مير ابوالبقا بهرور علي سبزواري : سيد مير ابوالبقا بهرور علي سبزواري، ٺٽي شھر ۾ آباد هو. سندس ڏاڏو سبزواري مير عبدالله سلطان دراصل شاھجھان بادشاھہ جو خاص مقرب هو. مير عبدالله جو ڏاڏو مير غياث الدين ’حبيب السير‘ جي مصنف خواند مير جو پوٽو ۽ سلطان جنيد صفويءَ جو ڏوهٽو هو. مير ابوالبقا بهرور علي ابتدائي تعليم ٺٽي جي نامور عالمن کان ورتي. سندس والد مير عبدالرحمٰن سبزواريءَ سندس تربيت ۾ ڪا بہ ڪسر نہ ڇڏي. پنهنجن وڏن وانگر مير بهرور علي عالم ۽ فاضل هجڻ سان گڏوگڏ وڏو شاعر هو ۽ شاعريءَ ۾ ’بهرور‘ تخلص استعمال ڪندو هو. هي مير حيدرالدين ابوتراب ڪامل جهڙي جيد عالم ۽ فاضل جو شاگرد هو. ان کانسواءِ هن هڪ ڪتاب ’تاريـخ چــراغ هـدايت المعـروف بہ بهـرورشـاهــي‘ نالي لکيو، جيڪو صوفي شاھہ عنايت شھيد جي شهادت جو سڀ کان پهريون قديم تاريخي ماخذ آهي، جنهن ۾ صوفي شاھہ عنايت جي شهادت جو تفصيلي احوال ملي ٿو. مير ابوالبقا بهرور عليءَ جي اها تصنيف دراصل چوڏهن معصومين عليهم السلام جي سوانح حيات تي مشتمل آهي، پر آخري ٻن بابن مان هڪ ۾ سبزرواري سيدن جو احوال آهي ۽ آخري باب ۾ ٻين عبرتناڪ واقعن سان گڏ صوفي شاھہ عنايت شھيد جي شهادت جو پڻ سربستو احوال موجود آهي. صوفي شاھہ عنايت جي شهادت جو سڀ کان پهريون ۽ قديم ترين ماخذ مير ابوالبقا جو لکيل هي ڪتاب ’تاريخ چراغ هدايت‘ ئي آهي. مير ابوالبقا بهرور هڪ اها تصنيف ۽ هڪ ديوان يادگار ڇڏيا آهن. مير بهرور 1157ھہ/ 1744ع ۾ وفات ڪئي.