وحيد محسن

وحيد محسن

وحيد محسن

وحيد محسن: شاعر ۽ ڪھاڻيڪار وحيد محسن ولد عبدالقادر سومرو پھرين ڊسمبر 1968ع تي رستم شھر، تعلقي لکي ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو. ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم رستم ۽ شڪارپور مان حاصل ڪئي. جڏهن تہ بي. ايس. سي (1992ع) ڊگري ڪاليج شڪارپور مان، بي. ايڊ (1996ع) علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد ۽ ايم. اي (سنڌي ادب) 2004ع ۾ شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي. سندس شاعري ۽ ڪھاڻيون مختلف اخبارن ۽ رسالن: ‘ڪاوش’، ‘سوڀ’، ‘هلچل’، ‘سنڌ ايڪسپريس’، ‘عبرت مئگزين’ ۽ ٽه ماهي ‘مھراڻ’ ۾ شايع ٿينديون رهيون آهن. شاعريءَ ۾ غزل، گيت، وائي، ڪافي ۽ ٽيڙو تي طبع آزمائي ڪئي آهي. ان کان علاوہ سنڌي ادبي سنگت شاخ شڪارپور جو سيڪريٽري، انجمن ترقي پسند مصنفين شڪارپور جو صدر ۽ مختلف ادبي ۽ سماجي تنظيمن جو ميمبر پڻ رهي چڪو آهي. ٻاراڻين ڪھاڻين تي مشتمل سندس ڪتاب ‘برائي جو بدلو’ (2003ع) ڇپيل آهي. ادبي خدمتن عيوض کيس مختلف اوارڊ پڻ ملي چڪا آهن.


لفظ وحيد محسنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1968.12.01  عيسوي

وحيد محسن ولد عبدالقادر سومرو پھرين ڊسمبر 1968ع تي رستم شھر، تعلقي لکي ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مير ابوالمڪارم بکري سبزواري
خدابخش ’ناشاد‘
پير بخاري1
ڀوڄواڻي
جروار نذير احمد ڊاڪٽر
علياڻي قائم خان
خورشيد شبانه نقوي ڊاڪٽر
پير آغا عبدالرحيم رح
راڻي ڪرنا
رئيساڻي اسلم خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون