مير عبدالرزاق سبزواري : مير عبدالرزاق سبزواري، شاھجھان جي زماني ۾ نوصدي منصب تي فائز هو. مير عبدالرزاق بن مير ابوالبقا اميرخاني بن امير ابوالقاسم نمڪين بن ملامير سبزواري تمام ذهين ۽ عالم فاضل هو. مير علي شير قانع ٺٽوي ’مقالات الشعرا‘ ۾ لکي ٿو ته، ”مير عبدالرزاق جامع علوم عقلي و نقلي هو. زبان ۾ لڪنت (ٻاتاڻ) هئس، پر لغت تي ايتري قدرت هئس، جو جڏهن بہ ڪو اکر ادا ڪري نہ سگهندو هو، تہ فوراً ان جو مترادف اهڙي تسلسل ۽ روانيءَ سان آڻيندو هو، جو ٻڌندڙ کي محسوس ئي نہ ٿيندو هو. مير عبدالرزاق بھترين شاعر پڻ هو. 22 شوال 1041ھہ/ 2 مئي 1632ع تي مير عبدالرزاق، شاھجھان بادشاھہ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ جواهر، هڪ هزار مهرون ۽ ٺٽي جا ٺهيل ڪپڙا سندس خدمت ۾ پيش ڪيائين، انهيءَ وقت بادشاھہ کيس ٺٽي جو صوبيدار مقرر ڪيو. مير عبدالرزاق 1062ھہ/ 1652ع ۾ وفات ڪئي. سندس ڪتبي تي هڪ طويل قطعه تاريخ اڪريل آهي. انهيءَ جا ٻہ شعر هت ڏجن ٿا: عبدالرزاق ڪه روحش قرين باد ز ايزد بهزار آفرين ترڪ ازين عالم فاني گرفت ”ملڪ بقا آل حسيني گرفت“ 1062ھہ