ناصر بلوچ

ناصر بلوچ: تعليمدان ۽ ليکڪ ناصر علي ولد حسن علي ڪھيري بلوچ پھرين ڊسمبر 1950ع تي تلھار ضلع بدين ۾ جنم ورتو. 1967ع۾ ڊي. سي هاءِ اسڪول تلھار مان مئٽرڪ، 1969ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد مان انٽر ۽ 1976ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان انٽرنيشنل رليشنز شعبي ۾ ماسٽرس ڪئي. 1970ع کان هن لکڻ جو آغاز ڪيو. سندس لکڻيون ۽ ڪالم سنڌ ٽائمز، عبرت، مھراڻ، خادم وطن، هلال پاڪستان، عبرت، ڪاوش، سنڌ ايڪسپريس، سوڀ، برسات، عبرت مئگزين، هزار داستان، پيغام احمد، گلشن لاڙ، لوڪ ۽ همسري کان علاوہ مختلف اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن ۾ شايع ٿيا آهن. ناصر بلوچ سنڌي ادبي سنگت، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سان وابستہ آهي ۽ ڊاڪٽر ظفر حسين ميموريل سوسائٽي تلھار جو صدر آهي. هن عملي زندگي جي شروعات باواني شگر مل تلھار ۾ ملازمت سان ڪئي، بعد ۾ اسٽيٽ بئنڪ حيدرآباد مان آفيسر گريڊ 11 طور رٽائر ڪيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ‘تلھار تاريخ جي آئيني ۾’ (ٻہ جلد: 2014ع ۽ 2015ع)، ‘سھڻا سخن’ (2014ع)، ‘مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل مضمون ۽ ڪالمن تي مشتمل ڪتاب ‘ڪو آهي جيڪو سچ چوي’، 2016ع پنھنجي آتم ڪٿا ‘جا گذري سا گذري’ 2018ع، ڪلياڻ آڏاوڻي جي رسالي تان کنيل شاھه عبداللطيف ڀٽائي جي سوانح ‘آهين تون ئي تون’ (لطيفيات، ٽي شمارا)،‘تو هي تو’ (اردو ۾ شاھہ لطيف جو سوانح)، ‘سوانح سچل سرمست’ (اردو)، ‘ڄاڻ موتين کاڻ’ (ڇھه شمارا) ۽ ٻاراڻو ادب (ٽي جلد)، ‘ناياب نسخا’، ‘ڏاهپ جا ڏس’، ‘گڏيل سوانح شاھہ و سچل’ ۽ 2024ع ۾ آتم ڪٿا ڀاڱو ٻيو ‘خواب آهي زندگي ’ شامل آهن. ناصر بلوچ اڄڪلھه تلھار ضلع بدين ۾ پنھنجي قائم ڪيل سنڌ گرامر اسڪول تلھار جو باني ۽ پرنسپال آهي.


لفظ ناصر بلوچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.12.01  عيسوي

تعليمدان ۽ ليکڪ ناصر علي ولد حسن علي ڪھيري بلوچ پھرين ڊسمبر 1950ع تي تلھار ضلع بدين ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پريتم ورياڻي
عنايت ﷲ سومرو سھيل
مدد علي سنڌي
پنڊت ڪشنچند جيٽلي
رشيده حجاب
خواجہ ذوالفقار
رئوف نظاماڻي
ايڇ جي ويلز
اي جي اتم
سليم ﷲ مخدوم پاٽائي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون