وحيد محسن

وحيد محسن

وحيد محسن

وحيد محسن: شاعر ۽ ڪھاڻيڪار وحيد محسن ولد عبدالقادر سومرو پھرين ڊسمبر 1968ع تي رستم شھر، تعلقي لکي ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو. ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم رستم ۽ شڪارپور مان حاصل ڪئي. جڏهن تہ بي. ايس. سي (1992ع) ڊگري ڪاليج شڪارپور مان، بي. ايڊ (1996ع) علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد ۽ ايم. اي (سنڌي ادب) 2004ع ۾ شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي. سندس شاعري ۽ ڪھاڻيون مختلف اخبارن ۽ رسالن: ‘ڪاوش’، ‘سوڀ’، ‘هلچل’، ‘سنڌ ايڪسپريس’، ‘عبرت مئگزين’ ۽ ٽه ماهي ‘مھراڻ’ ۾ شايع ٿينديون رهيون آهن. شاعريءَ ۾ غزل، گيت، وائي، ڪافي ۽ ٽيڙو تي طبع آزمائي ڪئي آهي. ان کان علاوہ سنڌي ادبي سنگت شاخ شڪارپور جو سيڪريٽري، انجمن ترقي پسند مصنفين شڪارپور جو صدر ۽ مختلف ادبي ۽ سماجي تنظيمن جو ميمبر پڻ رهي چڪو آهي. ٻاراڻين ڪھاڻين تي مشتمل سندس ڪتاب ‘برائي جو بدلو’ (2003ع) ڇپيل آهي. ادبي خدمتن عيوض کيس مختلف اوارڊ پڻ ملي چڪا آهن.


لفظ وحيد محسنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1968.12.01  عيسوي

وحيد محسن ولد عبدالقادر سومرو پھرين ڊسمبر 1968ع تي رستم شھر، تعلقي لکي ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جکراڻي عبدالحق
بڪيرائي مراد علي شاھہ
سيد امداد شاھہ ڊڍرائي
ڄام مبارڪ
جتوئي محمد ابراهيم
رڪ صاحب فقير
پنڊت شاناڪ سارنگ سنڌي
سيد غوث علي شاھہ
ابوالبقا
ڄاموٽ شفقت حسين شاھہ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون