
زنئور نواز خان
نواز خان زنئور : قومي ڪارڪن، نامور شاعر، اديب، نقاد، ناول نگار ۽ مترجم نواز خان زنئور 30 آگسٽ 1971ع تي تعلقي ميرپور بٺوري جي ڳوٺ احمد خان زنئور ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم ڳوٺ ۾، مئٽرڪ 1987ع ۾ ميرپور بٺورو هاءِ اسڪول ۾، انٽر 1990ع ۾ سجاول ڪاليج مان، ايم. اي (سنڌي ادب) 1997ع ۾ سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري مان ڪيائين. سندس شمار شاعر، اديب ۽ قومپرست سياستدانن ۾ ٿئي ٿو. هن سياست جي شروعات 1998ع ۾ جساف کان ڪئي، جنهنجو مرڪزي عهديدار پڻ رهيو. ان بعد جيئي سنڌ متحدہ محاذ (جسمم) ۾ شموليت اختيار ڪيائين، جسمم ۾ مرڪزي عهدن تي ڊپٽي سيڪريٽري، جنرل سيڪريٽري ۽ جيئمسٽ ڪائونسل جو ميمبر رهيو. نواز خان پهريون ڀيرو 1990ع ۾ گرفتار ٿيو، ٻيو ڀيرو سندس گرفتاري 31 ڊسمبر 2005ع تي ڳجهن ادارن هٿان ريل مان ٻولھاڙي اسٽيشن وٽ ٿي. ان وقت هي تنظيمي دوري تي وڃي رهيو هو، کيس ڏھہ مهينا ٽارچر سيل ۾ رکيو ويو، ان بعد ڪڍڻ ٿاڻي تي ظاهر ڪيو ويو. جنهن کانپوءِ ٻہ سال سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ رکيو ويو. جتان کيس 11 آگسٽ 2008ع تي آزاد ڪيو ويو. نواز خان آزاديءَ کانپوءِ جيئي سنڌ محاذ ۾ شامل ٿيو، جتان پارٽي پاليسين سان اختلاف رکندي 2010ع ۾ ’جيئي سنڌ قومي محاذ‘ (آريسر) ۾ شموليت اختيار ڪيائين، جنهن جو ڪجهہ وقت وقت مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري رهيو ۽ جنوري 2013ع جي مرڪزي چونڊن ۾ وائيس چيئرمئن چونڊجي آيو آهي. نواز خان زنئور قومي تحريڪ ۾ غير تڪراري ڪردار جو مالڪ رهيو آهي. سٺو مقرر، شاعر، نثر نويس ۽ مترجم آهي. شاعريءَ ۾ غزل، نظم ۽ بيت جي صنف تي سٺي دسترس رکي ٿو، سندس نثر بہ سليس ۽ وڻندڙ آهي، سندس هن وقت تائين 10 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن ۾: ڪالھہ گڏيوسون ڪاپڙي (جي. ايم. سيد تي مضمون:1997ع)، وڄون اتر واءُ (شاعري:2005ع)، قيدي تخت لاهور جو (جيل ڊائري: پهريون ڇاپو 2005ع: ٻيو ڇاپو: 2011ع)، خماريل هوا گلابي ڳليون (سنڌ يونيورسٽيءَ جون يادگيريون: 2008ع)، ڪتيون ڪيئي قيد ۾ گذريون (جيل ڊائري:2009ع)، قومي آزادي (سياسي مضمون:2009ع)، رنگ رتو آڪاس (نثري ٽڪرا: 2010ع)، لاڙ لهرون سمنڊ (شاعري: 2012ع)، ڪو ڪيئن نہ ڊوڙي مقتل ڏي (خاڪا: 2012ع)، مولانا ابوالڪلام آزاد جي جڳ مشھور ڪتاب ’غبار خاطر‘ جو سنڌي ترجمو ’دل جو غبار‘، ۽ پائلو ڪوهلو جي مشھور ناول ’Eleven Minutes‘ جو ترجمو ’يارنهن منٽ‘ شامل آهن. ان کانسواءِ سندس هڪ اڻڇپيل ناول ۽ ڪيترا مضمون ۽ تقريرون ڇپائيءَ جون منتظر آهن. هن ڪيترين ئي سماجي تنظيمن ۾ بہ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جن ۾ (S.P.O)، سنهري هيومنٽرين ڊيولپمينٽ سوسائٽي، ڳوٺ سڌار سنگت بٺوري جو سرگرم اڳواڻ ۽ W.H.D.T جي اهم اڳواڻن ۾ شامل آهي. نواز خان زنئور کي سنڌي، سرائيڪي، انگريزي ۽ اردو ٻولين کان علاوہ فارسي ٻوليءَ جي بہ سٺي ڄاڻ آهي. سنڌ جي مسئلن تي عالمي ادارن جي وفدن سان ملي آگاهي ڏئي چڪو آهي.
1971.08.30 عيسوي
قومي ڪارڪن، نامور شاعر، اديب، نقاد، ناول نگار ۽ مترجم نواز خان زنئور 30 آگسٽ 1971ع تي تعلقي ميرپور بٺوري جي ڳوٺ احمد خان زنئور ۾ جنم ورتو.