مير ابوالمڪارم شهود سبزواري : سيد ابوالمڪارم سبزواري وڏو عالم ۽ فاضل ٿي گذريو آهي. سندس والد سيد ابوالبقا امير خان بن مير ابوالقاسم نمڪين بن ملا مير سبزواري هو. ’تحفة الڪرام‘ جي مصنف مير علي شير قانع ٺٽويءَ هن کي ’ولي ڪامل‘ لکيو آهي. اڳتي لکي ٿو ته اباڻي ملڪيت ڪافي هئس، پر هن پنهنجي لاءِ اميراڻي زندگيءَ تي درويشاڻي زندگيءَ کي ترجيح ڏني. هو الله جو نيڪ ولي هو. وٽس وڏو ڪتبخانو موجود هو، جتي ڏينهن رات مطالعي ۾ مشغول رهندو هو. مير ابوالمڪارم وڏو شاعر هو ۽ سندس تخلص شهود هو. سندس ٻه مثنويون مشهور آهن: (1) پريخانه سليمان ۽ (2) مثنوي بديع الجمال وسيف الملوڪ. ان کانسواءِ سندس ڪيترائي غزل مختلف قلمي بياضن ۾ ملن ٿا. مير صاحب ديوان مرتب ضرور ڪيو هوندو، پر اهو صفحه هستيءَ تي موجود نه آهي. مثنوين مان به صرف ’پريخانهء سليمان‘ مثنوي موجوده وقت سنڌالاجيءَ ۾ موجود آهي. باقي ٻي ڪٿي آهي، ڪا خبر نه آهي. مير ابوالمڪارم جون قطعه تاريخون به ملن ٿيون، جن مان خبر پوي ٿي ته ماده تاريخ ۾ کيس وڏي مهارت حاصل هئي. مير علي شير قانع ٺٽوي سندس وفات جو سال 1073هه/ 1662ع ڄاڻايو آهي. وفات سيوهڻ ۾ ڪيائين، تنهنڪري جوار حضرت قلندر لعل شهباز ۾ دفن ٿيو. وفات کان چند ساعتون اڳ هيٺين تاريخ پنهنجي وفات تي خود چيائين: ڪسي گرزپرسدز تاريخ ما، همين گو ”بجنت خدا ددجا“ 1073هه اها ئي قطعه تاريخ سندس مزار تي اُڪريل آهي.