مير حيدرالدين سبزواري : مير حيدرالدين ابوتراب ’ڪامل‘ سبزواري سنڌ جو نامور عالم ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. مير علي شير قانع ٺٽويءَ پنھنجي ڪتابن ’تحفة الڪرام‘ ۽ ’مقالات الشعراء‘ ۾ مير حيدرالدين جي علمي لياقت بابت تمام گهڻي تعريف ڪئي آهي. مير حيدرالدين جو والد مير رضي الدين فدائي بن مير ابوالمڪارم شهود بن مير ابوالبقا امير خان بن مير ابوالقاسم نمڪين بن ملامير سبزواري هو. ٺٽي ۽ بکر جي ڪيترن ئي مغل نوابن کيس نذرانا پيش ڪيا، پر هن ڪڏهن بہ قبول نہ ڪيا. مير صاحب هميشہ استغراق جي عالم ۾ هوندو هو ۽ سندس ڪيتريون ڪرامتون مشھور آهن. هن سنڌي، هندي ۽ فارسيءَ ۾ شاعري ڪئي آهي. مير علي شير لکي ٿو تہ مير حيدرالدين پنھنجي ڪلام جا ڏھہ ضخيم جلد تيار ڪيا، جن کي محمد پناھہ رجا ٺٽويءَ جي حوالي ڪيائين تہ هو انهن کي مرتب ڪري.“ محمد پناھہ رجا اهي مرتب ڪيا يا نه، پر اڄ اهي موجود نہ آهن. يعني ڏهن جلدن تي مشتمل سمورو ڪلام ضايع ٿي ويو يا وري ڪنهن شاعر پنھنجي نالي ڪري ڇڏيو. سندس شاگردن مان محمد پناھہ رجا ٺٽوي ۽ مير ابوالبقا بهرور علي گهڻا مشھور آهن. مير مير حيدرالدين 1164ھہ/ 1751ع ۾ وفات ڪئي، مير علي شير قانع هيٺينءَ مادہ تاريخ چئي آهي: ”ان للمتقين جنت“ 1164ھہ