڪري ويو، جتي قلعي بند ٿي ويٺو. مغلن وڌي انڙپور جو گهيرو ڪيو ۽ ڪيترائي ڏينهن لڙائي جاري رهي. جنگ مان ڪو بہ کڙتيل نہ پي نڪتو. مير معصوم هي سموري روئداد لکندي ٻڌايو آهي تہ آخرڪار جاني بيگ تنگ ٿي صلح طرف هٿ وڌايو. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص: 295-302)
مير معصوم بکري جيئن تہ مغل سپاھہ جو حصو هو، ان صورت ۾ کيس ائين ئي لکڻ کپندو هو. ٻئي طرف مير علي شير قانع مختلف روئداد بيان ڪئي آهي. هن لڪي جبلن واري جنگ ۾ جاني بيگ جي جوانمرديءَ جي وڏي تعريف ڪئي آهي. مغل لشڪر سنڌ جي جدا جدا حصن تي وڃي ڪجهہ جنگ ۽ ڪجهہ حيلي حرفت سان ڪن شهرن تي قبضو ڪيو. محمد امان ترخان ۽ قاسم علي وڪيل کان نيرون ڪوٽ جو قلعو ڇڏايو ويو. شاھہ بيگ خان، ابوالقاسم ارغون جي هٿان ساڪرو کسيو. چاچڪان جو پرڳڻو پڻ مقامي ماڻهن جي مدد سان هٿ ڪيو ويو. ان دور ۾ مرزا جاني بيگ جي حڪمن تي ٺٽي کي نابود ڪيو ويو، تہ جيئن ڀريو ڀڪليو شھر ڌارين جي ور نہ چڙهي وڃي. پورو مهينو ٺٽي ۾ وڏي بربادي ٿيندي رهي. ان دور ۾ مرزا جاني بيگ کي شخصي طور تي ٻہ وڏا نقصان پهتا. هڪ تہ سندس والد پاينده بيگ مرزا ۽ پٽ ابوالفتح عمر، فوت ٿي ويا. ٻيو تہ لڙاين ۾ ڊيگهہ اچڻ سبب ملڪي معيشت کي بہ وڏو نقصان پهتو. هن سڄي روئداد لکڻ بعد بہ مير علي شير قانع لکيو آهي تہ ان سموري ماجرا ۾ جاني بيگ آخري دم تائين وڙهڻ جو پڪو ارادو ڪيو. ان حالت ۾ صلح جي آڇ خود مغلن جي طرفان ٿي ۽ عبدالرحيم خانخانان ڪجهہ ماڻهو موڪلي ٺاھہ جي ڪوشش ورتي. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص: 190-195) ملڪي حالتن جي بربادي، جاني بيگ جي سپاهين جي حقيقي روئداد ۽ مغلن سان ڳجهہ ڳوھہ ۾ صلح جي ڳالهين جو تذڪرو بہ مير علي شير قانع ڪيو آهي. صلح ٿيڻ بعد جاني بيگ ٺٽي روانو ٿيو ۽ خان خانان، سن ۾ رهي چوماسي جي موسم گذاري. بعد ۾ فتح باغ روانو ٿيو، جتي جاني بيگ سندس استقبال ڪيو. ٻئي ڄڻا ٺٽي پهتا، جتي خان خانان جي مان ۾ وڏيون دعوتون ڪيون ويون. ڪجهہ ڏينهن ٺٽي ۾ رهي خان خانان، جاني بيگ کي ساڻ ڪري لاهري بندر کان سنڌ جو سمنڊ ڏسڻ ويو. (ترخان نامه، سنڌي، ص 70) هن جنگ جي حوالي سان راشدي صاحب همعصر ڪتابن ۾ آيل سمورو مواد جمع ڪيو آهي. (تحفة الڪرام، فارسي، ص 219-312) ۽ پڻ هن جنگ بابت سڄي اوک ڊوک پنھنجي ڪتاب ’مير محمد معصوم بکريءَ‘ ۾ ڪئي آهي، جا بيحد دلچسپ آهي. (باب 13-14)
هن کانپوءِ جاني بيگ صلح جي شرطن موجب خان خانان سان گڏ، شاهي درٻار ۾ وڃي اڪبر جي قدم بوسي ڪئي. نتيجي طور کيس ٺٽو (سنڌ) مرحمت ٿيو. مرزا جاني بيگ 1009ھہ/ 1601ع ۾ فوت ٿيو. اڪبر وري بہ ٺٽو هن خاندان وٽ ئي رهڻ ڏنو ۽ جھانگير بہ ساڳي پاليسي جاري رکي. جاني بيگ کانپوءِ مرزا غازي بيگ ترخان کي ٺٽو مليو، جنهن 1021ھہ/ 1612ع ۾ وفات ڪئي. ان ريت ٺٽي تي ترخانن جو راڄ پورو ٿيو. هاڻي ٺٽي کي صوبي جو درجو مليو هو، ان ڪري ان کانپوءِ دهليءَ مان سڌو ٺٽي لاءِ گورنر (صوبيدار) اچڻ شروع ٿي ويا.
مير علي شير قانع ’تحفة الڪرام‘ ۾ ٺٽي جي صوبيدارن جي لسٽ ڏني آهي، ليڪن اها ناقص آهي. راشدي صاحب هن (تحفة الڪرام، فارسي) ڪتاب جي تعليقات ۾ جديد ڄاڻ ۽ تحقيق جي بنياد تي، مغل صوبيدارن جي مڪمل لسٽ ڏني آهي. ساڳي لسٽ اعجازالحق قدوسيءَ (تاريخ سندھہ، جلد دوم، مطبع مرڪزي اردو بورڊ، لاهور، 1974ع) بہ ڪجهہ تبديليءَ سان ڏني آهي. هتي انهن ٻنهي ڪتابن جي مدد سان ٺٽي جي مغل صوبيدارن جي لسٽ ڏجي ٿي:
اڪبر جو دور (1000/ 1591ع - 1014ھہ/ 1605ع)
(1) خان لوڌي'>دولت خان لوڌي (1000-1003ھہ): جڏهن مرزا جاني بيگ کي وٺي خانخانان هندستان روانو ٿيو، تڏهن ٺٽو دولت خان جي حوالي ٿيو.
(2) مرزا شاھہ رُخ (1002ھہ): ٺٽي لاءِ نامزد ٿيو، بعد ۾ مُلڪ جاني بيگ کي موٽي مليو.
(3) خسرو چرڪس (1002-1008ھہ): جاني بيگ شاهي درٻار ۾ هو تہ مرزا غازي بيگ ملڪ جو مهندار بنيو، پر اصل حاڪم خسرو چرڪس رهيو.
جھانگير جو دور (1014/ 1605ع - 1037ھہ/ 1627ع)
(4) مرزا غازي ترخان (1009-1021ھہ): مرزا غازي ترخان کي پيءُ کانپوءِ ٺٽو مليو. هن جي هند ۾ هجڻ واري وقت ۾ ميرزا احمد بيگ ۽ هندو خان (1013- 1016ھہ)، ۽ پوءِ خسرو چرڪس (1017- 1021 ھہ)، مرزا جي نائب طور ٺٽي ۾ حڪومت ڪئي.
(5) ميرزا عبدالعلي ترخان (1021ھہ): غازي بيگ جي وفات بعد (11 صفر 1021ھہ)، خسرو چرڪس کيس سربراھہ مقرر ڪيو. ليڪن جھانگير تيزيءَ سان ڪارروائي ڪري، مرزا عبدالعلي ۽ خسرو کي گرفتار ڪرائي ٺٽي مان بيدخل ڪيو.
(6) مرزا رستم صفوي قنڌاري (1022- 1023ھہ): ان بعد بادشاھہ سڌو ٺٽي تي مغل صوبيدار موڪلڻ شروع ڪيا. رستم پهريون صوبيدار ٿي ٺٽي آيو. هي نهايت ظالم هو، جھانگير کيس معزول ڪيو.
(7) تاجخان، تاش بيگ (1023ھہ): بکر جو فوجدار هو، اتان ٺٽي آيو ۽ ان سال ٺٽي ۾ فوت ٿيو.
(8) ارسلان بيگ خان اوزبڪ'>شمشير خان اوزبڪ (1023- 1025ھہ): سيوهڻ مان ٺٽي آيو، پوءِ معزول ٿي درٻار ۾ پهتو.
(9) مير عبدالرزاق خان معموري (1025- 1028ھہ)
(10) مرزا شاھہ بيگ ارغون خاندوران (1028ھہ)
(11) سيد بايزيد بخاري، مصطفيٰ خان (1029- 1035ھہ): بکر مان ٺٽي جو صوبيدار ٿي آيو. محرم 1035ھہ ۾ ٺٽي ۾ فوت ٿيو.
(12) سيد ابراهيم بن بايزيد بخاري (1035ھہ): تحفة الڪرام ۾ هن جو نالو اچي ٿو. ٻين ڪتابن ۾ نہ ٿو اچي. ٿي سگهي ٿو تہ والد جي وفات وقت ٺٽي جو بندوبست سنڀاليو هجائين.
(13) شريف الملڪ (1035- 1037ھہ): هن جي ڏينهن ۾ شھزادو شاھجھان والد کان رنج ٿي ٺٽي آيو.
(14) مرزا ابو سعيد (1036ھہ): خاطري نہ آهي تہ هن کي ٺٽي جي صوبيداري ملي يا پٽنا جي، بهرحال ٺٽي نہ پهتو هو، جو 28 صفر 1037ھہ تي جھانگير فوت ٿيو. بعد ۾ شاھجھان بادشاھہ بنيو تہ هن پنهنجو صوبيدار ٺٽي موڪليو ۽ شريف الملڪ معزول ٿيو.
شاھہ جھان جو دور (1037ھہ/ 1627ع – 1069ھہ/ 1658ع)
(15) مرزا عيسيٰ ترخان ثاني (1037- 1038ھہ): ٺٽي جي ترخانن جي اولاد مان هو. هن جي عاليشان رانڪ مڪليءَ جي قبرستان ۾ موجود آهي.
(16) سيد بادشاھہ خواجه، شير خواجه، باقي خان (1037ھہ): ٺٽي نہ پهتو هو، ۽ راھہ ۾ فوت ٿيو.
(17) مرتضيٰ خان، مير حشام انجو (1037- 1039ھہ): ٺٽي ۾ فوت ٿيو.
(18) مير ابوالبقا امير خان (1039- 1041ھہ): بکر جي امير خاني ساداتن مان هو.
(19) يوسف محمد خان تاشقندي (1041- 1045ھہ): بکر ۽ سيوهڻ ۾ بہ رهيو. بعد ۾ ٺٽي جو صوبيدار ٿي آيو.
(20) دولت خان، خواص خان مئي (1045- 1050ھہ)
(21) غيرت خان، خواجہ ڪامگار (1050ھہ): ٺٽي جو صوبيدار ٿي آيو. ان سال ٺٽي ۾ فوت ٿيو ۽ مڪليءَ تي دفن ٿيو. راشدي صاحب هن جي قبر ڳولي لڌي. هتي هن ’ماثر جهانگيري‘ ڪتاب لکيو هو.
(22) مغل خان، شادي بيگ، شجاعت خان، شاد خان (1050-1052ھہ): بکر مان ٺٽي آيو ۽ پوءِ وري سيوهڻ تي مقرر ٿيو.
(23) مير ابوالبقا امير خان (1052- 1057ھہ): ٻيو ڀيرو ٺٽي جو صوبيدار ٿي آيو. ان وقت ٺٽي ۾ جامع مسجد ٺهرايائين، جيڪا بادشاهي يا مسجد شاھجھان سڏجي ٿي. روهڙيءَ ۾ هن جي قبر ’ستين جي آستان‘ قبرستان ۾ آهي.
(24) مغل خان بن زين خان ڪوڪو (1057- 1060ھہ): دکن ۾ قلعدار هو. امير خان فوت ٿيو تہ هن کي ٺٽي جو صوبيدار مقرر ڪيو ويو. 1060ھہ ۾ معزول ٿيو. شاھجھان 1 ذي الحج 1059ھہ تي لاهور ۾ هو، جو اورنگزيب کي ملتان ۽ ٺٽي جو وائسراءِ مقرر ڪيائين. اورنگزيب ٺٽي نہ آيو، سڄو ڪم صوبيدارن جي هٿان هليو ٿي. ان دور ۾ لاهري بندر مٽي ۽ لَٽ سان ڀرجي ويو هو، ان ڪري اورنگزيب سنڌ ۾ نئون بندرگاھہ تعمير ڪرايو، جنهن جو نالو ’اورنگا بندر‘ رکيو ويو. اورنگزيب جيڪي خط شاھجھان بادشاھہ کي لکيا، تن ۾ مختلف قبيلن جي باري ۾ لکيو آهي، جي صوبي ٺٽي ۾ بغاوتون ڪري رهيا هئا. 12 رمضان 1062ھہ تي اورنگزيب دکن جو صوبيدار مقرر ٿيو.
(25) سعيد خان بهادر، ظفر جنگ (1061ھہ): مغل خان جي معزول ٿيڻ تي ٺٽي آيو.
(26) جعفر خان عمدة الملڪ (1061ھہ): سعيد خان کي ڪابل موڪلي، جعفر خان کي ٺٽي جو حاڪم مقرر ڪيو ويو.
(27) مغل خان بن اعظم خان (1061ھہ): ساڳئي سال ۾ ٺٽي جو ٽيون صوبيدار مقرر ٿيو ۽ سال جي اندر تبديل ٿيو. شاھجھان جي دور ۾ ٽي مغل خان ٺٽي تي مقرر ٿيا: مغل خان پٽ جانش بهادر، مغل خان پٽ زين خان، مغل خان پٽ اعظم خان. (تحفة الڪرام، فارسي، حاشيا، ص 405)
(28) سردار خان شاھجھاني (1062- 1063ھہ): سردار خان شاھجھاني رستي ۾ فوت ٿيو ۽ ٺٽي پهچي نہ سگهيو.
(29) ظفر خان احسن پٽ خواجہ ابوالحسن تربتي (1063- 1067ھہ): ٺٽي تي چار سال حڪومت ڪيائين. هن ’مشڪين باغ‘ جو بنياد رکيو، جو ڪلهوڙن جي دور تائين موجود هو.
اورنگزيب جو زمانو (1069ھہ/ 1658ع – 1118ھہ/ 1706ع)
(30) قباد بيگ ازبڪ (1067- 1070): اورنگزيب هن کي 5 محرم 1067ھہ تي ٺٽي جو حاڪم مقرر ڪيو، جڏهن پاڻ درياھہ بياه جي ڪناري، سلطان پور وٽ هو. 26 صفر 1067ھہ تي ٺٽي پهتو ۽ 9 رمضان 1070ھہ تائين رهيو. ٺٽي لاءِ اورنگزيب عالمگير جو پهريون گورنر هو.
(31) لشڪر خان، يادگار بيگ، جان نثار خان بن زبردست خان (1070- 1074ھہ) پنج سال ٺٽي جو صوبيدار رهيو. 1074ھہ جي آخر ڌاري معزول ٿيو.
(32) غضنفر خان پٽ الھہ وردي خان (1074ھہ- 1077ھہ): هن ٺٽي جي حاڪم طور 1077ھہ ۾ وفات ڪئي.
(33) عزت خان، سيد عبدالرزاق گيلاني (1077- 1080ھہ): ٽي سال کن صوبيدار رهيو.
(34) ابو نصر خان شائسته خان (1080- 1082ھہ): ٻہ سال ٺٽي ۾ رهيو.
(35) سعادت خان (1082ھہ؟): هن جو ذڪر صرف ’تحفة الڪرام‘ ۾ ٿيو آهي.
(36) ڪفايت خان (1082ھہ؟): اورنگزيب، شھزادي محمد سلطان کي ٺٽي جو صوبيدار مقرر ڪيو ۽ حڪم ڏنو تہ ڪفايت خان کي پنهنجو نائب ڪري اوڏانهن موڪلي. ان سال شھزادي محمد وفات ڪئي. چئي نہ ٿو سگهجي تہ ڪفايت خان ٺٽي پهتو يا نہ؟
(37) عزت خان، سيد عبدالرزاق گيلاني (1084- 1090ھہ): ٻيو ڀيرو ٺٽي جو صوبيدار ٿي آيو ۽ ڇھہ سال هتي رهيو.
(38) خانہ زاد خان (1090- 1095ھہ؟): هن جي اصليت بابت گهڻو عام ڪونهي. ائين ٿو لڳي تہ ڪابل کان بدلي ڪري کيس ٺٽي موڪليو ويو.
(39) سردار خان (1095- 1098ھہ): معلوم نہ آهي تہ هي ڪير هو. ڇو تہ ان دور ۾ ٽي سردار خان ٿي گذريا آهن. هي ٽي سال ٺٽي جو صوبيدار رهيو.
(40) مريد خان (1099- 1101ھہ): هن عالمگيري جلوس جي ٽئين سال اسلام قبول ڪيو، منصب ۽ مريد خان جو خطاب مليس.
(41) زبردست خان؟ (1101ھہ): زبردست خان ڪير هو، ان بابت گهڻو معلوم ڪونهي. ممڪن آهي تہ سعيد خان بھادر ظفر جنگ جو ڏوهٽو هجي، جيڪو 1061ھہ ۾ ٺٽي جو گورنر ٿي آيو ۽ ان سال ئي هتي فوت ٿيو.
(42) ابو نصر خان، شائسته خان (1101- 1103ھہ): ٻيو ڀيرو ٺٽي تي مقرر ٿيو ۽ ٻہ سال ڪجهہ مهينا رهيو.
(43) نواب حفظ خان پٽ سعد خان وزير (1103- 1112ھہ): ٺٽي سان گڏ سيوهڻ جو حاڪم بہ رهيو. سن 1112ھہ ۾ ميان دين محمد ڪلهوڙي خلاف، شھزادي معزالدين بکر ۽ سيوهڻ طرف فوج ڪشي ڪئي. سخت گرميءَ ۾ درياھہ تي پل ٺهرائڻ لاءِ پاڻ بيٺو رهيو. کيس ڏينهن لڳو ۽ اُتي ئي گذاري ويو.
(44) سعيد خان، خان زاد، محمد رشيد بن عبدالله سعيد خان (1113- 1114ھہ): هن کي 1112ھہ ۾ سيوهڻ سان گڏ ٺٽي جي صوبيداري بہ ملي. خود سيوهڻ ۾ رهيو ۽ پنھنجي پٽ ارشد خان کي ٺٽي موڪليائين.
(45) مير امين الدين خان اميرخاني (1114- 1115ھہ): اصل ۾ ٺٽي جو رهاڪو هو. علم دوست ۽ اهلم قلم هو. هڪ سال صوبيدار رهيو.
(46) يوسف خان تريترين 1115- 1116ھہ)
(47) احمد يار خان برلاس (1116- 1118ھہ): اورنگزيب جو هي آخري صوبيدار هو. ٺٽي ۾ ئي هو، جو بادشاھہ 28 ذي القعد 1118ھہ (1707ع) تي وفات ڪئي.
برصغير تي مغلن جو دٻدٻو ۽ طاقتور حڪومت جو دور پورو ٿيو. هن عرصي تائين اتر ۽ وچ سنڌ تي، سنڌ جي مقامي ’ڪلهوڙاخاندان جو قبضو ٿي چڪو هو. آهستي آهستي ڪري ٺٽي تي بہ مغلن جو قبضو ڍرو ٿيندو ويو.
آخري مغل دور (1118ھہ/ 1706ع – 1150 ھہ/ 1737ع)
ڇھن سالن جي عرصي ۾ دهليءَ ۾ شھزادا پاڻ ۾ وڙهندا رهيا، ان دور ۾ ٺٽي تي هي صوبيدار آيا ۽ ڪو خاص ٻوٽو نہ ٻاري سگهيا.
(48) سعيد خان عطر خان بن محمد رشيد سعيد خان (1119- 1121ھہ): شاھہ عالم بھادر شاھہ جي حڪم تي هن جي مقرري ٿي.
(49) مهين خان (1121- 1123 ھہ)
(50) شاڪر خان (1123ھہ)
(51) مهين خان (1123- 1124ھہ- ٻيو ڀيرو): هن جي دور ۾ شاھہ عالم بھادر شاھہ 21 محرم 1124ھہ تي فوت ٿيو.
(52) خواجہ محمد خليل (1124ھہ): جهاندار شاھہ نو مهينا حڪومت ڪري فوت ٿيو. ان بعد محمد فرخ سير دهليءَ جي تخت تي ويٺو.
(53) عطر خان غياث الدين (1124- 1125ھہ): هڪ راءِ آهي تہ هي ٺٽي ۾ فوت ٿيو.
(54) لطف علي خان، شجاعت علي خان، مير محمد شفيع (1125- 1128ھہ)
(55) اعظم خان بن محمد صالح فدائي خان (1128- 1132ھہ): مقامي تاريخن ۾ هن جو زمانو گهڻو بدنام آهي. هن جي دور ۾ صوفي شاھہ عنايت جي شهادت جو واقعو پيش آيو. هي واقعو سن 1130ھہ/ 1718ع ۾ ٿي گذريو. هن واقعي سبب سندس گهڻي بدنامي ٿي، گڏوگڏ ڪلهوڙن حاڪمن جي بہ مغلن جو ساٿ ڏيڻ ڪري بدنامي ٿي.
(56) مهابت خان بهادر، غالب جنگ (1132- 1134ھہ): ٻہ سال ٺٽي ۾ رهيو. هتي فوت ٿيو ۽ سندس لاش لاهور موڪليو ويو.
(57) سلطان محمود خان (1134- 1135ھہ): هي پنھنجي والد جي جاءِ تي صوبيدار مقرر ٿيو، ليڪن سندس پاران سڄو ڪم رضي محمد ڪندو هو.
(58) عبدالسميع خان (1135- 1137ھہ): هي عبدالغفور هالائيءَ جو ڀاءُ هو ۽ سيف خان پاران ٺٽي تي حڪومت ڪندو هو.
(59) سيف خان (1137- 1142ھہ): هي فرخ سير جي وڏن اميرن مان هو. ذي الحج 1137ھہ ۾ ٺٽي آيو. پنج سال گورنر رهيو ۽ 9 ذي القعد 1142ھہ تي ٺٽي ۾ فوت ٿيو.
(60) دلير خان، معين الدوله بهادر، نصير جنگ (1143- 1145ھہ)
(61) محمد اسحاق، عمدة الملڪ، امير خان، ’انجام‘ (1145): هن کي ٺٽو جاگير ۾ مليو. ليڪن ٺٽي کي دلير خان پٽ دلير دل خان کي ٺيڪي تي ڏئي ڇڏيائين. هن 1145ھہ ۾ ٺٽي اچي ملڪ جو قبضو حاصل ڪيو.
(62) همت دلير خان (1145- 1149ھہ): چئن سالن تائين ٺٽي جو انتظام سندس هٿن ۾ رهيو.
(63) نواب صادق علي خان ولد سيف خان (1149- 1150ھہ): هن امير خان کان ملڪ ٺيڪي تي کنيو. سال مس ڪڍيائين، پر نقصان ٿيس. آخرڪار دهلي درٻار ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي وڪيل شيخ غلام محمد پٽ شيخ عزيز کي ٺٽو ٺيڪي تي ڏئي جان آجي ڪيائين. ٺٽي تي هي آخري مغل صوبيدار هو. ان بعد ٺٽو واپس سنڌ ملڪ جي انتظام ۾ اچي ويو، ۽ شھر لاءِ ڪلهوڙن حاڪمن (ميان نور محمد) پنهنجا عملدار مقرر ڪرڻ شروع ڪيا.
سيوهڻ مغل دور ۾: جڏهن ٺٽي جي فتح ٿي چڪي ۽ اڪثر معاملا حل ٿي ويا، تڏهن اڪبر بادشاھہ جي حڪم سان ٽي هنڌ: سيوهڻ، ضربخانو ۽ لاهري بندر- مرڪزي سرڪار پنھنجي قبضي ۾ رکيا ۽ باقي ملڪ (ٺٽي جو)، ترخانن کي مرحمت ٿيو. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 167) ساڳيءَ ريت يوسف ميرڪ بہ سيوهڻ ۽ لاهري بندر جي شاهي ضابطي ۾ هجڻ جي تصديق ڪئي آهي. (تاريخ مظهر شاهجهاني، سنڌي، ص 107) اڪثر مؤرخن سيوهڻ سان مغلن جي منفرد تعلق کي ياد نہ ڪيو آهي. البت يوسف ميرڪ پنهنجو ڪتاب ’تاريخ مظهر شاھجھاني‘ ڄڻ تہ سيوهڻ بابت لکيو آهي. ان کان اڳ جو اصل عنوان تي بحث ڪجي، سيوهڻ تي مغلن جي ظلمن بابت مشھور ليکڪ ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جا تاثرات پيش ڪجن. هو لکي ٿو ته، پير حسام الدين راشديءَ مغل دور جو هڪ تاريخي ماخذ ’تاريخ مظهر شاھجھاني‘ ڇپرايو ... اُن تي مقدمو لکندي ۽ ڪتاب جي اهميت اجاگر ڪندي، راشدي صاحب، ڪتاب جي ان پاسي کي خاص طور نروارو ڪيو آهي، جنهن ۾ سيوهڻ جي مغل گورنرن جي ظلمن جو بيان آهي. بلڪ ڪتاب جي اهميت ان نُڪتي کان بہ وڌيڪ آهي. حسام الدين پاران تاريخ کي مسخ ڪرڻ ۽ ان کي هڪ خاص مقصد لاءِ لکائڻ جو هي هڪ مثال پيش ڪيو ويو آهي. ان ريت حسام الدين راشدي، سنڌ جي مظلوميت کي اُڀارڻ گهُري ٿو. (سندھہ خاموشي کي آواز، تعارف، شروعاتي صفحا) تاريخ نويس ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ کي شايد اها ڳالھہ نہ وڻي تہ تاريخ جي مدد سان ماضيءَ توڙي اڄ سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن جي ڪيس کي اجاگر ڪجي. ڏٺو وڃي تہ نہ رڳو هي اهم ۽ گُم ٿيل تاريخي ڪتاب، پير حسام الدين راشديءَ، صدين کانپوءِ ڳولي هٿ ڪيو، پر اُن کي ايڊٽ ڪري طويل مقدمو لکي مغلن جي پرڪارن کي نروار ڪيو، اُن جي حاشين ۽ تعليقات جي صورت ۾، وڌيڪ تاريخي مواد جو ڪتاب بڻايائين. ان صورت ۾ هن ڪتاب جي وڏي تاريخي اهميت ٿي پئي آهي. ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ کي نہ ’پير حسام الدين‘ جي طرفان ٿيل تحقيق ۽ نہ ئي سندس راءِ وڻي آهي، جڏهن تہ خود سندس راءِ بہ اختلافي آهي. هاڻي سيوهڻ جي مغل دور ۾ پوزيشن جو ذڪر ڪجي ٿو.
شاھہ حسن ارغون: شاھہ حسن ارغون، سنڌ کي ڇھن ڊويزنن (سرڪارن): بکر، سيوهڻ، نصرپور، چاچڪان، ٺٽي، چاڪر هالا ۽ جوڻ ۾ تقسيم ڪيو. سلطان محمود بکري (1520- 1574ع) چوونجاھہ سال بکر سرڪار تي حڪومت ڪئي. ترخانن جي دور ۾ بہ (1556- 1612ع)، جيسين محمود بکري جيئرو هو تيسين بکر جو حاڪم رهيو. 1574ع ۾ فوت ٿيو تہ اڪبر جي لشڪر سڄي بکر سرڪار ۾ مغل ضابطو بحال ڪري، ان کي ملتان جي صوبي ۾ شامل ڪري ورتو. 1556ع ۾ ٺٽي تي ترخانن قبضو ڪيو. بکر کي ڇڏي باقي پنج ڊويزنون (سرڪارون) ترخانن جي حوالي ٿيون. 1592ع ۾ مغلن هٿان ٺٽي جي فتح کانپوءِ اڪبر جي حڪم سان، ضربخانو، لاهري ۽ سيوهڻ سرڪار، شاهي ضابطي ۾ اچي ويا. ان پس منظر ۾ يوسف ميرڪ (تاريخ مظهر شاھجھانيسيوهڻ سرڪار جو جداگانه ۽ مفصل بيان ڪيو آهي. هن سرڪار ۾ يارهن محال يا پرڳڻا هئا: اٺ پرڳڻا درياھہ جي هن ڀر قلعي طرف ۽ ٽي پرڳڻا درياھہ جي پرئين پاسي هئا. (مظهر شاهجهاني، سنڌي، ص 161) يوسف ميرڪ جي بيان موجب سيوهڻ طرف جا اٺ پرڳڻا هن ريت هئا: (1) باغبان، (2) پاٽ، (3) نيرون وارو قلعو، (4) ڳاها، (5) بوبڪ،
(6) سيوهڻ جي حويليءَ وارو پرڳڻو، (7) نيرون پرڳڻو، (8) سن.
درياھہ جي ٻئي طرف ٽي پرڳڻا: جوڻيجه، خطہ ۽ لاکاٽ هئا.
هيءَ ڄاڻ شاھجھان جي دور جي آهي.
(1) مقصود بيگ: خان خانان ٺٽي جي فتح ۽ شايد شاهي فيصلي کانپوءِ، مقصود بيگ کي سيوهڻ جو حاڪم مقرر ڪيو.
(2) بختيار بيگ ترڪمان: مقصود بيگ کانپوءِ بختيار بيگ ترڪمان سيوهڻ جو حاڪم ٿي آيو. هي پرجوش سپاهي هو. هن هتان جي ترخانن مان چونڊ ماڻهو هٿ ڪري، کين پاڻ وٽ رکيو، جن سرڪش ماڻهن کي سيکت ڏئي سڌو ڪيو.
بختيار بيگ ست سال سيوهڻ ۾ رهيو. رعيت تان ٻيون چَٽيون لاهي، اڌواڌ بٽئيءَ وارو حساب رکيائين، 7-1008ھہ ڌاري سيوهڻ ۾ وفات ڪيائين.
(3) ڪوريا هندوءَ جي عملداري: بختيار بيگ ترڪمان کانپوءِ ڪوريا هندو، سيوهڻ جو عملدار مقرر ٿيو. هو ٿورو عرصو رهيو، ان ڪري سندس گهڻو احوال نہ ٿو ملي.
(4) خواجہ نورالدين ڪروڙي: ڪوريا هندوءَ کانپوءِ خواجہ نورالدين ڪروڙي سيوهڻ جو حاڪم ٿي آيو. هن جي دور بابت بہ نہ لکيو ويو آهي.
(5) شيخ موسيٰ گيلاني: خواجہ نورالدين کانپوءِ سيوهڻ شيخ موسيٰ گيلانيءَ جي جاگير بنيو. هن پنھنجي پٽ جان محمد کي سيوهڻ موڪلي ڇڏيو. جان محمد جي ڪمزوريءَ سبب، شھر ۽ علائقي ۾ گهڻي بدامني ۽ بربادي ٿي.
(6) قره بيگ: بعد ۾ قره بيگ هتي جو حاڪم مقرر ٿيو. هو پاڻ سيوهڻ نہ آيو، پر پنهنجا عملدار موڪلي ڇڏيائين. قره بيگ ۽ جان محمد جا ماڻهو، بازار ۾ هڪ ٻئي جي سامهون ٿيا. ويڙھہ ۾ قره بيگ جو هڪ عملدار آقا محمد موقعي تي مارجي ويو. ملڪ ائين ناس ٿيو، ڄڻ تہ ڪو راڪاس گهمي ويو هجي.
(7) مير ابوالقاسم (پهريون ڀيرو): قره بيگ کانپوءِ مير ابوالقاسم سيوهڻ جو جاگيردار مقرر ٿي آيو. پير حسام الدين جي تحقيق موجب مير ابوالقاسم کي بکر مان بدلي ڪري 1009ھہ ۾ سيوهڻ جو حاڪم مقرر ڪيو ويو. ياد رهي تہ ’تاريخ مظهر شاھجھاني‘ جو مصنف يوسف ميرڪ، هن مير ابوالقاسم جو فرزند هو.
(8) سردار خان جي عملداري: سن 1011ھہ ڌاري جهانگير، توخته بيگ خان کي ڪابل مان بدلي ڪري، کيس سردار خان جو لقب ڏئي، بکر، سبي ۽ سيوهڻ جو جاگيردار مقرر ڪيو. قنڌار جو صوبو سندس هٿ هيٺ رهيو. هن پنهنجو خاص ملازم درويش بيگ کي سيوهڻ ۾ نائب ڪري رکيو، جيڪو سيوهڻ ۾ ئي فوت ٿيو.
(9) مير ابوالقاسم (ٻيو ڀيرو): سردار خان کانپوءِ مير ابوالقاسم شايد رمضان 1016ھہ ۾ ٻيهر سيوهڻ جو عملدار ٿي آيو. سندس هي دور رجب 1017ھہ تائين هليو. بعد ۾ کيس مرزا غازيءَ سان گڏ قنڌار روانو ٿيڻ جو حڪم مليو.
(10) شمشير خان جي عملداري (پهريون ڀيرو): ابوالقاسم جي وفات کانپوءِ جهانگير، خان اوزبڪ'>شمشير خان اوزبڪ کي سيوهڻ تي مقرر ڪيو. هن پنھنجي ليکي سيوهڻ سنڀالڻ جي سٺي ڪوشش ڪئي.
(11) ميـر ابوالبقـا: شمشير خان کي ٺٽي تي مقرر ڪري، سيوهڻ ۾ مير ابوالقاسم جي پٽ مير ابوالبقا کي جاگيردار بنايو ويو. ابوالبقا بہ پنھنجي پيءُ وانگر سيوهڻ کي بهتر طريقي سان هلايو، ليڪن مقامي ماڻهن سان گهڻيون زيادتيون ڪيائين.
(12) شمشير خان جو ٻيو دور: ابو البقا کانپوءِ شمشير خان ٻيهر سيوهڻ تي مقرر ٿيو. سندس دور ۾ انڙن ٻيهر سرڪشي ڪئي، رستن ۽ واپاري مرڪزن کي تاراج ڪيائون. آخر ۾ کيس امن امان جي قيام ۾ ڪاميابي حاصل ٿي.
(13) شير خواجہ: امڪاني طور تي شير خواجہ 1032ھہ ۾ سيوهڻ جو جاگيردار ٿي آيو، پر خود جھانگير جي خدمت ۾ رهي پيو ۽ پنهنجا ماڻهو سيوهڻ طرف موڪلي ڇڏيائين. هن دور ۾ ملڪ جي چڱي بربادي ٿي.
(14) شمس الدين: گمان غالب آهي تہ 1035ھہ ڌاري شمس الدين (شرير الملڪ) بنا ڪنهن لکت جي سيوهڻ جو صاحب مقرر ٿيو ۽ شير خواجہ کي موڪل وٺائي وئي.
(15) نوروز بيگ: يوسف ميرڪ جي لکت موجب، سندس دور ۾ سيوهڻ ويتر زبون ٿيو ۽ ڪا بہ چڱائي نروار نہ ٿي.س
(16) سيف الملوڪ ڪاشغري: هن جو مختصر دور تاريخن ۾ چڱن لفظن ۾ ياد نہ ٿو ڪيو وڃي. مقامي ماڻهن تي ظلم ستم ڪري وقت پورو ڪيائين.
(17) احمد خان جي حاڪميت: لکتن موجب شاھجھان 1037ھہ ۾ کيس سيف الملوڪ جي جاءِ تي سيوهڻ جو جاگيردار مقرر ڪيو. هن جا سيوهڻ جي عوام تي ظلم ۽ ستم منفرد مثال رهيا آهن. خود قلعي ۽ حويليءَ کان ٻاهر نہ نڪرندو هو ۽ سڀ معاملا پنھنجي ڀاءُ مرزا يوسف جي حوالي ڪري ڇڏيا هئا. يوسف ميرڪ موجب: مرزا يوسف ظلم ستم ۾ حجاج بن يوسف جي استاد جو درجو رکندڙ هو. (تاريخ مظهر شاهجهاني، ص 239)
(18) ديندار خان جو دور: تاريخ مظهر شاهجهانيءَ ۾ ديندار خان جي ذڪر تي سيوهڻ جي عملدارن جو بيان ختم ڪيو ويو آهي. ڇو تہ هي ڪتاب (تاريخ مظهر شاھجھاني) سن 1044ھہ ۾ لکيو ويو. ذاتي طرح ديندار خان نيڪ ماڻهو هو، پر احمد بيگ جي ظلمن جو ازالو نہ ڪري سگهيو. راشدي صاحب جو خيال آهي ته، ديندار خان سن 1040ھہ ۾ سيوهڻ ۾ آيو ۽ 1043ھہ تائين، سيوهڻ جو عملدار رهيو.
تنقيدي جائزو: خانخانان 1001ھہ/ 1592ع ۾ ٺٽو فتح ڪيو ۽ مقصود بيگ کي سيوهڻ جو پهريون جاگيردار مقرر ڪيو. ان کانپوءِ اسان کي 1044ھہ/ 1634ع تائين، سيوهڻ جي تاريخ بابت تحريري ڄاڻ ملي ٿي. ڇو تہ ان سال يوسف ميرڪ ’تاريخ مظهر شاھجھاني‘ ڪتاب لکي پورو ڪيو هو. يوسف ميرڪ جي ڪتاب ۾ چوئيتالهن سالن جي تاريخ محفوظ ٿي وئي آهي. ان جو خاص سبب هي آهي ته، مصنف جو والد ٻہ ڀيرا سيوهڻ جو حاڪم رهيو. ان کانپوءِ سندس ڀاءُ مير ابوالبقا بہ سيوهڻ جو جاگيردار ٿي آيو. ائين ٿو لڳي تہ خود يوسف ميرڪ بہ هتي شاهي خدمت تي مقرر ٿيل هو. اڳتي هلي پاڻ هي عهدو ڇڏي ڏنائين. مغل حاڪمن، ڪارندن، عملدارن ۽ جاگيردارن، سيوهڻ ۽ اتي جي عوام سان وڏا ڪلور ڪيا. هت مقرر ٿي ايندڙ عملدار اڪثر بي رحم، ڪٺور ۽ ظالم هئا. جاگيردارن مان ڪي تہ اهڙا بزدل هئا، جو سيوهڻ جي قلعي کان ئي ٻاهر نہ نڪرندا هئا. ڪجهہ جاگيردار ايڏا تہ جابر ۽ ڪٺور هئا، جو جتي بہ بدامني يا لاقانونيت جو ٻڌندا هئا، هڪدم وڏا لشڪر وٺي حملي آور ٿيندا هئا. ڳوٺ، واهڻ، وستيون ۽ ننڍا شھر ويران ڪندي، کين خوشي ٿيندي هئي. ان ڪري سيوهڻ ڊويزن (ان وقت جي ٻوليءَ ۾ ’سرڪار‘) ويران ٿيندي وئي. حاڪمن جي ظلمن ۽ بربريت سبب واهڻ ويران ٿيا ته، اتي رهندڙ انسانن بہ ڀاڄ کاڌي ۽ ائين ميلن ۾ ڄڻ تہ راڪاس گهمي ويو هو. فصل، پوکون، زراعت ۽ باغ باغيچا ويران ٿي ويا. ان کان سواءِ ماڻهن جي غير موجودگيءَ سبب، نهرون ۽ واھہ بہ خشڪ ٿي ويا هئا. ميلن ۾ نہ پاڻي، نہ آبادي ۽ نہ ماڻهو. ان پسمنظر ۾ سيوهڻ جو پرڳڻو غير آباد ٿي ويو. يوسف ميرڪ کي ’تاريخ مظهر شاھجھاني‘ جهڙو اهم تاريخي ڪتاب لکڻو پيو.
مطلب تہ مغل ڪارندا جڏهن انسان مان ڦري وحشي ٿيا، تڏهن خود مغل شاهي عملدارن مان هڪ کي، سندن ظلم جا داستان تحرير ڪري، شاھجھان جي ڌيان ڇڪائڻ جو جتن ڪرڻو پيو. سيوهڻ پوءِ بہ 1090ھہ/1680ع تائين مغلن جي قبضي ۾ رهيو، پر ان دور جي تاريخ اڃا نروار نہ ٿي آهي!
سنڌ جون حالتون، عام جائزو
سنڌ ملڪ 927ھہ/ 1520ع کان 1150ھہ/ 1737ع تائين جن حالتن ۽ تبديلين مان گذريو، تن جو گهڻو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي. هي عرصو ٻن صدين کان بہ وڌيڪ وقت تي پکڙيل آهي. ان عرصي ۾ ارغونن 35 سال، ترخانن 57 سال (مغل نائبيءَ سميت) ۽ هندي مغلن سوا سئو سال حڪومت ڪئي. ارغونن کان پهريائين سنڌ ملڪ هڪ هو. ان کان اڳ سنڌ تي هڪ مقامي قبيلي سمن ڄامن جي بادشاهت قائم هئي، جنهن دوران هي ملڪ مڪمل طرح آزاد ۽ خودمختيار هو. اهڙو ذڪر گذريل باب ۾ ٿي چڪو آهي.
هتي ارغونن، ترخانن، ۽ مغلن جي وقت ۾ سنڌ جي حالتن جي ڪجهہ مکيہ نُڪتن تي نظر وجهڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي، تہ جيئن اهو سمجهڻ ۾ آساني ٿئي تہ اهي ڪهڙيون حالتون هيون، جن ۾ ڪلهوڙا اڀريا ۽ سڄيءَ سنڌ تي ڇانئجي ويا.
مؤرخن سنڌ جي ارغوني فتح کي ’خرابيءَ سنڌ‘ سان تعبير ڪيو آهي. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 139) سمن جي دور کانپوءِ سنڌ جي ملڪي وحدت ختم ٿي وئي. ابتدا ۾ ملڪ ٻہ حصا ٿي ويو. بعد ۾ شاھہ حسن ارغون ملڪي وحدت کي ڇھن حصن ۾ تقسيم ڪيو: بکر، سيوهڻ، نصرپور، چاچڪان، ٺٽو، چاڪر هالا ۽ جوڻ. (تاريخ مظهر شاهجهاني، ص 107) ارغونن جي خاتمي سان وري هي ملڪ بکر ۽ ٺٽي ۾ ورهائجي ويو. ان پسمنظر ۾ اڪبر جي لشڪر سنڌ کي قدم بقدم فتح ڪيو. سن 1000ھہ/ 1592ع ۾ جاني بيگ صلح ڪيو ۽ بدلي ۾ اڪبر کيس ملڪ موٽائي ڏنو. ليڪن پوءِ بہ سيوهڻ سرڪار ۽ لاهري بندر مرڪزي دهلي سرڪار پاڻ وٽ رکيا. (تاريخ مظهر شاهجهاني، سنڌي، مختلف صفحا) هن پوري عرصي ۾ سنڌ جي قومي، ملڪي ۽ جاگرافيائي وحدت ختم ٿي چڪي هئي. ظاهر آهي تہ جاگرافيائي وحدت نہ هجڻ سبب، قومن ۽ معاشرن تي ان جا هاڃيڪار اثر ٿين ٿا ۽ اهي حالتون سنڌ سان بہ لاڳو رهيون. معاشرو، معاشيات، آبادي، آدمشماري، شهر، واهڻ، واپار، آمدرفت ۽ ثقافت توڙي ٻولي سڀ گهاٽي ۾ اچي ويا.
ارغونن پنھنجي قبضي سان سڄو اقتصادي وهنوار مرڪزي ايشيا مان آيل ماڻهن جي هٿ ۾ ڏنو. سڀ سٺا عهدا ۽ سڀ سٺيون جاگيرون ڌارين کي مليون. عام سنڌي ماڻهوءَ لاءِ هارپو، مزدوري ۽ سپاھہ گيري رهي. سيد حسام الدين راشديءَ اهڙا تفصيل ڏنا آهن. مخدوم بلاول، قاضي ڏتو، مخدوم رڪن الدين، مخدوم ميران، مولانا ضياءُ الدين، مخدوم فضل الله، مولانا يوسف، مولانا عبدالله مفتي ۽ مخدوم قاضي عثمان درٻيلائي ۽ ڪجهہ اهڙا مقامي عالم، صوفي ۽ بزرگ هئا، جن کي ارغونن نہ تہ ڪو عهدو ڏنو ۽ نہ وري ڪا رعايت.
(مير محمد معصوم بکري، ص 79-80) ارغونن رهندو سنڌي عالمن ۽ بزرگن لاءِ هيءَ سرزمين تنگ ڪئي، جن مان ڪي پوءِ سنڌ ڇڏي يا تہ برهانپور ويا، يا وري حجاز مقدس هليا ويا ۽ وري وطن واپس نہ موٽيا. مخدوم بلاول کي وطن دوستيءَ جي پاداش ۾ گهاڻيءَ ۾ پيڙايو ويو.
ترخانن جو دور اڃا بہ وڌيڪ ظلم ۽ ستم وارو رهيو. بکر جو سلطان محمود بکري خون خرابيءَ جو شوقين هو. مير معصوم لکي ٿو تہ خونريزيءَ کان ڪو بہ ٽارو نہ ڪندو هو، بلڪ ٿوري وهم ۽ بدگمانيءَ تي ماڻهن جو گهر ٻار چٽ ڪري ڇڏيندو هو. (تاريخ معصومي، سنڌي، 279) انهيءَ ظالم، سنڌي قبيلن کي برباد ڪرڻ ۾ وسان نہ گهٽايو.
مرزا عيسيٰ جي زماني ۾ سلطان محمود بکريءَ سان جنگ ۽ جدل جاري رهي. جيسين محمود زندہ هو، تيسين مرزا عيسيٰ ۽ سندس پٽن کي ويڙهائيندو رهيو. عيسيٰ ترخان جي دور ۾ ٺٽي کي پورچوگيزن برباد ڪيو ۽ صدين تائين ٺٽو ان صدمي مان نڪري نہ سگهيو. مرزا باقيءَ جو پورو دور سنڌ واسين لاءِ ڏچي جو دور گذريو. سيد مير محمد لکي ٿو تہ سنڌ جا ماڻهو مرزا باقيءَ جي دور ۾ هڪ رات بہ آرام جي ننڊ نہ سُتا هئا. (ترخان نامه، فارسي، ص 65- 66) مرزا باقي ظالم نہ رڳو سنڌي عوام سان عقوبون ڪيون، پر هن ارغون ۽ ترخان قبيلي جي چونڊ ماڻهن کي بہ قتل ڪرائي ڇڏيو. مرزا جاني بيگ ۽ خان خانان جي معرڪن ۾، ملڪ جي چڱي خاصي بربادي ٿي. آخر ملڪ غلام ٿي ويو. مرزا غازي بيگ ۽ بيگلارن جي معرڪن سڄي لاڙ کي ڌوڏي ڇڏيو. سندس غير موجودگيءَ ۾ خسرو چرڪس نائب رهيو. ان زماني ۾ ظلم حد کان وڌي ويا. مرزا غازيءَ جي وفات 1021ھہ/ 1612ع ۾ ٿي، تڏهن ٺٽو سڌو مغل شاهي تسلط ۾ اچي ويو. مغلن سڄيءَ سنڌ کي هڪ صوبو ڪري حڪومت ڪرڻ بجاءِ انهن بکر، سيوهڻ ۽ ٺٽي لاءِ الڳ الڳ حڪمران موڪلڻ شروع ڪيا. اڪثر عملدار، فوجدار ۽ صوبيدار نااهل، ڪرپٽ، عياش ۽ سست هئا، جن جو پورو پورو زور هوندو هو تہ وڌ کان وڌ رقمون، هن ملڪ مان ڪيئن ڪڍجن ۽ پنهنجو پيٽ ڀرجي. اهڙيون شڪايتون مرڪز (دهلي) ۾ پهچنديون رهيون، پر ڪو خاص تدارڪ نہ ٿيندو هو. شاھجھان جي زماني ۾ خاص ڪري ’سيوهڻ‘ سرڪار پوريءَ ريت نابود ٿي چڪي هئي. مغلن جي ئي هڪ عملدار اهڙي روئداد قلمبند ڪئي آهي، جيڪا ’تاريخ مظهر شاهجهانيءَ‘ جي نالي سان موجود آهي.
اورنگزيب خود ملتان ۽ ٺٽي جو وائسراءِ رهيو. هن شاھجھان کي سنڌ ملڪ جي حالتن کان خط لکي آگاھہ ڪيو ۽ مختلف باغي قبيلن جي روش کان آگاھہ ڪيو. مغل دور ۾ جيتوڻيڪ هي ملڪ بيروني حملن کان محفوظ رهيو، پر پوءِ بہ ڪجهہ واقعن ٻاهرين ڪاهن کان بہ وڌيڪ خطرناڪ نتيجا ڪڍيا. اول ۾ همايون سنڌ ۾ پهتو ۽ ڊگهو عرصو هت ڀٽڪندو رهيو. شاھہ حسن ملڪ جي پوکي راهي ويران ڪرائي ڇڏي ۽ سٺا سٺا باغ ختم ڪرايا تہ جيئن رلندڙ شھزادو اجهو ۽ آرام حاصل نہ ڪري سگهي. ان بعد اڪبر جي لشڪر ۽ خان خانان ملڪ کي نيست و نابود ڪري ڇڏيو. اڳتي هلي شھزادي خرم، جھانگير سان بغاوت ڪئي ۽ ٺٽي پهتو، جتي شھر جي صوبيدار شريف الملڪ خرم جو پيڇو ڪيو، ۽ معرڪا ٿيا. سوا سؤ سال پوءِ جڏهن مير علي شير قانع 1182ھہ/ 1768ع ۾ ’تحفة الڪرام‘ لکي رهيو هو تڏهن بہ انهن معرڪن ۾ مئل ماڻهن جا هڏا اڃا ٽڙيل پکڙيل حالت ۾ موجود هئا. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 234) دارا بغاوت ڪري بکر، سيوهڻ ۽ ٺٽي پهتو. شھر جي حويلين ۽ قلعي کي ناپسند ڪري، انهن جي جلائڻ جو حڪم ڏنائين. ان ريت حڪم جي تعميل ۾ درياھہ جي آسپاس ڪن جاين کي باهيون ڏنيون ويون. پوءِ ان علائي تي نالو ئي ’سوخته گهاٽ‘ رکيو ويو. (ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ص 123) اورنگزيب 1118ھہ/ 1707ع ۾ فوت ٿيو. اتر سنڌ اڳ ۾ ئي ڪلهوڙن جي راڄ ۾ هئي. ٺٽو اڃا مغلن جي حاڪميت ۾ هو، البت شھر توڙي علائقي جو سڄو ڪم لھي ويو هو.
آخري مغل عھد ۾ (1130ھہ/ 1718ع) صوفي شاھہ عنايت جي شهادت جو دلخراش واقعو پيش آيو. هن واقعي سبب مغلن جي گهڻي بدنامي ٿي. ٺٽي جي حالتن تي همعصر شاعر ملا عبدالحڪيم ’عطا‘ هڪ شھر آشوب چيو آهي، جنهن ذريعي هن شھر جي حالت زار تي روشني پوي ٿي.
انهن حالتن مقامي ماڻهن کي باغي ڪيو ۽ اهي پوريون ٻہ صديون وڙهندا رهيا. ان ريت حاڪمن جو ملڪ تي ضابطو نہ رهيو. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ، مرڪزي سرڪار جي اجازت سان سنڌ ۾ واپاري ڪوٺيون قائم ڪيون. هي واپاري سلسلو 1635ع ۾ شروع ٿيو ۽ ستاويهن سالن جي عرصي ۾ سن 1662ع ۾ ختم ٿي ويو. ان جو وڏو سبب هي هو تہ ڪاروباري چرپر خطرناڪ ٿي چڪي هئي. واپاري رستن (درياهي) تي عملدارن جو ڪو بہ قبضو نہ هو. هڪ طرف درياهي ڏاڍن مڙسن کي چُنگي ڏيڻي پوندي هئي، تہ ٻئي طرف حاڪمن کي خرچي ڏيڻي ٿي پئي. نتيجي ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ پنهنجا ٽپڙ گول ڪيا.
(اي هسٽري آف برٽش رليشن وِٿ سنڌ، ص 14-34)
ٺٽو، لاهري بندر، نصرپور، درٻيلو، سيوهڻ، ڪنڊيارو ۽ بکر اهم واپاري مرڪزي هئا. انگريزن نير جي واپار کي اهميت ڏني ۽ مقامي صنعتون خريد ڪندا هئا، ليڪن ڪاريگرن ۽ مقامي واپارين کي تمام گهٽ منافعو ملندو هو، جنهن سبب وڏي دانهن ٿي. (جنت السنڌ، ص 479)
انگريزن جي اچ وڃ سبب مغربي سياحن، بنا رنڊ روڪ ڪتاب لکي هندستان وانگر سنڌ جي حالتن تي بہ روشني وڌي آهي. غربت، بک، بيماري، جھالت ۽ انتهائي ذلت آميز حالتون بيان ڪيون ويون آهن، جن مان هتان جو عام ماڻهو گذريو ٿي. جڏهن تہ واپاري، امير ۽ حاڪم وڏي ٺٺ ۽ عياشيءَ جي زندگي گذاريندڙ هئا. سياح پليزرٽ سنڌ ۾ هر هنڌ بک ۽ هراس ڏٺو ۽ عام ماڻهو غلام، نوڪر ۽ ٻانهو ٿي ڏٺو. پورهيت ڊنل ۽ اجورو نہ ملڻ سبب نٻل هو. سپلر سنڌ جي هارين کي نهايت مظلوم، مصيبت جو ماريل ۽ مسڪين ڏٺو. منوڪي عام سنڌيءَ کي مفلوڪ الحال ۽ غريب سڏيو آهي. (شاھہ عبداللطيف آف ڀٽ، ص 125)
مغل حاڪمن جي عياشي، لاپرواهيءَ ۽ سست روي، سنڌ جي آبپاشي نظام کي بہ درهم برهم ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽر ايڇ. ٽي. سُورلي هڪ سٽ ۾ مغل حڪومت تي وڏي راءِ ڏني آهي: ”مغل بادشاهي خوف ۽ لالچ تي بيٺل هئي.“ سورلي وڌيڪ لکيو آهي تہ مغل ڪارندا سنڌ ۾ ڪيڏا بہ قھر ڪندا هئا، پر کين پڇا ڳڇا کان آجو رکيو ويو. پنجاب ۾ بھترين آبپاشي نظام ڪم ڪندو هو، ليڪن سنڌ جون نهرون ۽ واھہ، سڀ جا سڀ بيڪار بنجي ويا.“ (شاھہ عبداللطيف آف ڀٽ، ص 113، ص 126)
مغلن پنجاب کي بہ باقي هندستان وانگر ٺاهيو. سنڌ کي ڇڏي ٻين هنڌن تي مغلن جي دور ۾ خوبصورت، مضبوط ۽ اهميت جوڳا يادگار تعمير ڪيا ويا، جي اڄ بہ پوري آب تاب سان موجود آهن. لاهور، آگرو، دهلي ۽ ڪشمير ۾ شالامار باغ، لال قلعو، بادشاهي مسجدون، تاج محل ۽ ٻيو گهڻو ڪجهہ تعمير ٿيو. ليڪن سنڌ کي ان لائق نہ سمجهيو ويو. هتي ڪو بہ مستقل اهميت جوڳو يادگار تعمير نہ ڪيو ويو. سکر ۾ مير معصوم پنھنجي ذاتي دلچسپيءَ سان يادگار ’منارو‘ ٺهرايو (1003- 1013ھہ). ٺٽي ۾ اڄ جيڪا ’شاھجھاني مسجد‘ سڏجي ٿي، اها هتان جي مقامي حاڪم مير ابوالبقا امير خان جي سعيي ۽ ڪوشش سان جڙي (1054-1057) راس ٿي. راشدي صاحب نهايت ڀروسي سان لکيو آهي تہ هن مسجد جي تعمير ۾ نہ تہ مرڪز جو ڪو پئسو پائي خرچ ٿيو ۽ نہ وري بادشاھہ مسجد جي ٺھڻ لاءِ حڪم جاري ڪيا هئا. (تذڪره امير خاني، ص 285- 298)
اهي هيون سنڌ جون ڏکوئيندڙ حالتون، جن مان هي ملڪ ٻہ صديون گذريو هو. ارغون، ترخان ۽ مغل جيئن سنڌ ۾ آيا، تيئن هتان جو سڄو ثقافتي ۽ معاشرتي ڍانچو ئي تبديل ٿي ويو، فارسي سندن مادري ٻولي هئي. فارسي لکندا ۽ پڙهندا هئا. اڪثر امير، حاڪم ۽ بادشاھہ يا تہ شاعر هئا، يا وري فارسي زبان جا مصنف هئا. ان ريت فارسي ٻولي هندستان وانگر سنڌ تي بہ مڙهجي وئي. سنڌي ٻوليءَ جي نہ سرپرستي ٿي ۽ نہ وري آبياري. ان ريت مقامي سنڌي زبان جي ترقي ۽ ترويج نہ ٿي سگهي. راشدي صاحب لکي ٿو: ”ملڪ جا سڀئي قلعا، وسنديون ۽ واهڻ، مالڪ ۽ ملڪيتون مطلب تہ سڄو ارڪو ترڪو ڌارين جي قبضي ۾ اچي ويو، جن جي نہ ٻولي سمجهہ ۾ ٿي آئي ۽ نہ سندن اُٿڻ ويهڻ، چال چلت ۽رهڻي ڪهڻيءَ مان هتان جي ماڻهن کي ڄاڻ ۽ سڃاڻ هئي. (مير محمد معصوم بکري، ص 63)
آخري عھد مغليه (1118ھہ/ 1707ع) کان پوءِ حالتون اڃا بہ خطرناڪ ٿينديون ويون. سنڌي ماڻهو نڌڻڪو، آبپاشي نظام ختم، زراعت ۽ وڻج واپار برباد ۽ سڄو انتظام مفلوج ٿي ويو. سڀ مکيہ مرڪزي شھر پڻ زوال پذير ٿيڻ لڳا. انهن حالتن ۾ جڏهن ميان آدم شاھہ ڪلهوڙي جو اولاد ميان نصير محمد، ميان دين محمد ۽ ميان يار محمد جي روپ ۾ عمل پيرا ٿيو، تڏهن آهستي آهستي اهي سڄيءَ سنڌ تي ڇانئجي ويا.
ارغون، ترخان ۽ مغل دور جا ڪجهہ مشاهير
هن دور جي سياسي، اقتصادي ۽ مجموعي اڀياس کانپوءِ، هن دور جي ڪجهہ نامور ماڻهن جو ذڪر ڪجي ٿو:
شاھہ قطب الدين بن شاھہ محمود بن شاھہ طيب: خراسان سان تعلق رکندڙ، ترڪماني فسادن کانپوءِ سنڌ پهتو، ۽ اچي بکر جي شھر ۾ قيام ڪيائين. سن 977 ھہ ۾ فوت ٿي ويو. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص 239-240)
سيد مير ڪلان: هن جي وڏن جو تعلق ڪربلا سان هو، جي پوءِ قنڌار لڏي آيا. ارغونن سنڌ فتح ڪئي تہ هي سيوهڻ ۾ اچي رهيو. اڪثر وقت قلندر شھباز جي مزار تي گذاريندو هو. پٺيان گهڻو اولاد ڇڏيائين. بکر- سکر جي مير سيد صفائي، سيد مير ڪلان جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان هن کي ٻئي اولاد کان سواءِ مير معصوم بکري پيدا ٿيو، جنهن سنڌ جي اتهاس تي ’تاريخ معصومي‘ نالي اهم ڪتاب لکيو. پير حسام الدين جي راءِ آهي تہ هن سيد، مرزا عيسيٰ جي دور ۾ وفات ڪئي هوندي. (مير معصوم بکري، باب ٽيون، چوٿون)
مخدوم فخرپوٽو: رباني عالم هو. سنڌ ۾ علم جي پکيڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين، جيڪو بہ شاگرد هن وٽ پڙهيو، اهو علم جي مٿانهين رُتبي کي پهتو. مير معصوم جو خيال آهي تہ هو هرات کان سنڌ ۾ آيو. ليڪن حقيقت ۾ هو مقامي سنڌي عالم هو. فخرپوٽو ٻاهريون ماڻهو نہ ٿو ٿي سگهي. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص 240)
مخدوم عبدالعزيز ابهري: سمن جي آخري دور ۾ خراسان کان سنڌ آيو. علم معقول ۾ وڏو اڪابر هو. سندس ٻہ پٽ: مولانا محمد ۽ مولانا اثيرالدين بہ ساڻس گڏ سنڌ پهتا هئا. (سمن جي سلطنت، ص 91)
قاضي ڏتو سيوهاڻي: وڏو عالم هو. هن جو تعلق سنڌ سان هو. ارڙهن تفسيرن تي مهارت حاصل هيس. ترڪي زبان بہ ڄاڻندو هو. جفر جو علم ۽ ڪي ٻيا علم بہ سندس دسترس ۾ هئا. مرزا شاھہ حسن بہ ڪي علم وٽس پڙهيو. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص 241- 242)
مخدوم رڪن الدين عرف مخدوم مٺو: مخدوم بلاول جي وڏن خليفن مان هڪ هو. سندس پرهيزگاري ۽ نيڪ ڪمن جي وڏي تعريف آهي. حديث جي علم ۾ وقت جو يگانو اڪابر هو. گهڻا ڪتاب لکيائين، جي هاڻي اڻ لڀ آهن. سن 949ھہ ۾ فوت ٿي ويو. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص 242)
قاضي قاضن: سمن جي دور جي مشاهيرن ۾ هن جو ٿورو بيان ڏنو ويو آهي. سندس باري ۾ وڌيڪ معلومات اها ملي ٿي تہ قاضي موصوف ميران محمد جونپوريءَ جو مريد ٿيو. ٺٽي جي فتح (927ھہ/ 1520ع) وقت هو ارغونن جي اڙد سان گڏ هو. شاھہ بيگ جي حڪم سان فتح کانپوءِ، ٺٽي شھر کي ساڙڻ جو حڪم ڏنو ويو. 11 محرم کان 20 محرم (927ھہ) تائين شھر سڙندو ۽ ويران ٿيندو رهيو. بعد ۾ قاضي قاضن جي گذارش تي اهو سلسلو ختم ٿيو. ٽلٽي، سيوهڻ ۽ باغبان ۾ هوندي، شاھہ بيگ کيس مخدوم بلاول سان صلح جي گذارش ڪئي. ليڪن مخدوم بلاول انڪار ڪيو. ان بعد بکر جي قلعي ۾ ارغون مخالفن کي جيڪي سخت ترين سزائون ڏنيون ويون، تن جي ڏيارڻ ۾ قاضي صاحب جو مشورو بہ شامل هو. مير معصوم بکريءَ سندس تمام گهڻي تعريف ڪئي آهي. انشاءِ جي فن ۾ ماهر، ابجد جي علم جو ڄاڻو، سلوڪ جي رستي ۾ رياضتون ڪيل ۽ حرمين شريفين جي زيارت بہ ڪيل هئس. شاھہ حسن کيس بکر جو وڏو قاضي مقرر ڪيو. آخر ۾ عهدي تان استعفا ڏئي، عهدو پنھنجي ڀاءُ قاضي نصرالله جي حوالي ڪيائين. هن 958ھہ ۾ وفات ڪئي. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص 242-243)
هت وڌيڪ ڪي ڳالهيون لکڻ لازم آهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هن جو نالو ’قاضي قادن‘ لکي ٿو. ٻيو تہ قاضي مرحوم جو شمار اساسي/ ڪلاسيڪي سنڌي شاعرن ۾ هڪ بنيادي شاعر طور ٿئي ٿو. سڀ کان اول هن جا ست سنڌي بيت ظاهر ٿيا هئا، ليڪن بعد ۾ نامور محقق هيري ٺڪر (دهلي)، سندس ڪلام جو چڱو ذخيرو راڻيلا ڳوٺ (گجرات) مان هٿ ڪري ’قاضي قادن‘ جو ڪلام عنوان سان ڇپرايو. ان کانپوءِ بہ محترم هيري ٺڪر کي بيت لڌا آهن، جن تي تحقيق هلي رهي آهي. ان ريت قاضي قادن جي زندگيءَ جا ڪيئي نوان پهلو نروار ٿين ٿا.
مولانا ضياءُالدين بن صدرالدين راهوتي: فضيلتن ۽ ڪماليتن جو ڀنڊار هو. شرعي علمي فنن تي وڏي دسترس هئس. شروع ۾ ديني علمن جو درس ڏنائين. پوءِ عام ماڻهن سان ميل ملاقات بند ڪري خلوت ۾ هليو ويو. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص 244)
شيخ رحمة : وقت جو لاثاني عالم هو. حج متعلق عربي زبان ۾ هن جا ٽي رسالا ’مناسڪ الحج‘ وڏي اهميت رکن ٿا. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 361) هي ڪتاب قلمي ۽ ڇاپي مولانا محمد ادريس سومري جي ڪتبخاني، ’قاسميه لئبرري‘ ڪنڊياري ۾ موجود آهن. شيخ رحمت ارض مقدس ۾ دفن ٿيل آهي.
شيخ حميد: شيخ رحمت جو ڀاءُ هو. ديني علمن، حديث ۽ تفسير تي مهارت رکندو هو. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 62- 361)
قاضي شيخ محمد اُچوي: وقت جي مشھور عالمن مان هو. اچ ۽ ملتان جي فسادن کانپوءِ بکر آيو. بعد ۾ ٺٽي پهتو، جتي هن کي ٺٽي جي قضا جو عهدو مليو. ديني علمن ۾ ماهر هو. مرزا عيسيٰ ترخان جي دور ۾ هي فاني جھان ڇڏيائين. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص 245- 246) مير علي شير قانع لکي ٿو تہ ڄام نظام الدين جي دور ۾، ميران محمد جونپوري جڏهن ٺٽي آيو، تڏهن هي وڃي ان جو مريد ٿيو. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 533)
جيتوڻيڪ انگريزن جي اچڻ کان پوءِ قضا جو نظام پورو ٿيو، تڏهن بہ اڄ تائين ٺٽي جي قضا هن خاندان وٽ آهي. ويجهي ماضيءَ ۾ قاضي علي هن گهراڻي جو اڳواڻ هو. مخدوم ابراهيم خليل پنھنجي مشھور ڪتاب ’تڪملة مقالات الشعرا‘ ۾ هن خاندان بابت چڱو مواد ڇڏيو آهي. پير حسام الدين راشدي مرحوم هي فارسي ڪتاب شايع ڪندي، شجرن ذريعي، هن نامور علمي گهراڻي کي عمدي طريقي سان نروار ڪيو آهي.
مولانا مصلح الدين لاري: وڏو عالم ۽ عربي علمن جو ڄاڻو هو. ڳچ عرصي تائين شاھہ حسن ارغون کي بہ درس ڏنائين. سن 951ھہ ۾ حج جي ارادي سان مڪي روانو ٿيو. ڪجهہ مذهبي ڪتاب لکيائين ۽ ڪن تي شرحون بہ لکيائين. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص 246)
شيخ عبدالله متقي: شيخ عبدالله متقي بن مولانا سعد درٻيلوي، وقت جو وڏو عالم هو. سن 947ھہ ۾ سنڌ کان گجرات ويو. پوءِ مديني شريف هليو ويو. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص 246)
مولانا يونس سمرقندي: هي هڪ وڏو عالم هو. مرزا شاھہ حسن جي دور ۾ ماوراءِ النهر کان سنڌ پهتو. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص 246)
سيد حيدر سنائي: سن جو رهاڪو هو. مخدوم بلاول ۽ مولانا عمر وٽ پڙهيو. سن 973 ھہ ۾ فوت ٿيو. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص 247). هي بزرگ مخدوم بلاول جي اهم خليفن ۾ شمار ٿئي ٿو. سيد ميران محمد جونپوريءَ سان ’درياهي جنگ‘ ڪري سن وٽ سندس ٻيڙيون ٻوڙايائين ۽ کيس ڪابل ڀڄي وڃڻ تي مجبور ڪيائين. مشھور قومي اڳواڻ جي. ايم. سيد سندس اولاد مان ۽ چوڏهون سجادہ نشين هو.
شاھہ جھانگير هاشمي: شاھہ حسن جي دور ۾ خراسان کان اچي بکر شھر ۾ رهيو. بھترين فارسي گو شاعر هو. مثنوي مظهرالآثار لکيائين ۽ پڻ فارسي زبان ۾ هڪ ديوان بہ ڇڏيائين. سن 946ھہ/ 1539ع ۾ ڪيچ مڪران جي رستي کان، حج جي ارادي سان نڪتو، پر رستي ۾ مارجي ويو. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 317) سندس مثنوي ’مظهرالآثار‘ پير حسام الدين راشديءَ جي سعيي سان، سنڌي ادبي بورڊ 1957ع ۾ ڇپي آهي.
شاھہ حسن تڪدري: مرزا شاھہ حسن جي اميرن ۾ داخل هو. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص 247- 248)
حيدر ڪلوج: هرات جو رهاڪو هو، جيڪو پوءِ لڏپلاڻ ڪري سنڌ ۾ آيو ۽ اچي پاٽ ۾ رهيو. ڪتاب ’تحفه ساميءَ‘ ۾ سندس لقب ’ڪليجه‘ لکيل آهي. فارسي زبان جو اهم شاعر ٿي گذريو آهي. هڪ عدد ’ديوان‘ (فارسي) ڇڏيائين. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 359). حيدر ڪلوچ هرات ۾ فوت ٿيو.
فخري هروي: سلطان محمد فخري بن محمد اميري، مشھور ’فخري هروي‘، اصل هرات جو هو، جو پوءِ ٺٽي (سنڌ) ۾ اچي رهيو. شاھہ حسن ارغون جي دور ۾ وڏي عيش جي زندگي گذاريائين. ميرزا عيسيٰ ترخان جي دور ۾ بہ ڪي ڏينهن ٺٽي ۾ رهيو. جڏهن تہ پوءِ هندستان هليو ويو، جتي اڪبر جي شهنشاهي هئي. امڪاني طور 970ھہ تائين جيئرو رهيو. مير معصوم غلطيءَ مان ’روضة السلاطين‘ شاھہ حسين تڪدريءَ ڏانهن منسوب ڪيو آهي، جڏهن تہ ’روضة السلاطين‘ نالي ڪتاب فخري هرويءَ لکيو هو. هن ٻيو ڪتاب ’جواهر العجائب‘ بہ لکيو. هي ڪتاب فارسي گو شاعرن بابت آهي. هن فارسي ۽ ترڪيءَ ۾ شعر جو ديوان بہ ڇڏيو. پير حسام الدين راشديءَ جي سعيي سان فخريءَ جا لکيل ٻہ تذڪرا ۽ هڪ عدد ديوان، سنڌي ادبي بورڊ 1968ع ۾ ڇپيا آهن.
سيد مير محمد پوراني: ارغوني گَهل کانپوءِ جيڪي خاندان ايران ۽ وچ ايشيا مان لڏي سنڌ پهتا ۽ سڻڀا عهدا حاصل ڪيائون، تن ۾ پوراني خاندان وڏي اهميت رکي ٿو. سيد مير محمد بن ميرڪ بايزيد بہ سنڌ طرف لڏپلاڻ ڪئي. شاھہ حسن ارغون، والد جي وفات کانپوءِ اڃا نصرپور هو تہ مير محمد پوراني بہ اُتي پهتو. بعد ۾ مير محمد شاهي حفاظت ۾ ٺٽي پهتو. هن جو اهم ڪم ’نصرت نامہ ترخان‘ ڪتاب لکڻ آهي. هي ڪتاب 968ھہ ڌاري لکيو ويو، جنهن ۾ ارغونن ۽ ترخانن بابت مفصل ڄاڻ ڏنل آهي. حسام الدين راشديءَ لکيو آهي ته، مصنف پورا پنجاھہ سال ارغونن سان گڏ رهيو. ان کان سواءِ سمن ڄامن جي باري ۾ بہ قيمتي معلومات ڏني اٿس. هي ڪتاب گم ٿي ويو هو، جنهن جي هڪ قلمي ڪاپي علي ڳڙھہ يونيورسٽيءَ ۾ موجود هئي، جنهن تان ڊاڪٽر اينيمري شمل فوٽو ڪاپي حاصل ڪري راشدي صاحب کي ڏني. هي اهم ڪتاب ڊاڪٽر انصار زاهد خان ايڊٽ ڪيو ۽ ڊاڪٽر رياض الاسلام 2000ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان شايع ڪيو. ڪتاب فارسي زبان ۾ آهي، جڏهن تہ ان جو مفصل مقدمو ۽ حاشيا انگريزي زبان ۾ لکيا ويا آهن. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص 257) مير علي شير قانع هن خاندان جي درست معلومات ڏني آهي. هو لکي ٿو تہ هڪ اعليٰ درجي جي خوبين سان موصوف ۽ انساني فضيلتن سان مخصوص ميرڪ هو. سال 970ھہ ۾ گذاري ويو. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 497) ڪتاب ’نصرت نامہ ترخان‘ جو لکجڻ، لڀڻ ۽ ڇپجڻ، سنڌ جي علمي تاريخ جي وڏي حاصلات آهي. هڪ راءِ موجب سيد مير محمد 972ھہ ۾ فوت ٿيو ۽ مڪليءَ تي پورانين جي قبرستان ۾ آرامي آهي.
شيخ عبدالوهاب پوراني: سيد مير محمد جو سڳو ڀاءُ، علمن جو ماهر هو. شاھہ حسن ارغون کيس ويجهو رکيو. هن ’فتاوي پوراني‘ ڪتاب مرتب ڪيو، جيڪو هن وقت اڻلڀ آهي. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 497) شيخ عبدالوهاب 970ھہ ڌاري هي فاني جھان ڇڏيو. (ساڳيو ڪتاب، ص 501) سيد حسام الدين راشديءَ موجب، هي ’فتاوي‘، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي مطالعي ۾ رهي. سيد عبدالوهاب 972ھہ ۾ وفات ڪئي. (ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ص 779 ۽ حاشيو نمبر 02)
ميرڪ عبدالباقي: شيخ عبدالوهاب جو نِڳو ڀاءُ هو. ميرڪ جو والد بکر جو شيخ الاسلام ٿيو ۽ 950ھہ ۾ فوت ٿيو تہ سندس پٽ ميرڪ عبدالباقي بکر جو شيخ الاسلام ٿيو. هو وقت جو وڏو عالم هو. پر علم هيئت ۽ علم حڪمت ۾ بہ قابل انسان ٿي گذريو آهي. جاگرافي (اقليدس) ۽ ٻين علمن ۾ وڏي مهارت هئس. مير معصوم سندس گهڻي تعريف ڪئي آهي. هن جي وفات 983ھہ ۾ ٿي. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص 258) سندس مزار پراڻي سکر ۾ آهي.
سيد محمود: سيد محمود عرف شيخ ميرڪ، پوراني گهراڻي جي ٽن مشاهيرن جو چاچو هو. شاھہ حسن ارغون کيس ٺٽي جو شيخ الاسلام مقرر ڪيو هو. سندس وفات 962ھہ ۾ ٿي. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 497) هن کي ٽي پٽ: شيخ مير محمد، ميرڪ عبدالباقي ۽ ميرڪ عبدالرحمان جي نالن سان ٿيا.
ميرڪ عبدالرحمان: پير حسام الدين جي تحقيق موجب، مرزا باقيءَ جي حڪم تي، 987ھہ ۾، ميرڪ عبدالرحمان کي قتل ڪيو ويو. ميرڪ هڪ جيد عالم ۽ بزرگ هو. ميرڪ عبدالرحمان هڪ ڏينهن عيد نماز پڙهي موٽيو ٿي، تہ واٽ تي قتل ٿي ويو. مٿس شراب پيئڻ جو ڪوڙو الزام هنيو ويو. مير معصوم جو قول آهي تہ ميرڪ جي شهادت عيدالفطر جي ڏينهن تي ٿي. هن جي مزار پورانين جي قبرستان ۾ آهي. (مڪلي نامه، 621) مير معصوم ميرڪ عبدالرحمان جي شهادت جو اصل پس لکندي (ص256)، سندس شهادت جو سال 991ھہ لکيو آهي. (ص 258، تاريخ معصومي، سنڌي) جڏهن تہ درست سال 987ھہ آهي، جيئن راشدي صاحب لکيو آهي.
مير محمد معصوم بکري: مير محمد معصوم ولد سيد مير صفائي، بکر ۾ سن 944ھہ/ 1528ع ۾ ڄائو. ٻيءَ روايت موجب مير معصوم 952ھہ/ 1545ع ۾ ڄائو. ان دور جي مشھور عالمن ۽ استادن: ملا محمد (ڪنگريقاضي ڏتي (سيوهڻشيخ حميد (درٻيلو)، ۽ مخدوم عثمان (درٻيلو) کان تعليم ورتائين. ان کانپوءِ هو عملي زندگيءَ ۾ داخل ٿيندي، اڪبري درٻار جو ملازم بنيو. ڳچ وقت خواجہ نظام الدين احمد بخشيءَ سان گجرات ۾ گڏ رهيو. خواجہ مرحوم ’طبقات اڪبري ڪتاب‘ لکندي، مير معصوم کان گهڻي مدد ورتي. ان دور ۾ مير معصوم کي ’تاريخ سنڌ‘ (تاريخ معصومي) لکڻ جو خيال آيو، جيڪا هن 1009ھہ/ 1600ع ۾ لکي پوري ڪئي. هن اڪبر پاران ڪيترين ئي جنگين ۾ بھرو ورتو. سندس خاص خدمت ايران لاءِ ڪيل سفارتڪاري آهي. هو 1010ھہ ۾ ايران جو سفير ٿي روانو ٿيو ۽ ڪامياب سفارت کانپوءِ 1013ھہ ۾ وطن موٽي آيو. اهڙو اطلاع ۽ روئداد شهنشاھہ اڪبر کي پيش ڪئي وئي. اڪبر جمادي الاول 1014ھہ/ آڪٽوبر 1605ع ۾ وفات ڪئي ۽ جھانگير نئون بادشاھہ ٿيو تہ مير معصوم چند مهينا سندس درٻار ۾ رهيو. نئين بادشاھہ کان اجازت وٺي جيسلمير جي رستي بکر پهتو. ڪجهہ مهينا بکر ۾ آيو تہ اوچتو کيس ڪنهن مهلڪ بيماريءَ اچي ورايو. هن ذي الحج 1014ھہ/ اپريل 1606ع ۾ وفات ڪئي. مير صاحب ستر سال ڪامياب زندگي ماڻي. هن نہ رڳو ’تاريخ سنڌ‘ لکي، پر فارسي زبان جو بہ بھترين شاعر ٿي گذريو آهي. ڪتبه نويسيءَ جي شوق ۾، هندستان اهڙو ڪردار اڃا پيدا نہ ڪيو آهي. پير حسام الدين راشدي هن جا هند، سنڌ ۽ ايران ۾ 53 (ٽيونجاھہ) ڪتبا ڳولي، نقل ڪري مير معصوم تي لکيل ڪتاب ۾ محفوظ ڪيا آهن.
مير صاحب باغباني ۽ زراعت ۾ بہ گهڻي دلچسپي رکندو هو. عمارت سازيءَ جو شوقين هو. مير معصوم جي سوانح نگار سندس ٺهرايل 13 عمارتن جو بيان ڪيو آهي. سکر ۾ ٽڪريءَ تي معصومي ساداتن جو خانداني قبرستان موجود آهي، جتي مير معصوم، سندس زال، والد ۽ ڀائر دفن ٿيل آهن. قبرستان جي ڀر ۾ مير معصوم جو جوڙايل ’منارو‘ اڄ بہ موجود آهي، جنهن جي تعمير جي سالن کي درست ڪندي، راشدي صاحب لکيو آهي ته، مناري جو بنياد 1002ھہ ۾ رکيو ويو ۽ اهو سن 1013ھہ ۾ مڪمل ٿيو. گهٽ ۾ گهٽ سنڌ اندر اهڙي گوناگون شخصيت جو ڪو ٻيو مثال نہ ٿو ملي. (تفصيل لاءِ ڏسو: مير محمد معصوم بکري، تحقيق، سيد حسام الدين راشدي)
ادراڪي بيگلاري: ادراڪي اصل ۾ ’بيگلار‘ خاندان سان لاڳاپيل هو. بيگلار، ارغوني فتح کانپوءِ سنڌ ۾ داخل ٿيا. نون حاڪمن کين نصرپور سرڪار جاگير ڪري ڏني. ان ڪري بيگلارن جو اثر رسوخ نصرپور کان عمرڪوٽ تائين وڌي ويو. هنن مقامي ماڻهن کان رشتا بہ ورتا. ادراڪي بيگلاري ڪير هو، ڪڏهن فوت ٿيو ۽ ڪٿي دفن ٿيو، اهي معما اڃا حل نہ ٿيا آهن. هن فارسي زبان ۾ ٻہ ڪتاب لکيا: هڪ ’مثنوي چنيسر نامہ‘ جنهن کي پير حسام الدين راشديءَ ايڊٽ ڪري سنڌي ادبي بورڊ کان ڇپرايو (1956)، ۽ ٻيو ڪتاب ’بيگلارنامه‘ لکيائين، جنهن ۾ بيگلارن جي تاريخ لکي محفوظ ڪيائين. هي ڪتاب 1017ھہ ڌاري لکيو ويو، جنهن ۾ ان دور جي سنڌ جي تاريخ تي چڱو مواد موجود آهي. هي ڪتاب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ايڊٽ ڪري 1980ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ کان ڇپرايو.
سيد عبدالقادر ٺٽوي: هي عالم ۽ اديب خسرو چرڪس (ذڪر هيٺ ايندو) جي درٻار سان لاڳاپيل هو. مير علي شير قانع لکي ٿو ته، سيد عبدالقادر پنھنجي وقت جو ناميارو انسان هو. سنڌ جي بزرگن جي بيان ۾ ’حديقةالاولياء‘ سندس نشاني آهي، جو 1016ھہ ۾ لکجي مڪمل ٿيو. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 517) سنڌ جي اوليائن بابت لکيل هي ڪتاب خسرو چرڪس جي نالي منسوب ڪيو ويو. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي (ملتان سميت) چاليهن کان وڌيڪ بزرگن جو بيان آهي. اصل فارسي ڪتاب پير حسام الدين راشديءَ ايڊٽ ڪيو هو، جيڪو 1967ع ۾ ڇپيو. ڪتاب جو سنڌي ترجمو ڊاڪٽر عبدالرسول قادريءَ، 2007ع ۾ ڇپرايو. ٻئي ايڊيشن سنڌي ادبي بورڊ ڇپائي پڌرا ڪيا آهن.
سيد طاهر محمد ٺٽوي: مير طاهر محمد نسياني ولد سيد محمد حسن، سنڌ جي تاريخ تي سندس لکيل ڪتاب ’تاريخ طاهري‘ (1030ھہ) مشھور آهي. ڪتاب ۾ ارغونن ۽ ترخانن تي سٺو مواد ڏنل آهي. هن جي مزار درگاھہ عبدالله شاھہ جي پٺيان هڪ رانڪ ۾ موجود آهي. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 518) سيد طاهر 1051ھہ (1641ع) ۾ فوت ٿيو. سندس اصل فارسي ڪتاب 1964ع ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ايڊٽ ڪري شايع ڪيو، جڏهن تہ ان جو سنڌي ترجمو نامور اديب نياز همايونيءَ 1988ع ۾ شايع ڪرايو. ڪتاب جا ٻئي ڇاپا سنڌي ادبي بورڊ ڇپيا آهن.
مير ابوالبقا: پٽ مير ابوالقاسم ’نمڪين‘ شاھجھان جي دور ۾، سنڌ ۾ ڪيترين اهم ذميدارين تي رهي ڪم ڪيو. ابتدا ۾ سيوهڻ جو فوجدار ٿيو. پوءِ ٺٽي جو صوبيدار (گورنر) ٿيو. ٻہ ڀيرا ٺٽي جو حاڪم رهيو. پهريون ڀيرو 1039ھہ- 1041ھہ تائين، ۽ ٻيو ڀيرو 1052ھہ- 1057ھہ تائين. جڏهن ٻيو ڀيرو ٺٽي جو حاڪم ٿي آيو، تڏهن 1054ھہ ۾ ان مسجد جو ڪم شروع ڪرايائين، جيڪا هاڻي ’شاھجھاني مسجد‘ سڏجي ٿي. مسجد جو ڪم 1057ھہ ۾ مڪمل ٿيو ۽ ان سال خود مير ابوالبقا جي زندگي بہ پوري ٿي. سيد حسام الدين جي تحقيق آهي تہ مسجد نہ تہ شاھجھان جي حڪم يا دلچسپيءَ سان ٺھي ۽ نہ وري ان تي مغلن جي مرڪزي سرڪار هڪ رپيو بہ خرچ ڪيو هو.
مير علي شير قانع لکيو آهي تہ ابوالبقا جي مزار مڪليءَ تي ’اميرخاني قبرستان‘ ۾ آهي. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 237) ڪزنس بہ قانع جي پيرويءَ ۾ ائين لکيو آهي. (سنڌ جا قديم آثار، انگريزي، ص 117) جڏهن تہ مير ابوالبقا جي مزار روهڙيءَ ۾ ’صفئه صفا‘ تي پنھنجي والد مير ابوالقاسم ’نمڪين‘ جي پهلوءَ ۾ اڄ بہ خوبصورت ۽ درست حالت ۾ موجود آهي. (تفصيل لاءِ ڏسو: تذڪره اميرخاني، سيد حسام الدين راشدي، مير ابوالبقا وارو باب)
يوسف ميرڪ: هن گم ٿيل ڪردار ۽ سندس ڪتاب مظهر شاهجهانيءَ کي سيد حسام الدين راشديءَ پڌرو ڪيو آهي. يوسف ميرڪ، شايد مير ابوالقاسم ’نمڪين‘ جو ٻيو نمبر پٽ هو. مير ابوالبقا هن جو وڏو ڀاءُ هو. هن جي ولادت ۽ وفات جي تاريخ معلوم ڪانهي. ابتدا ۾ سرڪاري ڪارندو هو. پوءِ سيوهڻ ۾ مغل عملدارن جا ظلم ڏسي عهدو ڇڏي ڏنائين. هن ’تاريخ مظهر شاھجھاني‘ نالي ڪتاب (1044ھہ ۾) لکي، سنڌ جي تاريخ نويسيءَ ۾ انقلاب آندو. هن ڪتاب کي سورهين صديءَ جي سنڌ جو گزيٽيئر سڏيو ويو آهي. اصل فارسي ڪتاب گم هو، جنهن کي سيد حسام الدين راشديءَ ڳولي، ان کي ايڊٽ ڪري 1962ع ۾ ڇپيايو. مرحوم نياز همايونيءَ ڪتاب جو سنڌي ترجمو 1979ع ۾ ڇپرايو. ٻئي ايڊيشن سنڌي ادبي بورڊ ڇپيا آهن.
سيد مير محمد: سيد مير محمد پٽ سيد جلال ٺٽوي بن سيد علي ثانيءَ جو تعلق ٺٽي جي انجوي شيرازي ساداتن سان هو. مير علي شير قانع لکي ٿو ته، سيد مير محمد وڏي شان وارو ۽ مشھور معروف هو ۽ ’ترخان نامو‘ سندس تاليف آهي. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 468) فارسي زبان ۾ لکيل هي ڪتاب 1065ھہ ۾ تيار ٿيو. هي هڪ مختصر ڪتاب آهي، جنهن ۾ سنڌ جي ارغون ۽ ترخان حاڪمن جو احوال ڏنو ويو آهي. سيد مير محمد جي وفات جو سال معلوم ڪونهي. اندازو آهي تہ هن جي مزار سيد علي ثانيءَ جي مزار جي گنبذ جي احاطي ۾ ڪنهن جاءِ تي هوندي. اصل ’ترخان نامہ‘ سيد حسام الدين راشديءَ 1964ع ۾ ايڊٽ ڪري ڇپرايو. ڪتاب جي آخر ۾ شامل ڪيل شجرن تي وڏي محنت ٿيل آهي. اهي شجرا راشدي صاحب جا تيار ڪيل آهن. ڪتاب جو سنڌي ترجمو مرزا عباس علي بيگ ڪيو هو، جيڪو 1994ع ۾ ڇپيو. ترخان نامي جا ٻئي ڇاپا سنڌي ادبي بورڊ ڇاپي نروار ڪيا آهن.
سيد علي (ثاني): شيراز جي انجوي ساداتن مان آهي. ميان سيد علي علم، زهد ۽ سخاوت جو مالڪ هو. مڪليءَ جي پيرن جي مزارن تي سماع ڪندو هو. سن 971ھہ ۾ فوت ٿيو. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص 259) سيد حسام الدين راشديءَ جي تحقيق آهي تہ هن 981ھہ ۾ وفات ڪيائين. (مڪلي نامه، ص 73) جنهن جي تصديق ’حديقة الاولياء‘ جي ذريعي بہ ٿئي ٿي. (سنڌي ترجمو، ص 115)
مير سيد صفائي: ارغونن جي فتح کانپوءِ مير سيد صفائي اصل وطن ڇڏي اچي بکر ۾ رهيو. شاھہ قطب الدين کانپوءِ بکر جو شيخ الاسلام ٿيو ۽ سن 991ھہ ۾ فوت ٿيو. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص 280) هي معصوم بکريءَ جو والد هو ۽ سندس مزار معصوم شاھہ جي مناري (سکر) لڳ آهي.
مولانا عبدالله مفتي: هي عالم ملتان جي واقعي (فتح) کانپوءِ، بکر لڏي آيو. سن 970ھہ ۾ وفات ڪيائين. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص 281)
مخدوم قاضي عثمان: درٻيلي جو رهاڪو ۽ عالم هو. 1002ھہ ۾ وفات ڪيائين.
مخدوم عباس: هنڱورجا جو رهاڪو هو، پر چون ٿا تہ اصل پاٽ جو هو 947ھہ ۾ هنڱورجن ۾ اچي رهيو. علم تفسير، حديث، فقھ ۽ ٻين علمن ۾ ڪمال مهارت حاصل هئس. 14 شعبان 998ھہ ۾ فوت ٿيو. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص 283- 284)
شيخ فريد بکري: هن جي والد جو نالو شيخ معروف هو. فريد جو وطن بکر (سنڌ) هو. هن مغلن جي ملازمت ڪئي. سندس جنم ۽ وفات جو سال معلوم ڪونهن. شيخ فريد سادي ۽ روان زبان ۾ هڪ فارسي ڪتاب لکيو. جنهن جو نالو ’ذخيره الخوانين‘ آهي، جنهن 1060ھہ ۾ تيار ٿيو. هي ڪتاب ڊاڪٽر سيد معين الحق ايڊٽ ڪيو ۽ ٽن جلدن ۾ (جلد 1: 1961ع، جلد 2: 1970ع، جلد 3: 1974ع)، پاڪستان هسٽاريڪل سوسائٽيءَ پاران ڪراچيءَ مان ڇاپي پڌرو ڪيو ويو. هن ڪتاب ۾ اڪبر، جھانگير ۽ شاھجھان جي دور جي مکيہ مکيہ اميرن جو احوال ڏنو آهي. ڊاڪٽر ظهورالدين احمد، هن ڪتاب جو اونهو اڀياس ڪيو هو ۽ اهو ڪتاب جي ٻولي، اسلوب ۽ معلومات جي وڏي تعريف ڪئي اٿس. (پاڪستان مين فارسي ادب کي تاريخ، ص 529- 533)
محمد رضا بن عبدالواسع: شاھہ ڪريم جو خاص خليفو ۽ ٺٽي جو رهاڪو هو. هن شاھہ ڪريم جي ملفوظات ’بيان العارفين‘ سن 1038ھہ ۾ فارسيءَ ۾ مرتب ڪئي. ان ۾ شاھہ ڪريم جي زندگي، ملفوضات ۽ سنڌي بيت شامل آهن. ڪتاب ۾ مقدمو، ست باب ۽ هڪ خاتمو آهي. (پاڪستان مين فارسي ادب ڪي تاريخ (اردو)، ص 560) ڊاڪٽر دائودپوٽي ’شاھہ ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام‘ اصل ڪتاب (بيان العارفين)، ۽ ان جو سنڌي خلاصو 1937ع ۾ بمبئيءَ مان ڇپرايو. ان ريت شاھہ ڪريم هڪ ڪلاسيڪل سنڌي شاعر طور نروار ٿيو. ان ڪتاب تي بعد ۾ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۽ ڊاڪٽر عبدالغفار سومري تحقيقي ڪم ڪيو آهي.
شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ وارو: مٽياروي ساداتن مان هو. اصل مٽياريءَ جو هو، جو پوءِ بلڙيءَ لڏي آيو. شاھہ ڪريم 944ھہ ۾ پيدا ٿيو. سندس وفات اٺاسي سالن جي ڄمار ۾ 1032ھہ ۾ ٿي. ابتدائي دور جو اهم ڪلاسيڪي سنڌي شاعر ٿي گذريو آهي، ڊاڪٽر دائودپوٽي ’بيان العارفين‘ ذريعي شاھہ ڪريم جا 94 بيت نروار ڪيا. ڊاڪٽر نجم الاسلام اهي بيت اردو زبان ۾ ترجمو ڪيا ۽ دهليءَ جي ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻيءَ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپرايا آهن.
شيخ عبدالشڪور ٺٽوي: محمد يوسف اٽڪيءَ 1065ھہ ۾، هڪ تاريخي ڪتاب ’منتخب التواريخ‘ تيار ڪيو، جيڪو هڪ ضخيم ۽ علمي ڪتاب آهي، جنهن تي سنڌ ۾ تحقيقي اڀياس ڪيو ويو آهي. ٺٽي جي عبدالشڪور ان جي انتخاب تي ڪم ڪيو ۽ ان جو نالو ’انتخاب منتخب‘ (1084ھہ) رکيائين. مير قانع کيس اعليٰ درجي جي شخصيت سڏيو آهي. هي هڪ سٺو خطاط بہ هو. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 593، ص 598)
مخدوم نوح ولد نعمة صديقي: هي بزرگ وڏو عالم ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. مير علي شير قانع سندس وڏي تعريف ڪئي آهي. مخدوم نوح جي وفات 27 ذي القعد سن 998ھہ ۾ ٿي. (تحفة الڪرام، سنڌي، 385) مخدوم نوح جا ڪجهہ سنڌي بيت ملن ٿا. سندس اهم ڪارنامو ’قرآن مجيد‘ جو فارسي ترجمو آهي، جيڪو برصغير ۾ قرآن پاڪ جو پهريون فارسي ترجمو آهي، ۽ علامہ غلام مصطفيٰ قاسميءَ ايڊٽ ڪري سنڌي ادبي بورڊ کان 1401ھہ ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
ابو الفتح قابل خان: شاھجھان جي دور ۾ لاهري بندر جو ملازم هو. اورنگزيب سان ملتان ۾ مليو هو ۽ سندس بادشاهيءَ ۾، مير منشي ۽ مدار المهام بنجي قابل خان جو خطاب حاصل ڪيائين. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 549) ڊاڪٽر محمد سليم اختر جي تحقيق آهي ته، منشي قابل خان، اورنگزيب جو ڀروسي جوڳو مير منشي هو. منشي قابل خان 1072ھہ ۾ دهليءَ ۾ گذاري ويو. هن اورنگزيب جي حڪم تي سرڪاري خط (لکپڙھہ) لکيا، جن ۾ ان دور جي هند ۽ سنڌ بابت وڏي ڄاڻ آهي. بعد ۾ اهي خطآداب عالمگيري‘ (ٻہ جلد) جي نالي سان مرتب ٿيا. هي ڪتاب ٻن جلدن ۾ چوڌري عبدالغفور ايڊٽ ڪيو، ۽ پنجاب يونيورسٽي لاهور 1971ع ۾ شايع ڪيو.
عبدالغفور بن حيدر: سيوهڻ جو رهاڪو هو. ديندار خان جڏهن سيوهڻ جو حاڪم مقرر ٿيو، تڏهن ان لاءِ سن 1039ھہ ۾ هڪ مختصر ڪتاب ’تذڪره مشائخ سيوستان‘ فارسي زبان ۾ لکيائين، جنهن ۾ شھر جي چوڏهن صوفين جو بيان آهي. اصل ڪتاب گم ٿي ويو هو، جنهن کي سيد حسام الدين راشدي صاحب هٿ ڪري، ايڊٽ ڪري، رسالي ’مهراڻ‘ (1974ع) ۾ ڇپرايو، جنهن جو سنڌي ترجمو نياز همايونيءَ ڪيو هو، جنهن کي سال 2010ع ۾ ڊاڪٽر غلام محمد لاکي ان کي مرتب ڪري ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي نروار ڪيو.
شيخ عبدالرشيد ٺٽوي: چيو وڃي ٿو تہ مديني کان ٺٽي ۾ اچي رهيو. لغت جي علم جو وڏو ڄاڻو هو. هن جون تيار ڪيل ٻہ لغتون: فرهنگ رشيدي (فارسي، ٻہ جلد)، ۽ منتخب اللغات شاھجھاني (عربي) مشھور آهن. اندازو آهي تہ مصنف عبدالرشيد شاھجھان جي دور ۾ ٺٽي ۾ موجود هو.
خسرو چرڪس: ترخاني دور جو مشھور امير ٿي گذريو. سندس احوال ارغون ترخان دور جي تاريخ دوران اچي چڪو آهي.
مخدوم ابوالحسن: وقت جو ڪامل، علم ۽ عمل جو صاحب هو. اسلام جي عقيدن، ايمان جي فرضن وغيرہ متعلق سندس سنڌي نظم يادگار آهي. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 559) ابوالحسن ٺٽويءَ کي سنڌي صورتخطيءَ جو باني چيو وڃي ٿو (جڏهن تہ ان جا نمونا اڳ بہ ملن ٿا). هي آخري مغل دور ۾ ٺٽي ۾ ٿي گذريو آهي. سندس سنڌي ڪتاب ’مقدمة الصلواة‘ مشھور آهي، جنهن جو مستند ايڊيشن سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، 1993ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
لطف قادري: شاھہ لطف قادري (1020- 1090 ھہ) جي سنڌي بيتن ملڻ سان، سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي تاريخ ۾ اهم واڌارو ٿيو آهي. ادبي نقادن جو خيال آهي ته، شاھہ عنات جو ڪلام، شاھہ ڀٽائيءَ کان اڳ واري دور جو سرمايو آهي. شاھہ لطف قادريءَ جو رسالو ۽ بيت وري ميين شاھہ عنات جي ڪلام، ۽ شاھہ ڪريم جي شعر جي وچ واري ڪڙي آهن. سندس 350 سنڌي بيت مليا آهن. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هن شاعر جو سنڌي رسالو ’لطف قادريءَ جو ڪلام‘ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شوري پاران 1968ع ۾ ڇپايو آهي، جنهن جو هڪ ايڊيشن، ثقافت کاتي حڪومت سنڌ بہ ڇپايو آهي.
(مواد تيار ڪندڙ: ڊاڪٽر غلام محمد لاکو)
وڌيڪ ڏسو : سنڌ ۾ ڪلهوڙا دور حڪومت


هن صفحي کي شيئر ڪريو