نثار بزمي

نثار بزمي

نثار بزمي

نثار بزمي :ناليواري موسيقار نثار بزميءَ جو اصل نالو سيد نثار احمد ولد سيد قدرت علي آهي. هن 1 ڊسمبر 1925ع تي مهاراشترا، هندوستان جي ڳوٺ ”جل گائون“ ۾ جنم ورتو. هن موسيقيءَ جي بنيادي سکيا خانصاحب امانت علي خان کان ورتي. ڪيريئر جي شروعات 1939ع ۾ آل انڊيا ريڊيو تان ڪيائين. 1944ع ۾ بمبئي ريڊيو اسٽيشن تان ڊرامي ”نادر شاھہ دراني“ ۾ سندس ڪمپوز ٿيل گانن کيس شھرت جي آسمان تي پهچائي ڇڏيو. اهي سمورا گانا مقبول ويا، ان کان پوءِ هڪ ڀارتي فلم پروڊيوسر کيس پنھنجي فلم ”جمنا پر“ جا گانا ڪمپوز ڪرڻ لاءِ چيو. جنهن بعد بالي ووڊ فلم انڊسٽريءَ ۾ 40 بالي ووڊ فلمن جا گانا ڪمپوز ڪيائين، جن جا 14 فلمون 21 جون 1962ع ۾ سندس پاڪستان لڏي اچڻ کانپوءِ رليز ٿيون. هن مان ڪمپوز ڪيل ڪيترا گانا پاڪستاني فلمن ۾ بہ مقبول ٿيا، جن ۾ ”چلو اڇا هوا تم ڀول گئي“ (نورجھان)، ”حالت بدل نهين سڪتي“ (نورجھان)، ”دل ڌڙڪي مين تم يي ڪيسي“ (رونا ليليٰ)، ”هم چلي تو هماري سنگ سنگ نظاري چلي“ (عالمگير)، ”اڪ حسن ڪي ديوي سي مجهي پيار هوا ٿا“ (مهدي حسن) وغيرہ شامل آهن. ان کان سواءِ مشھور قومي گيت ”هم زندہ قوم هين“، ”يه وطن تمهارا هي“، ”خيال رکنا“ بہ سندس ڪمپوز ٿيل آهن. نثار بزميءَ کي ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن، جن ۾ (1) ”نگار اوارڊ“ (1968ع)، (2) ”نگار اوارڊ“ (فلم انجمن 1970ع)، (3) ”نگار اوارڊ“ (فلم ميري زندگي هي نغما 1972ع)،(4) ”نگار اوارڊ“ (فلم خاڪ اور خون 1979ع)، (5) ”نگار اوارڊ“ (فلم هم ايک هين 1986ع) شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1925.12.01  عيسوي

نثار بزمي 1 ڊسمبر 1925ع تي مهاراشترا ، هندوستان جي ڳوٺ ” جل گائون “ ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خانبهار احمد خان ڀٽو
سڪندر خان ملڪ
پرين پالاري
ڪالو فقير
برهان الدين قطب عالم
چانڊيو غلام عباس
پشپا ڀاوناڻي
سچيتا ڪرپلاڻي
ڀڳڙو مل ناچيز
سيد صادق علي شاھہ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون