
ٺٽي شهر جي مشهور جامع مسجد

جان بابا ترخان جو مقبرو

ملڪ راج پال بن انڙ جو قبو

بابا عيسيٰ لنگوٽيءَ جي چوڪنڊي

پير سادات جو مقبرو
ٺٽو: سنڌ جي پراڻن ۽ قديم شهرن مان ٺٽو هڪ قديم، تاريخي ۽ هڪ قابل ذڪر شھر آهي. ٺٽي شھر جي قائم ٿيڻ، اُن جي تھذيب ۽ تمدن، رهڻي ڪهڻيءَ، رسم رواج، علم ادب تي تاريخي حوالن سان، ڪي قدر تحقيقي مواد سامهون آيو آهي. جن مان مير علي شير قانع، مير محمد بن جلال ٺٽوي، امير خسرو دهلوي ۽ ادراڪي بيگلاريءَ کان سواءِ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، مرزا قليچ بيگ، سيد حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڪن غيرملڪي مؤرخن، سياحن، جھڙوڪ جنرل هيگ، ميجر راورٽي، هيوز، ايٽڪن، پاٽنجر، مانرڪ، منوڪي، هئملٽن ۽ ڊاڪٽر سورلي تعريف جوڳو ڪم ڪيو آهي. 1982ع ۾، مشھور بين الاقوامي آرڪيالاجسٽ ۽ مؤرخ، پروفيسر ڊاڪٽر احمد حسن دانيءَ، پنھنجي ڪتاب ‘Thatta Islamic Architecture’ ۾، ٺٽي جي باري ۾ بھترين تفصيل ڏنو آهي. پروفيسر دانيءَ جي هيءَ تصنيف گهڻي قدر مير علي شير قانع جي لکيل ۽ مشھور بين الاقوامي مؤرخ سيد حسام الدين راشديءَ جي تصحيح ڪيل ۽ وڌايل فارسي زبان ۾ لکيل تاريخ، ’مڪلي نامہ‘، تان ورتل آهي. لفظ ’ٺٽو‘ ۽ ٺٽي شھر جي بنياد پوڻ واري سال متعلق بہ تاريخدانن ۾ گهڻو اختلاف آهي. هن سلسلي ۾ مرحوم مرزا قليچ بيگ جو خيال آهي تہ ”لفظ ٺٽو ’تھہ تھہ‘ لفظ مان ٺهيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي تھہ مٿان تھہ“. مرزا صاحب ٻئي هنڌ لکي ٿو تہ: ”ٺٽ چون ماڻهن جي گوڙ کي؛ ٺٺ چَوَن خشڪ ميدان کي؛ شايد اُنهن مان ٺٽو نالو نڪتو هجي.“ ميجر راورٽيءَ جي راءِ موجب ”ٺٺ“ اصل ۾ سنسڪرت لفظ ’تٽ‘ آهي، جنهن جو اُچار سنڌي زبان ۾ ’تڙ‘ (درياءَ جو ڪپر يا ڪنارو) ٿيو آهي؛ ان طرح ’ٺٽ‘ معنيٰ آهي ”ڪنهن واھہ يا درياھہ وٽ ٻڌل ڳوٺ جتان پتڻ اُڪري پار پهچجي“. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ’سنڌ جو سيلاني‘ ڪتاب ۾ لکيو آهي تہ ”هتي ڪنهن زماني ۾ مهاڻا رهندا هئا، جي مڇي مارڻ کان سواءِ پتڻ بہ اُڪاريندا هئا. اُها ’ٺٽ‘، ’ننگر‘ نالي هڪڙي مهاڻي جي سڏبي هئي.“ ڀيرومل جو وڌيڪ خيال آهي تہ ”عربي ۽ فارسيءَ ۾ ’ٽ‘ ۽ ’ٺ‘ نہ هئڻ ڪري، پارسي زبان جي تاريخن ۾، ’ٺٽي‘ جي بدران ’تته‘ لکيل آهي.“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو تہ: ”ٺٽِي، ٺٽ ۽ ٺٽو، اُن بستيءَ کي چوندا آهن، جيڪا درياھہ جي ڪنڌيءَ يا ڪناري تي آباد ڪئي ويندي آهي“. ڊاڪٽر بلوچ صاحب ۽ مرزا قليچ بيگ صاحب جي راءِ ۾ هڪجهڙائي آهي. ٺٽي شھر جو بنياد ڪڏهن پيو ۽ اُن جو بنياد ڪنهن وڌو؟ اُن لاءِ بہ ماهرن جي راءِ ۾ گهڻو اختلاف آهي. تاريخن ۾ عام طور ائين لکيل آهي تہ ٺٽي جو بنياد، سما گهراڻي جي حاڪم، ڄام نظام الدين (ڄام نندي) پندرهين صدي عيسويءَ ۾ وڌو. ڄام نندي جي حڪومت جو زمانو 1460ع کان 1508ع تائين ڄاڻايل آهي. ڄام نندو هڪ عالم، فاضل ۽ ديندار حاڪم هو. ڊاڪٽر بلوچ ڄام نندي کي سنڌ جو ’هارون الرشيد‘ سڏيو آهي. سندس زماني ۾ سياحن، واپارين، عالمن ۽ فاضلن کي هر طرح جون سهوليتون مليون. رعيت جي آرام ۽ آسائش لاءِ، ڄام نندي پراڻي شھر جي آثارن مٿان نئين شھر جو بنياد وڌو، جيڪو ساموئي يا سماننگر کان فقط ٽي ميل پري هڪ ڪشادي ميدان ۾ واقع هو. انهيءَ شھر ۾ 900 ھہ/ 1494ع، ڄام نندي پنهنجو تخت گاھہ قائم ڪيو. ٺٽي شھر جي قائم ٿيڻ جي سلسلي ۾، ميجر روارٽيءَ جو خيال آهي تہ: ٺٽي جو بنياد سما گهراڻي جي ٽئين حاڪم ’ڄام بابيني‘ (ڄام ٻانڀڻيي) وڌو هو. ميجر راورٽيءَ ’ڄام بابيني‘ جي تخت نشينيءَ جو سال 50- 1349ع ڏنو آهي. سندس خيال موجب جڏهن سما لاڙ ۾ طاقتور بڻجي چڪا هئا، تڏهن هن ئي حاڪم (ڄام بابيني)، ’ساموئيءَ‘ جي ويجهو پنھنجي تخت گاھہ لاءِ نئون شھر ٻڌايو، جنهن تي ’ٺٽو‘ نالو رکيو ويو. ليڪن مختلف تاريخن جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي تہ ٺٽي جو بنياد سما دور کان گهڻو اڳ پيو هو، هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر احمد حسن داني لکيو تہ ”ٺٽي کي سومرن جي حڪومت جي آخري دور سان بہ ملائي سگهجي ٿو. هي شھر اُن وقت بہ چڱيءَ طرح آباد هو. تيرهين صدي عيسويءَ ۾ ٺٽي جو شھر پنھنجي جاھہ و جلال ۽ عظمت جي ڪري ڪافي شھرت حاصل ڪري چڪو هو. جڏهن علاؤالدين خلجيءَ (1296- 1316ع)، سومرن تي حملو ڪيو ۽ سندن تخت گاھہ محمد طور کي تباھہ ڪيو، تہ سندس وڃڻ کان پوءِ سومرن وري ٺٽي تي قبضو ڪيو.“ ڊاڪٽر داني پنھنجي ساڳئي ڪتاب ۾ لکي ٿو تہ ”ٺٽي شهر، سومرن جي دور ۾ گهڻي ترقي ڪئي. ابن بطوطه جيڪو 34- 1333ع ڌاري سنڌ ۾ سير لاءِ آيو هو، ۽ سيوهڻ کان ٻيڙيءَ ذريعي لاهري بندر پهتو هو، تنهن ٺٽي شھر جي وجود ۾ هجڻ جي باري ۾ ڪوبه ذڪر نہ ڪيو آهي، جنهن مان ائين ٿو لڳي تہ ٺٽي جو شھر اُن زماني ۾ آباد ڪونه هو“. ڊاڪٽر داني اڳتي لکي ٿو تہ ”ابن بطوطه جو اهو منفي رويو مناسب نہ ٿو لڳي، ڇاڪاڻ تہ کيس تغلق حاڪمن جي ڀيٽ ۾ سما، خاندان جي باني ڄام اُنڙ جي باري ۾ پوري ڄاڻ هئي“. سيد حسام الدين راشديءَ، امير خسرو دهلويءَ (651- 725ھہ/ 1253- 1324ع) جي ديوان ’تحفة الصغر‘ (671 ھہ) مان هڪ شعر هٿ ڪيو هو، جنهن ۾ ٺٽي جو ذڪر ملي ٿو: ســروِ چـُو تـو اُچـه و دَر تـتـه نَباشَد گـُل مِثلِ رُخِ خـُوب تو، الـبته نَباشَد]تو جهڙو قد و قامت ۾ نہ ڪو اُچ ۾ آهي ۽ نہ ئي وري ڪو ٺٽي ۾، گلن مثل تنهنجن ڳاڙهن ڳٽن جهڙو تنهنجو خوبصورت چهرو بہ اُتي نظر نہ آيو“[. امير خسروءَ جي مذڪوره شعر مان اهو ثابت ٿو ٿئي تہ تيرهين صدي عيسويءَ ۾ هو ٺٽي بہ آيو هو، ۽ اُن زماني ۾ ٺٽي جو شهر، پنھنجي شان شوڪت جي ڪري ڪافي شھرت حاصل ڪري چڪو هو. ٺٽي شھر جا سڀ کان آڳاٽا اُهڃاڻ ۽ نشان جنرل هيگ (Haig) جي ڪتاب ۾ بہ ملن ٿا. هُو، ڪننگهام جي حوالي سان ٺٽي کي ’ميناننگر‘ ٿو سڏي. هن جي لکت مان ظاهر آهي تہ: ’سڪندراعظم (328 ق. م) پٽيالا جي فتح کان پوءِ، ميناننگر جي حاڪم کي شڪست ڏئي، ڪجهہ لشڪر خشڪيءَ رستي روانو ڪيو هو“. جنرل هيگ جي اِن بيان مان اهو ثابت ٿو ٿئي تہ ٺٽي جو شھر سڪندراعظم جي حملي وقت بہ موجود هو. ٺٽي شھر جي بنياد پوڻ جي باري ۾ جنرل هيگ جي راءِ ۾ يڪسانيت ڪانهي. هڪ طرف هُو ٺٽي کي ميناننگر ٿو ڪوٺي، جيڪو سڪندراعظم جي حملي وقت بہ موجود هو، تہ ٻئي طرف لکي ٿو تہ ٺٽي جو بنياد 1340ع ۾ پيو. راشدي صاحب جي راءِ موجب، امير خسرو دهلويءَ سندس مذڪوره ديوان 16 يا 19 ورهين جي عمر تائين چيل غزلن کي مرتب ڪري تيار ڪيو هو. اُن ديوان ۾ هڪ غزل اُهو بہ آهي، جنهن جي مطلع ۾ امير خسروءَ ’تته‘ جو قافيو ڪم آندو هو. هن غزل جي حوالي سان راشدي صاحب جي اها دعويٰ آهي تہ ”ٺٽو، سال 667 ھہ/1268ع- 671 ھہ/1272ع ۾ نہ فقط آباد ۽ معروف هو، بلڪہ ايترو بارونق ۽ متمدن شھر هو، جو شاعر اُتان جي خوبصورت گلن ۽ سروقد سهڻن جي تشبيھہ، پنھنجي محبوب جي تعريف ۾ ڪتب آندي آهي“. بهرحال ٺٽي جو اهو سمورو احوال، سومرن جي دور ۾ هن شھر جي وجود ۾ هجڻ ۽ جاھہ و جلال لاءِ وڏو ثبوت آهي. سومرن جي زوال وقت سنڌ ۾ ڄامن سمن جي حڪمراني شروع ٿي. ڄام فيروزالدين انڙ 1350ع ۾ حڪمران بنيو. ٻن سالن جي حڪومت بعد انڙ جي وفات تي علاؤالدين ڄام جوڻو ۽ سندس ڀائيٽو صدرالدين شاھہ ڄام بابينو ثاني 1353ع ۾ سنڌ جا حڪمران بنيا. ان دور ۾ محمد شاھہ تغلق پنھنجي باغي غلام ’طغي‘ جي ڳولا ۾ سنڌ طرف ڪاھہ ڪئي. محمد شاھہ سونڍا وٽ فوت ٿي ويو. ان ريت تغلقن جو حملو ختم ٿيو. فيروز تغلق مرحوم بادشاھہ جو لاش کڻائي سيوهڻ پهتو. جتي لاش کي امانت طور دفن ڪري، نئون بادشاھہ فيروز تغلق دهلي روانو ٿيو. 1365ع ۾ فيروز ٺٽي تي حملي آور ٿيو. پر کيس سوڀ حاصل نہ ٿي. فيروز ٽن سالن بعد 1368ع ۾ وري سنڌ تي ڪاهي آيو. سيدن ۽ عالمن وچ ۾ پئي سمن ۽ تغلقن ۾ ٺاھہ ڪرايو. ڄام بابينو ۽ ڄام تماچي کي دهلي ۾ نظربند رکيو ويو. ان سان گڏ ڄام توڳاچيءَ جي حڪومت بہ پوري ٿي. علاؤالدين ڄام جوڻو اڪيلي سر (ٻيو ڀيرو) سنڌ جو حڪمران بنيو. هن ارڙهن سال بادشاهي ڪئي. 1388ع ۾ فيروز تغلق فوت ٿيو. ان بعد دهلي سلطنت ختم ٿيڻ شروع ٿي. دهليءَ ۾ نظربند ڄام تماچي ٺٽي پهچي، ٻيهر سنڌ جي حڪومت سنڀالي. سندس چاچي ڄام جوڻي جو دور پورو ٿيو. سنڌ جي درويشن ۽ شاعرن ڄام تماچيءَ جي آجيان ڪئي. شيخ حماد دعائيه بيت چيو: جـوڻـو مَتِ اُوڻــو، ڄـام تـماچــي آءُ، سٻاجهـي ٻاجهہ پئي، تو سين ٺٽو راءَ! ’نوري ۽ ڄام تماچيءَ، واري داستان جو سورمو بہ هي ئي حاڪم هو. سيد حسام الدين راشديءَ ’قصائد مطهر ڪڙھہ‘ جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو ’مطهر‘ نالي شاعر 765ھہ/ 1363ع ۾ لکيو هو. هن سلطان فيروز شاھہ جي مدح ۾ ٻہ قصيدا چيا هئا، جن ۾ ٺٽي جو بہ ذڪر موجود آهي. ان ريت معلوم ٿئي ٿو تہ ٺٽي جو شھر سمن جي حڪومت کان گهڻو اڳ، سومرن جي حڪومت جي زماني ۾ بہ مشھور شھر هو. انهيءَ سموري وضاحت مان هيءُ ٿو ثابت ٿئي تہ ٺٽو ڄام نظام الدين جي دور حڪومت کان ٻہ سو ورهيہ اڳ، نہ فقط موجود هو، بلڪہ جاھہ و جلال وارو شھر ۽ سنڌ جو تخت گاھہ بہ هو. ديبل جو نالو تاريخ جي صفحن تان 658 ھہ/ 1259ع کان پوءِ گم ٿي ويو، ۽ 671 ھہ/ 1272ع کان اڳ، ٺٽو اُن (ديبل) جو قائم مقام بڻيو هو. وچ ۾ فقط 9 يا 13 سالن جو وقفو رهيو. امير خسروءَ جي شعر مان اهو معلوم ٿو ٿئي تہ جنهن زماني ۾ اهو شعر لکيو ويو هو، اُن وقت دهليءَ ۾، ٺٽي شھر ۽ اُتي جي ماڻهن جي خوبصورتيءَ جي عام واکاڻ ۽ شھرت هئي، تنهنڪري اها ڳالھہ مڃڻي پوندي (1) ٺٽو ۽ ديبل هڪ ئي وقت موجود هئا. (2) ٺٽو 1253ع/ 651 ھہ ۾، امير خسرو جي ولادت کان بہ اڳ هڪ آباد شھر هو، (3) ٺٽو شھر اڳ ۾ موجود هو، پر اُن کي اهميت ديبل شھر جي زوال کان پوءِ ترت ملي. اهوئي سبب هو، جو ماڻهن جي ذهنن تان ديبل جو نالو اڃا لٿو ئي نہ هو، تہ ٺٽي جي شھرت شروع ٿي وئي، جنهنڪري ماڻهن جي زبان تي ”ديبل- ’ٺٽو“ گڏجي استعمال ٿيڻ لڳا. (4) ڄام نندي جي دور (1460ع- 1508ع) ۾ سنڌو درياءَ جي ڪلري شاخ، جنهن جي اوڀر طرف ٺٽي جو شھر آباد هو، سڪي وئي، تڏهن اهڙي حالت ڏسي، ڄام نندي موجودہ ٺٽي شھر جي اُتر- اوڀر طرف نئون شھر اڏايو هو. جيتوڻيڪ انهيءَ شھر جي آثارن جو هاڻي ڪوبه وجود ڪونهي. ڪجهہ عرصي کان پوءِ، درياھہ جي شاخ، ڄام نندي جي ٻڌايل شھر کان هٽي، پري وهڻ لڳي هئي. ان ڪري ڄام نندي جي اڏايل شھر جا ماڻهو ڏکڻ اوڀر طرف لڏي ويا. ارغونن ۽ ترخانن جي زماني (926 ھہ-1520ع/ 962 ھہ / 1555ع) ۾ بہ ٺٽي کي وڏي شھرت حاصل هئي. مغلن جي زماني ۾ ٺٽو وڏي اوج تي رسيل هو. شهنشاھہ اڪبر جي حڪومت واري زماني ۾، مرزا جاني بيگ (حڪومت 983 ھہ/1575ع- 1009ھہ/ 1600ع) سنڌ جو حاڪم هو. شهنشاھہ اڪبر، عبدالرحيم خان خانان کي سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ چاڙهي موڪليو ۽ هو 1000 ھہ/ 1592ع ۾ سنڌ تي ڪاهي آيو. ڪيترن ئي هنڌن تي لڙايون لڳيون. نيٺ ساڳئي ئي سال (1000ھہ/ 1592ع) مرزا جاني بيگ هارايو. جنگ جي وقت جاني بيگ سڄي سنڌ ۽ خاص ڪري ٺٽي جو شھر مغلن جي حوالي ڪرڻ نہ ٿي چاهيو، تنهنڪري اميرن کي لکي موڪليائين تہ ٺٽي جي شھر کي جلائي ڀسم ڪري ڇڏيو. مرزا جاني بيگ نيٺ پيش پيو. خان خانان کيس عزت ۽ احترام سان اڪبري درٻار ۾ پهچايو، جتي شهنشاھہ اڪبر مٿس مهرباني ڪري، سيوستان ۽ لاهري بندر کان سواءِ باقي سڄو ملڪ کيس موٽائي ڏنو، ۽ سندس پٽ مرزا غازي بيگ کي گورنر مقرر ڪيو، جيڪو ان وقت 16 سالن جي عمر جو هو. مرزا غازي بيگ، علم ادب، فنونِ لطيفہ ۽ تعميرات جي فن جو شوقين هو. ٺٽي ۽ مڪليءَ تي هن جا تعمير ڪرايل ڪيترا يادگار موجود آهن. مرزا غازي بيگ 1021ھہ/ 1612ع ۾ وفات ڪئي. کانئس پوءِ مغلن جا هڪ ٻئي پٺيان سٺ کان بہ وڌيڪ ٺٽي لاءِ نواب (گورنر) مقرر ٿيا. ميان نور محمد جي دور ۾ 1150 ھہ/ 1737ع ڌاري هي سلسلو ختم ٿيو. ان ريت سموري سنڌ ڪهلوڙن جي حاڪميت ۾ اچي وئي. ٺٽي جي ذڪر دوران سيد حسام الدين شاھہ راشديءَ، مڪلي نامہ ۾ عثمان نالي هڪ شاعر جي تصنيف ’مثنوي چتراوليءَ‘ مان ’دکني ٻوليءَ‘ ۾ هڪ شعر ڏنو آهي، جنهن ۾ شاعر جهانگيري دور جو بيان ٿو ڪري. هن شعر ۾، هن شاعر ٺٽي جي جيڪا تعريف ڪئي آهي، تنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ اُن زماني ۾ ’دکن ولايت‘ اندر به، ٺٽي ننگر جي وڏي شھرت هوندي هئي. اهو شعر هن ريت آهي: هيـري ســي ٺـٽـه نـگر سـوهـاوا پيــين هـرن ســو بـن گـنجــاوا (يعني ٺٽو ننگر هيري کان بہ وڌيڪ خوبصورت آهي، منجهس سارين جون سايون سايون پوکون، هرڻ، ڪشادا ۽ سھڻا ٻيلا موجود آهن.) ميان يارمحمد ڪلهوڙي، سنڌ جو تخت گاھہ ٺٽي مان تبديل ڪري، خدا آباد مقرر ڪيو، جنهنڪري ٺٽي جو جاھہ و جلال آهستي آهستي ختم ٿي ويو. سمن، ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ ٺٽي ۾، ۽ مڪليءَ تي ڪيترائي مقبرا ۽ مسجدون تعمير ٿيون. ساموئي ننگر ۾ شيخ حماد جو مقبرو، ۽ مڪليءَ تي ڄام نندي جو مقبرو، خان جو مقبرو'>دولھہ دريا خان جو مقبرو، مرزا عيسيٰ اول جو مقبرو ۽ ڪي ٻيا مقبرا موجود آهن. ٺٽي شھر ۾ ترخان دور ۾ دابگيرن (دبگرن) جي مسجد تعمير ٿي. تاريخ نويس اهو بہ لکن ٿا تہ ترخان دور ۾، دابگيرن (دبگرن) جي مسجد، ٺٽي شھر جي وچ ۾ هوندي هئي. مغلن جي دور ۾، هي شھر اُتر طرف وڌڻ لڳو. جامع مسجد شھر جي انهيءَ حصي جي مرڪز ۾ هوندي هئي. مکيہ شاهي بازار، هن حصي جي اولھہ طرف ۽ مغل باغ جي اوڀر طرف هوندي هئي. ٺٽي شھر جي اڏجڻ يعني هن شھر جي قائم ٿيڻ ۽ ويران ٿيڻ جو دارومدار سنڌو درياھہ جي وهڪري، ۽ اُن جي تبديل ٿيڻ تي رهيو آهي. جاگرافيدانن جو خيال آهي تہ مهراڻ درياھہ جي مکيہ شاخ جڏهن هيلاين وٽ پهچندي هئي، تڏهن اُها وري ٻن شاخن ۾ ورهائجي ويندي هئي، جن مان هڪ ’ڪلري شاخ‘ هئي، جنهن جي اولھہ ڪناري تي ’ساموئي‘ يعني سمن جي آبادي هئي. ڪلري شاخ، ساموئي ۽ مڪلي ٽڪريءَ جي ڀر وٺي، ڪلان ڪوٽ کان ڦرندي، گُجي ۽ گهاري وٽان لنگهي، ڀنڀور ڏانهن وَهي، گهاري کاريءَ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. ڀنڀور جي ويجهو، هيءَ شاخ ٻن نهرن ۾ ورهائجي ويندي هئي. هڪ نهر، ڀنڀور جو ڏاکڻيون طرف وٺي، سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. هن نھر کي ’سسئيءَ وارو درياھہ‘ بہ چوندا هئا. ٻي شاخ اولھہ طرف وٺي، ڪورنگيءَ وٽ ’جهوڙي کاريءَ‘ ۾ ڪرندي هئي. مهراڻ جي ٻي شاخ، جيڪا هيلاين وٽان ڌار ٿيندي هئي، تنهن کي ’بگهاڙ شاخ‘ چوندا هئا. هيءَ شاخ (بگهاڙ) ٺٽي جي اوڀر طرف کان ٿيندي، ’پير پٺي‘ جي درگاھہ واري ٽڪريءَ جي اوڀر وٽان ڦيرو کائيندي، موجودہ شھر ’غلام ﷲ‘ جو اُڀرنديون ڪنارو ڏيندي، ’وَر شھر‘ وٽان وڪڙ کائيندي، ميرپور ساڪري ڏانهن رخ رکندي هئي ۽ اُتان لاهري بندر وٽ، سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. هن شاخ مان ’حجامڙو‘، ’ستاھہ‘ ۽ ٻيون نهرون نڪرنديون هيون. ٺٽو سنڌو درياھہ جي هڪ شاخ جي ڪناري تي آباد هوندو هو. درياھہ جي انهيءَ وهڪري جي اوڀر طرف ’مهاڻن جي ٺٽ‘ نالي هڪ بستي آباد هوندي هئي. ممڪن آهي تہ اها ٺٽ، ’ننگر مهاڻي‘ واري هجي، جنهن جو حوالو ڀيرومل مهرچند ڏنو آهي. ڊاڪٽربلوچ صاحب جو خيال آهي تہ ”سما قبيلن انهيءَ ٺٽ کي آمد رفت، رسل و رسائل ۽ تمدن لاءِ مناسب بستي سمجهي، ’سمڪيءَ‘ مان لڏي، هن ( ٺٽ) کي اچي آباد ڪيو، جا پوءِ ’ننگر ٺٽو‘ سڏجڻ ۾ آئي.“ سمن جي حڪومت واري زماني ۾، ماموئي فقيرن جو چيل هي بيت بہ بستيءَ يعني ننگر ٺٽي جي باري ۾ اُهڃاڻ ٿو ڏئي، جنهن ۾ فقيرن اها اڳڪٿي ڪئي هئي تہ ننگر واري هيءَ بستي وري ڦٽندي، تنهنڪري هنن فقيرن ٻڌايو هو تہ ننگر شھر جي سدائين آباد هجڻ واري آسري تي، اوڏانهن لڏي وڃي نہ ويهجو. انهن فقيرن اهو مشورو پڻ ڏنو هو تہ پراڻ درياھہ جي بہ ٻيءَ ڀر وڃي، پنهنجا گهرڙا نہ اڏجو، ۽ اُتي بہ هميشہ لاءِ آباد ٿي نہ ويهجو. ماموئي فقيرن جو مذڪوره بيت هن طرح آهي: مـتــان ويـهجـا مــاڙهـوئا، نـنگر جـي آڌار، پــُراڻـان پـراڙ، نــوان مَ اَڏجــا نــجهــرا. پر جيئن تہ درياھہ جي شاخ جي وهڪري ۾ تبديلي اچڻ جي ڪري، هن شھر جي جاءِ وقوع ۽ نالي ۾ تبديلي ايندي رهي آهي، تنهنڪري هن وقت، هن شھر جي اُنهن پراڻن ماڳن ۽ آثارن جو ڪوبه پتو نہ ٿو پوي. اهو بہ ممڪن آهي تہ سما قبيلن ’ساموئي‘ يا ’سڪي‘ ڇڏي، هن بستيءَ کي نئين سر آباد ڪري هن جو نالو ’سما ننگر‘ رکيو هجي، ڇو تہ مشھور مؤرخ ولبر فورس پنھنجي مشھور ڪتاب ‘The History of Kathiawar’ ۾ لکي ٿو تہ ”ول راجپوت جي ’ويراول‘ ڪاٺِي قوم جي هڪ حسين ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي. اڳتي هلي سؤ راشٽر (ڪاٺياواڙ) جو اُتر- اولھہ وارو حصو، ڪڇ کان آيل جاڙيجن جي سرگرمين جو مرڪز بڻجي ويو. هنن انهيءَ ايراضيءَ ۾ پنهنجون پاڙون پختيون پئي ڪيون. پهرين جاڙيجا ۽ چوڙا سما جيسلمير جي ڀاٽين سان شامل ٿي ويا، ڇو تہ اهي ٻئي گهراڻا ٺٽي واري ’سماننگر‘ جي سردار، ’نرپٽ سمي‘، جي اولاد مان هئا. جڏهن چوڙا سما سؤراشٽر طرف نائين صديءَ جي پوئين حصي ۾ لڏي ويا، تڏهن سنڌ جي جاڙيجن سؤراشٽر طرف پنهنجا حملا شروع ڪيا“. ولبر فورس جي هن راءِ مان اهو بہ ثابت ٿو ٿئي تہ سماننگر (ٺٽو) نائين صدي عيسويءَ جي آخري حصي ۾ بہ آباد هو، جتان چوڙا سما لڏي ڪڇ طرف ويا. ٺٽو شھر سومرن، سمن، ارغونن، ترخانن ۽ مغل نوابن جي زماني تائين، يعني چار سئو کن سال، سنڌ جو تخت گاھہ رهيو. انهن حڪومتن جي زماني ۾ هي شھر علم ادب، فن ۽ ثقافت، صنعت ۽ هنر، تھذيب ۽ تمدن جو مرڪز رهيو. اهڙيءَ طرح اسلامي ادبيات، مذهبي تعليم، تبليغ ۽ اسلامي فن جي فروغ جي ڪري، ايران، افغانستان، شام، بغداد، بصري، سمرقند، بلخ، بخارا ۽ وچ ايشيا جي ٻين ملڪن ۽ شهرن تائين، هن شھر کي گهڻي شھرت حاصل هئي. انهن ملڪن ۽ شهرن جا عالم، فاضل، اولياءَ، اڪابر، فنڪار، صوفي بزرگ ۽ درويش، اُتان لڏي، هت اچي آباد ٿيا. اهوئي سبب آهي جو اسلامي دنيا ۾ هي شھر ’بغداد ثاني‘ سڏجڻ لڳو. هت بيشمار مڪتب، مدرسا، درويشن جون درگاهون، خانقاهون، آستانا ۽ اوتارا قائم ٿيا، جتي پري پري کان شاگرد، علم جي پياس پوري ڪرڻ لاءِ ايندا رهيا. هي شھر علم ۽ هنر، مڪتبن، مسجدن، خانقاهُن، محلن، ماڙين، باغن، باغيچن، گلن، ميون ۽ وڻج واپار جي ڪري دنيا ۾ مشھور ٿي ويو. سيد حسام الدين شاھہ راشديءَ، ”مڪلي نامہ“ ۾ هن شھر جو مڪمل نقشو ڏنو آهي، جنهن ۾ سما گهراڻي جي حڪومت واري زماني کان وٺي مغلن جي نوابن جي راڄ تائين، ۽ اُن کان پوءِ واري دور ۾، هن شھر ۾ قائم ٿيل پاڙن، محل ماڙين، حويلين، بازارن، باغن، باغيچن، چؤڪن ۽ چؤرنگين جا نشان ۽ نالا ڏنا آهن، مطلب تہ ٺٽو يارهين صديءَ کان وٺي، ارڙهين صديءَ جي وچ واري عرصي تائين، سنڌ جو اهم ترين شھر هو. سڄي اُتر هندستان ۾ ٻيو ڪوبه اهڙو شھر نہ هو. تاريخ طاهريءَ جو مصنف لکي ٿو تہ ”حقيقت ۾ ٺٽي جو بنياد ڪنهن اهڙي سڀاڳي گهڙيءَ ۾ پيو هو، جو هتي جي رهواسين، رنج ۽ تڪليف ڪڏهن بہ نہ ڏٺي آهي؛ جيڪي ڪجهہ وٽن آهي، اُن تي قناعت ڪندا آهن؛ جهڙو آرام ۽ خوشي هنن کي نصيب آهي، اهڙي ٻئي ڪنهن بہ هنڌ ورلي لڀندي“. سترهين صديءَ جي هڪ مقامي مؤرخ، فريد بکريءَ جو رايو آهي تہ ”ٺٽي کي ڌرتيءَ جي جنت سڏي سگهجي ٿو. هتي جي رهواسين ڪڏهن بہ ڏکن جي گهٽيءَ ۾ پير نہ پاتو آهي. هنن جي دلين تي خوشي ۽ راحت آهي، ۽ ٿورن لفظن ۾ ائين کڻي چئجي تہ ٺٽو ’عراق ثاني‘ آهي“. ٺٽي شھر جي شاهوڪاري ۽ تونگري، انهيءَ حقيقت مان ئي پڌري ٿي ٿئي تہ جڏهن پورچوگيزن جي ڪمانڊر، پيڊرو، مرزا عيسيٰ ترخان جي چوڻ تي، سندس مدد لاءِ، 1555ع ۾، ٺٽي تي ڪاهيو، ۽ پوءِ مرزا عيسيٰ کي شھر ۾ نہ ڏسي هن (پيڊرو) سخت ڪاوڙ ۾ اچي، ٺٽي جي شھر کي باھہ ڏياري ڇڏي. انهيءَ باھہ ۾ ويهن لکن سونين مهرن جي ملڪيت سڙي ناس ٿي وئي. ٺٽي جي ڦرلٽ مان پورچوگيزن کي ايترو تہ مال غنيمت حاصل ٿيو، جو ايشيا ۾ شايد ئي ڪٿان کين يا ٻين حملي آورن کي مليو هجي. اهڙيءَ طرح ’نڪولس وٿنگٽن‘ 14- 1613ع ۾، پورچوگيز سياح ’مانرڪ‘ 1641ع ۾، ڊچ سياح ’منوڪي‘ 1659ع ۾ ۽ انگريز سياح ’اليگزينڊر هئملٽن‘ 1699ع ۾ ٺٽي آيا هئا. انهن مان هرهڪ ٺٽي جي تعريف ڪئي آهي. انهن مان هئملٽن لکي ٿو تہ ”هي شھر ملڪ جي وڏي مارڪيٽ آهي. هيءُ هڪ تمام وڏو آسودو شھر آهي. اٽڪل ٽي ميل ڊگهو ۽ ڏيڍ ميل ويڪرو آهي. لاهري بندر کان هي شھر چاليھہ ميل پري آهي؛ منجهس اولھہ طرف هڪ وڏو قلعو ۽ پناھہ گاھہ آهي، جنهن ۾ پنج هزار ماڻهو ۽ گهوڙا رهي سگهن ٿا، جن جي رهڻ لاءِ جايون ۽ طبيلا آهن. انهيءَ قلعي ۾ نواب جي رهڻ لاءِ عاليشان محلات آهي. ٺٽو، سنڌونديءَ کان ٻہ ميل پري آهي. درياھہ مان نهرون ڪڍي، شھر ۾ پاڻي پھچايو ويندو آهي. شھر جي چوڌاري، بادشاھہ جا تمام عمدي طرز جا ۽ وڻندڙ باغ آهن، جن ۾ هر قسم جا گل ڦل ۽ ميوا ٿيندا آهن. انهن باغن ۾ ڏاڙهون تہ خاص قسم جا ٿيندا آهن. اهي اهڙا تہ لذيذ ٿيندا آهن، جن جھڙا مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن چکيا بہ نہ آهن. هي شھر دينيات، فلسفي ۽ سياسيات جي علمن کان گهڻو مشھور آهي. هت چار سئو مدرسا آهن، جن ۾ مٿي ڄاڻايل مضمونن کان سواءِ، ٻيا مضمون بہ پڙهايا ويندا آهن. انهن کان سواءِ هتي هندن جا گروڪل بہ آهن، جيڪي يونيورسٽين جهڙو درجو رکن ٿا. ٽي سال اڳ يعني 1696ع ۾ هن ملڪ ۾ پليگ جي وبا اهڙي تہ اچي پئي، جو اُن ۾ صرف ٺٽي شھر ۾ اَسي هزار ماڻهو موت جو شڪار ٿيا ۽ اڌ کان وڌيڪ شھر خالي ٿي ويو. هن شھر جي اوڀر طرف، پورچوگيزن جي هڪ ديول ٺهيل هئي، جنهن جي ٻاهرين ڪوٺيءَ ۾ مقدس درويشن ۽ بزرگن جون پراڻيون تصويرون ٽنگيل هيون“. سترهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ ٺٽي جو ستارو بدلجڻ لڳو ۽ اُن جو زوال شروع ٿيو، ڇاڪاڻ تہ ميان يار محمد ڪلهوڙي (حڪومت 1700 کان 1718ع)، پنھنجي آزاد حڪومت قائم ڪندي ئي، پنهنجو تخت گاھہ، خداآباد کي بنايو. پوءِ هي شھر آهستي آهستي ڦِٽندو ويو، ۽ ماڻهو هتان لڏي، تخت گاھہ طرف وڃڻ لڳا. ايتري قدر جو 1809ع ۾ (ميرن جي دور ۾) جڏهن ’هينري پاٽنجر‘ هت آيو، تڏهن هُن، هِن شھر کي کنڊرن جي صورت ۾ ڏٺو. هُو لکي ٿو تہ ”اسان تباھہ ۽ ويران ٿيل کنڊرن مان تمام گهڻو مفاصلو پنڌ هلياسين، ۽ تنهن کان پوءِ شھر جي آباديءَ واري علائقي ۾ پهتاسين“. ”نادر شاھہ جي حملي (1152ھہ/ 1739ع) وقت ٺٽي ۾ چاليھہ هزار ڪوري هئا، ۽ ويھہ هزار ٻيا ڪاريگر هئا. اُن کان سواءِ صراف، اناج جا واپاري ۽ ٻين جدا جدا جنسن جا سٺ هزار تاجر هئا“. اهڙيءَ طرح مسٽر سمٿ، ڪراچي ضلعي جي گزيٽيئر ۾ لکي ٿو تہ ”ٺٽي جو ريشمي ۽ سوٽي ڪپڙو يورپ جي ملڪن ۾ مشھور هو. قلمي شورو وڏي مقدار ۾ ملندو هو. انهيءَ ڪري ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ قلمي شوري صاف ڪرڻ جا هت ڪارخانا لڳايا“. جنهن زماني ۾ اورنگزيب عالمگير ملتان جو گورنر هو، اُن زماني ۾ سنڌ جو ملڪ بہ سندس نظامت هيٺ هو. اُن زماني ۾، هُن پنھنجي والد، شهنشاھہ شاهجهان، کي سنڌ جي باري ۾ ڪيترائي خط لکيا هئا. انهن خطن مان معلوم ٿو ٿئي تہ اورنگزيب وقت بوقت ٺٽي جا تحفا شهنشاھہ شاھجھان جي خدمت ۾ موڪليندو رهندو هو. اُنهن تحفن ۾ ٺٽي جون لونگيون، ڇيٽون، ٺٽي جي ٻين ميون سان گڏ بيداڻا ڏاڙهون ۽ ڪپڙو، خاص طور شهنشاھہ شاھجھان کي موڪليندو هو. بهرحال موجودہ وقت ٺٽي جي پراڻي جاھہ و جلال، بادشاهن جي محلن ۽ ماڙين، نوابن جي قلعن ۽ ڪوٽن جو ڪوبه نشان هت موجود ڪونهي. البت مختلف خاندانن جي پراڻن پاڙن، محلن، بازارين، حويلين، مسجدن جا نالا يا انهن مان ڪي مسجدون ۽ حويليون موجود آهن. اهڙيءَ طرح مڪليءَ تي سمن، ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ تعمير ٿيل مقبرن ۽ مسجدن کان سواءِ، ٺٽي شھر ۾ ڪي جايون، پاڙا ۽ بازاريون اڄ بہ شھر جي عظمت جي شاهدي ڏين ٿيون. اُنهن ۾ خاص هي آهن: مير احمد بيگ محلو، مُلا محمد علي محلو، خواجہ شڪر محلو، ساگر محلو، سُرهين جو محلو، محلو ڪِشمِشيان، محلو سنگتراش، محلو نقارچين، مغل واڙو، محلو غله بازار، محلو مسڪر، سھتيه محلو، تندسر محلو، محلو ٺٺ مولو، محلو قاضيان، محلو رضوي سادات، محلو ميرڪي سادات، اميرخاني محلو، شڪرالاهي سادات محلو، محلو انجوي سادات، جمنا سرزمين، اسلام پوره محلو ۽ پلنگ پاڙو. انهن محلن ۽ پاڙن کان سواءِ هت ڪيتريون ئي مسجدون ۽ مندر بہ آهن، جيڪي پنهنجن سينن ۾ اڄ بہ مختلف دورن جا داستان سانڍيندا اچن. اُنهن ۾ مسجد ولي نعمت، جامع فرخ، اميرخاني مسجد، محلو تند سر مسجد، دابگير (دبگر) مسجد، مُلا ملوڪ شاھہ واري مسجد، مسجد لکي، مسجد اسلام پوره، مسجد ابوالقاسم نقشبندي ۽ مخدوم محمد معين مسجد. اهڙيءَ طرح هيٺيون حويليون اڄ بہ مشھور آهن: خسرو خان حويلي، عرب ڪوڪي حويلي، خشتي حويلي، قاضي ابراهيم حويلي، مرزا فتح علي بيگ جو محلات ۽ مرزا عظيم الدين جو بنگلو. هيٺيان چؤڪ ۽ بازاريون اڄ بہ جهونن ماڻهن کي ياد آهن: چؤڪ عبدالغني، چؤڪ ملڪ مانِ، جملي پير جو ميدان، غله بازار، مرزائي بازار، گودڙي بازار، گدا بازار، پٽيهٽ بازار، اميربيگ بازار، بازار قصاب، گلن جي بازار ۽ مڇي بازار. انهن کان سواءِ ٺٽي جا هيٺيان باغ اڄ بہ مشھور آهن؛ مير ابو تراب باغ، مير سيد علي (ثاني) شيرازي باغ، خورشيد باغ ۽ مُشڪين باغ. هن شھر تي وڏي تحقيق جي ضرورت آهي جنهن ۾ هن شھر جي تاريخ، تھذيب ۽ تمدن، وڻج واپار؛ هتي جي ماڻهن، سندن سماجي زندگي، ريتن رسمن ۽ سندن نسبي ۽ نسلي تاريخ تي تحقيق کان سواءِ هتي هڪ ميوزيم هئڻ گهرجي، جنهن ۾ اُهي سڀ شيون گڏ ڪري رکجن، جيڪي هن شھر جي مطالعي جي سلسلي ۾ مددگار بڻجن. ٺٽي شھر جا آڳاٽا آثار: ٺٽو شهر، جيڪو هن وقت ضلعي صدر مقام آهي، سو ڪڏهن ۽ ڪيئن وجود ۾ آيو، سا حقيقت راز ۽ اسرار جي پردن ۾ ڍڪيل رهي آهي. سنڌ جي روايتي داستانن موجب ٺٽي شھر جو بنياد بہ اوترو ئي قديم آهي، جيترو قديم شھر ملتان جو. اهڙن داستانن جي هڪ راويت مطابق چئن زائفائن مان (جن چئني مان هرهڪ اها دعويٰ ٿي ڪئي تہ هُوءَ سڀني ۾ وڏي آهي) هڪ چيو تہ: جــڏ ٺـٽـي ٿــي ٺـاهـه ڪـيـو، اڏيــو ٿـي مـلـتـاڻ تـڏ سـئو سـهيلين سـاڻ، مـون مٽي کنئي مٿي تي. ٺٽي جي بڻ بنياد بابت امير خسرو جي شعر چوڻ واري سٽ تي بہ تحقيق جي ضرورت آهي. هڪ ڳالھہ يقيني آهي تہ ٺٽي جي ابتدائي آباديءَ وارو دور اهوئي ساڳيو آهي، جڏهن سنڌونديءَ جي وچ وارو وهڪرو تبديل ٿيو، ۽ جڏهن سومرا خاندان جي حڪمراني زوال پذير هئي، ان جو اصل سبب اهو هو تہ سنڌوندي پنھنجي ”پراڻ سرشتي“ وارو وچيون وهڪرو تبديل ڪري، اولھہ طرف رخ ورتو هو، جنهن کي ٺٽي وارو سلسلو“ چئي سگهجي ٿو. زوال پذير سومرن جي خوشحاليءَ جو دارومدار ئي انهيءَ پراڻ سلسلي تي هو، جنهن ۾ پوءِ پاڻيءَ جي آوت گهٽ ٿيندي وئي، نتيجي ۾ هن طرف جا فصل متاثر ٿيڻ لڳا ۽ علائقي جي اقتصادي حالت ڪمزور ٿيڻ لڳي. ٺٽو ان وقت تائين هڪ ننڍي يا وڏي ننگر جي حيثيت حاصل ڪري ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ بنجي چڪو هو. هي دور تيرهين صديءَ جي آخر کان چوڏهين صديءَ جي وچ تائين جو دور هو. ان ۾ بہ شڪ نہ رهيو آهي تہ ٺٽو سنڌونديءَ جي پيدا ڪيل بستي هئي، ۽ هن سنڌوءَ جي ڪُک مان ان وقت جنم ورتو، جڏهن ندي پنهنجو وچيون پراڻ سلسلي وارو وهڪرو مَٽي گهڻو اولھہ طرف ٺٽي وارو رخ اختيار ڪيو. خود لفظ ”ٺٽہ“ جي معنيٰ مان انهيءَ حقيقت جي ڪافي حد تائين تصديق ٿئي ٿي.”ٺَٽِي“، ”ٺٽ“ ۽ ”ٺٽو“، ٽيئي لفظ هڪڙي ئي صفتي معنيٰ رکندڙ آهن، جنهنجو مطلب آهي سنڌونديءَ جي ڪناري واري عارضي بستي. جنهن ۾ فقط ماڇي مهاڻا مڇيءَ جو شڪار گڏ ڪري رکڻ ۽ نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪتب آڻيندا هجن، اُن آباديءَ کي ’مياڻي‘ يا ’مياڻ‘ سڏبو آهي، پر جي اها آبادي جهجهي آهي ۽ ان ۾ مهاڻن کان سواءِ هاري ناري چوپائي مال جي ڌڻن سان ٿانئيڪا آهن تہ پوءِ ٿوري مال واري وسنديءَ کي ٺٽي (ٺٽي معنيٰ ڌڻ)، ان کان وڌيڪ ڌڻ ڌنارن واري وسنديءَ کي ”ٺٽ“ ۽ اڃا بہ وڌيڪ گهڻي ڌڻ ڌنارن جي وسنديءَ کي ٺٽو چئبو. اهڙا نالا فقط اهڙين وسندين تي رکيل ٿين ٿا، جيڪي لازمي طرح تي مکيہ درياھہ جي ڪپ يا ڪنهن دائمي وسندڙ شاخ تي آباد ٿيل هجن. سنڌونديءَ ۽ ان جي ڦاٽن تي ڪيتريون ئي ٺٽيون ۽ ٺٽ موجود هئا؛ مثلاً ٺٽ ڳوراهو ۽ ٺٽ هوتچند وغيره، پر تاريخ ۾ انهن مان فقط وڏي ۾ وڏي وسندي يعني ”ٺٽي“ جو ذڪر موجود ۽ مشھور آهي. ٺٽي جي موجودہ محل وقوع يا بيهڪ توڙي ان جو چوڦير پراڻي سنڌوندي ۽ ان جي شاخن جي پاتالن جي ان سان سڌي سنئين سنٻنڌ جي صورتحال مان اها تصديق ٿئي ٿي تہ ٺٽو سنڌونديءَ جي شاخن جي وچ ۾ واقع هو؛ ان جي معنيٰ تہ هيءَ وستي آبڪلاڻيءَ جي موسم (مئي، جون کان آگسٽ ۽ سيپٽمبر) دوران پوريءَ طرح محفوظ رهندي هئي. ان حقيقت جي تصديق فيروز شاھہ تغلق جي ٺٽي خلاف مهمن (1350- 1368ع) ۽ ان بعد شاھہ بيگ ارغون جي هٿان ٺٽي جي فتح (1520ع) بابت تاريخ ۾ ڏنل حوالن مان بہ ٿئي ٿي. مکيہ درياھہ، نواب شاھہ (موجودہ بينظير آباد) ۽ سڪرنڊ تعلقن جي ايراضين ۾ ڪنهن هنڌ تي پراڻ ڏانهن رخ رکندڙ پنهنجو اوڀر- ڏکڻ وارو وهڪرو مَٽي، اولھہ- ڏکڻ طرف موڙ کاڌو. درياھہ جي انهيءَ نئين وهڪري، شهدادپور، نصرپور ۽ ٽنڊي محمد خان جو رخ ورتو ۽ اڳتي وري ڏکڻ- اولھہ طرف موڙ کائي ٺٽي ڏانهن رخ رکيو. درياھہ اتر ۾ چليا ۽ ڏکڻ ۾ خان سومرا ڳوٺ واري ايراضيءَ مان ڪنهن هنڌان پنھنجي مکيہ وهڪري ۾ ڦيرو کائي وڃي ڏاکڻيون پاسو ورتو ۽ اهڙيءَ ريت ٺٽي واري ايراضيءَ جي اُڀرندي لڳ ويجهو ٿي وهڻ لڳو. ڏکڻ طرف موڙ واري ور وٽان نديءَ جي هڪ معاون شاخ ان کان ڪٽجي جدا ٿي وئي، جا بعد ۾ انهيءَ پراڻي ڪلريءَ جي خشڪ ڍوري ۾ داخل ٿي وئي، جيڪو اسلامي دور کان گهڻو اڳ هڪ مکيہ درياھہ هو، بعد ۾ اها شاخ اڳتي ٻن شاخن ۾ ڦٽي نڪتي. جن مان هڪڙي شاخ اتر ۽ مڪليءَ جي ٽڪرين وچان وهندي اڳتي ڏکڻ - اولھہ طرف گهاري جي رخ تي وهڻ لڳي، جڏهن تہ ٻي شاخ مڪليءَ واري ٽڪري جي اُڀرندينءَ ڪڇ مان ڦيرا کائي پوءِ ڏکڻ طرف وهڻ لڳي. سنڌونديءَ جي وهڪري ۾ انهيءَ تبديليءَ جي نتيجي ۾ سمن جا اهي راڄ، جيڪي مڪلي واري ايراضيءَ ۾ آباد هئا، سي ججهي ۽ دائمي وهندڙ پاڻيءَ مان سکيا ٿيا. سمن جي پهرين اهم وسندي، جيڪا سندن راڄ يعني ساموئيءَ جي نالي سان مشھور ٿي، ۽ جيڪا سندن جاگيرداري اقتدار جو ابتدائي مرڪز پڻ ٿي، سا مڪلي ٽڪريءَ جي بلڪل اُترئين ڇيڙي وٽان وهندڙ ۽ گهاري طرف ويندڙ شاخ جي کاٻي ڪپر (ڏکڻ طرف) تي آباد هئي. ان بعد سندن زرخيز زمينون مڪليءَ جي ٽڪرين جي اولھہ طرف وڌنديون ۽ پکڙنديون ويون. تڏهن کان ئي اهو علائقو ’سمڪي‘ (يعني سمن جو علائقو) سڏجڻ لڳو. روينيو سرشتي جو اهو سرڪل، جنهن ۾ اها ايراضي شامل آهي، سو اڄ تائين انهيءَ ئي ’سمڪي سرڪل‘ جي نالي سان سڏجي ٿو. سمن جي ٻي بستي مڪلي سلسلي جي اُڀرندينءَ ڪڇ مان وهندڙ شاخ جي اُڀرندي (کاٻي) ڪپر تي وڌڻ ويجهڻ لڳي. هڪ طرف انهيءَ وسنديءَ جون زمينون وڏين زرخيز ڊيلٽائي ايراضين واريون هيون، جيڪي اُن جي اوڀر ۽ ڏکڻ_ اوڀر طرف پکڙيل هيون، تہ ٻئي طرف انهيءَ شاخ جو اولهائون ڪنارو مڪليءَ جي ٽڪريءَ سببان پاڻيءَ جي کاڌ کان محفوظ ۽ مستحڪم هو، جنهنڪري ان جا گهاٽ ڏاڍي سهوليت ۽ سهنج وارا هئا. اها آبادي، جا هونئن بنيادي طور محض هڪ مڇي مياڻ رهي ها، سا نيٺ هڪ ٺٽي بنجي وئي ۽ پوءِ وڌي تهان وڏو ٺٽ بنجي وئي. سمن حاڪمن جڏهن اهو محسوس ڪيو تہ اها صورتحال آمد رفت ۽ نقل حمل لاءِ وڌيڪ سڻائي ۽ فائديمند آهي تہ هنن ساموئيءَ مان پنهنجا ديرا کڻي اچي انهيءَ ”ٺٽ“ ۾ قائم ڪيا، نتيجي طور اهو ٺٽ سرڪاري ننگر (راڄڌاني) بنجي ويو. اهوئي ننگر بعد ۾ جلد پنھنجي ايراضيءَ ۽ پکيڙ ۾ وڌندو نيٺ وڃي وڏو ٺٽو ٿيو ۽ پُر اثر نالي سان مشھور ٿي ويو. محقق انهيءَ خيال جا آهن تہ شھر جا جيڪي ڀاڱا ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مٿانهان آهن، سي ئي ان جا قديم حصا آهن. هيٺينءَ وچور موجب، ڄاڻايل ڀاڱا شھر جا اوائلي مٿانهان حصا سمجهيا وڃن ٿا: (1) ڪاراڻي محلو: سڄوي ڪاراڻي محلو، جيڪو شاهي بازار جي ’ڀڳڙا بازار‘ واري ڀاڱي کان اولھہ طرف واقع آهي ۽ پڻ ان جي اوڀر طرف هليو وڃي ٿو، جنهن ۾ ”اِڊر پاڙو“ بہ اچي وڃي ٿو. (2) شاهي بازار جي ”ڦول بازار“ واري ڀاڱي جي اولھہ طرف پکڙيل ايراضي. (3) گلڻ شاھہ شيرازيءَ جي مسجد جي چوگرد ايراضي، توڙي ان جي اوڀر طرف پکڙيل ايراضي. شاھجھان واري جامع مسجد جي بنياد پوڻ کان اڳ اها مسجد، جامع مسجد طور استعمال ٿيندي هئي. ”مسجد ولي نعمت“ ۾ هڪ مدرسو بہ هو، جنهن ۾ مشھور صوفي بزرگ شاھہ مراد (93- 831ھہ/ 87- 1427ع) تعليم ورتي هئي. انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو تہ سمن جي حڪمرانيءَ جي پوئين دور ۾ ان اولهائين ڀاڱي جي اتر وارو پاسو مکيہ شھري علائقو هو. سمن جي حڪمرانيءَ ۾ اوائلي دور وارو قديم ٺٽو ڪٿي واقع هو؟ انهيءَ ڏس ۾ هتي ٻہ اهڙا اهم پاڙا آهن، جيڪي شھر جي بنيادي قدامت ڏيکارين ٿا. جن مان هڪڙو آهي اسلام پوره وارو پاڙو، ۽ ٻيو آهي ”ٺٽ پاڙو يا ٺٺ پاڙو“، جيڪو تاريخي لحاظ سان هڪ اهم پاڙو آهي. اهو پاڙو اسلام پوره پاڙي جي ڏکڻ ۾ آهي. هن وقت انهيءَ ٺٽ پاڙي ۾ جايون جڳهيون ڪي گهڻي تعداد ۾ باقي نہ رهيون آهن، ڪنهن وقت اهو محلو ايراضيءَ ۾ چڱو وڏو هو. شھر جي هن حصي جي سڀ کان اهم ڳالھہ اها آهي جو ان جو اهو قديم نالو يعني ”ٺٽ يا ٺٺ“ اڄ تائين باقي رهيو آهي. 20- 1915ع تائين اتي ميمڻ قبيلي جا ڪيترائي گهر موجود هئا، جن جي فردن کي عام طور تي سندن ٺٽ محلي جي نالي پٺيان ”ٺٽيار“ سڏيو ويندو هو. جن مان مشھور شخص حاجي عبدالله ٺٽيار ۽ ورايو ٺٽيار، 1918ع کان اڳ گذاري ويا هئا، ٺٽي شھر توڙي آسپاس ۾ جتن جو ڪافي تعداد صدين کان آباد آهي، جن کي ”نانگرائُو جت“ سڏيو وڃي ٿو. محمد رمضان ميرجت چڱي ڄاڻ سڃاڻ وارو ماڻهو هو. هن ئي ڏاکڻي ڀاڱي ۾ هڪ ٻي ٺٽِي (اوائلي آبادي) هئي، جنهن کي 866 کان 893 هجري (1462 کان 1488ع) دوران، درويش شاھہ مراد جي سفارش سان ڄام نندي جي وزير ”لکدير“ ۽ سندس پٽ ”مُولي“ وسايو هو، جنهنڪري ان کي ”مولو ٺَٽي“ جي نالي سان سڏيو ويو. هيءَ ”مُولو ٺٽي“ ان وقت تائين موجود هئي، جنهن وقت مير علي شير قانع تاريخ لکي رهيو هو. ٺٺ يا ٺٽ محلو جيڪو ڏکڻ ۾ آهي ۽ اسلام پوره محلو جيڪو اتر ۾ آهي، سي ٻئي محلا انهيءَ ڍنڍ مثل کڏ جي اوڀرين ڪپ تي واقع آهن، جنهن کي. ”تند سر“ سڏيو وڃي ٿو، جنهن جو پيٽو پڻ درياھہ جي پيٽ سان وڃي ٿو ملي. ”تندسر“ جي لغوي معنيٰ آهي پاڻيءَ جي هڪ ڀرپور وڏي ڇَرَ. انهيءَ جي پکيڙ ٺٺ- اسلام پوره واري اوڀرين ڪپر کان وٺي اولھہ طرف مڪلي ٽڪريءَ جي لاهي تائين آهي. پاڻيءَ جي اها ڍنڍ، جيڪا اڳئين درياھہ يا ان جي ڪنهن شاخ جي پيٽ سان لاڳو هئي، سا اڀرندي ڪناري تي ٻيڙين لاءِ هڪ مثالي لنگر گاھہ جو ڪم ڏيندڙ هئي. پاڻيءَ جو جهجهو مقدار هتي سڄوئي سال، يعني آبڪلاڻيءَ توڙي سياري ٻنهي موسمن ۾ موجود هوندو هو. ان جي اوڀرين ڪپر تي موجود ٻن جليل القدر بزرگن، لال ڇٽي ۽ ابراهيم شاھہ جا مقبرا اها شاهدي ڏين ٿا تہ هيءُ هنڌ هميشہ هڪ مرڪز رهيو آهي. ان جي آمهون سامهون درياھہ جي اولاهين طرف مڪليءَ جي ٽڪريءَ جي ڪناري سان دريا خان جو ”ڪوٽ“ هو، جيڪو ڄام نظام الدين جو وزيراعظم ۽ سپھہ سالار هو. انهيءَ ڪري ئي وزيراعظم دريا خان شھر جي هن قديم ڏکڻ- اوڀر وارين ايراضين جي آبپاشيءَ جي مسئلي تي گهڻو ڌيان ڏنو ۽ مشھور ”علي جان واھہ“ (عرف خانواھہ ڪئنال، جنهن کي هاڻي ”علي جاه“ سڏيو وڃي ٿو) کوٽايو. اهو واھہ ڪلريءَ مان پاڻي کڻي، ”وڏي ﷲ کاهي“ (چئنل) وٽان ۽ پوءِ ”ننڍي ﷲ کاهي“ (چئنل) وٽان وهندو هو. معلوم ٿو ٿئي تہ انهيءَ علي جاھہ واھہ جو ٿورو پاڻي پوڇڙيءَ جي ٻن کاهين مان (جن کي هاڻي ”گهاڙ مساڻ“ ۽ ”گهاڙ مڇي“ سڏجي ٿو) وهندو وڃي تندسر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. آبپاشيءَ جي انهيءَ آڳاٽي سرشتي، بعد جي دورن ۾ ٻين واهن لاءِ راھہ هموار ڪري ڇڏي، جن ٺٽي جي اوڀر واري ايراضيءَ کي خوبصورت باغن واري سرزمين بنائي ڇڏيو. ڀيرومل مهرچند 1920ع ۾ هن شھر بابت لکي ٿو تہ ٺٽي شھر ۾ ڪيتريون جايون ماڙين سان آهن، مڪليءَ جي ٽڪري نزديڪ هوندي بہ ڪا پٿر جي جاءِ ڪانهي. شھر ۾ هندڪا پاڙا جڳيسيا، ٽوٽائي سيٺين جو پاڙو ۽ پلنگ پاڙو وغيرہ آهن. ٻيو هڪ ”ٺٽ“ پاڙو آهي، جيڪو اصل هڪ ننڍو ڳوٺ هو، جو پوءِ شھر سان گڏجي ويو آهي. انهيءَ ٺٽ تان ٺٽي ننگر تي نالو پيو آهي. بازار جي ڀاڱن تي جدا جدا نالا رکيل آهن: مثلاً ڀڳڙا بازار، کجور بازار، صراف بازار، ڦول بازار وغيرہ. بازار جي هڪ ڀاڱي جو نالو ”گيارس بازار“ آهي، اهو نالو گيارس جي ڏينهن کائڻ جي سامان وڪڻڻ ڪري پيو. آڳاٽي وقت ۾ ٺٽي جا حاڪم جڏهن شھر کي چڪر ڏيڻ لاءِ نڪرندا هئا، تڏهن گدا (فقير) کان بخشش گهرڻ لاءِ اِتي اچي ڪٺا ٿيندا هئا، تنهنڪري اِهو نالو پيو. ٺٽي ۾ مندرن، مسجدن ۽ قبن جو ڪاٿو ئي ڪونهي. جنگشاهيءَ وارو رستو وٺي اچبو تہ مڪليءَ جي ٽڪريءَ وٽ شنگهہ ڀوانيءَ وارو مندر؛ ميونسپل ناڪي کان گُجي وارو رستو وٺي هلبو تہ منشا ديويءَ جو مندر؛ جي اندر بازار ۾ وڃبو تہ چؤنڪ بازار ۾ مندر؛ جنهن جي ڀر ۾ ننڍي جامع مسجد آهي. شھر جي ٻاهران مساڻي طرف کڏيءَ جو مندر ۽ ستين جو آستان آهي. ٺٽي جي شھر ڪنهن زماني ۾ راحت بہ ماڻي، تہ عذاب بہ ڏٺا هئا. ٽي گهمرا تہ باھہ ۾ جليو. پهرين باھہ شاھہ بيگ ارغون 1521ع ۾ ڏياري، ٻيو گهمرو پورچوگيزن 1555ع ۾، ۽ ٽيون گهمرو 1591ع ۾. اڪبر بادشاھہ جو لشڪر جڏهن ٺٽي تي ڪاهي ٿي آيو، تڏهن مرزا جاني بيگ ڏٺو تہ هاڻ ٺٽو هٿان ويندو، تنهن پنھنجي شھر کي پاڻهي باھہ ڏياري! انهيءَ پوئين دفعي ٺٽي جو شھر اهڙو جليو، جو وري پوريءَ طرح پاڻ سنڀالي نہ سگهيو. ٺٽي جا سيد علم جا صاحب هئا. سنڌي شعر پهريائين ٺٽي ۾ ٺهيو. پارسي شعر جوڙڻ لاءِ بہ هتي عمدا شاعر هئا، جن جا ڪلهوڙن ۽ ميرن جي صاحبيءَ ۾ لوازما ٻڌل هئا، جي پوءِ انگريزن جي صاحبيءَ ۾ بند ٿيا، جنهنڪري پارسي علم کي ڌڪ پهتو. سنڌ جي هڪ تواريخ، مير علي شير قانع ٺٽويءَ جي ٺاهيل آهي ۽ ”تحفته الڪرام“ جي نالي سان مشھور آهي. ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ ٺٽو وڏو واپاري مرڪز هو. 1758ع ۾، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ پنهنجون ڪوٺيون ٺٽي ۽ اورنگا بندر ۾، ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي جي اجازت سان وڌيون، پر 1775ع ۾ سندس پٽ ميان سرفراز خان اُهي کڻائي ڇڏيون. ٺٽي ۾ عاليشان عمارتن جي بہ اڳي ڪمي ڪانہ هئي. مرزا غازي بيگ جي وقت ۾، ميان خسرو خان ٺٽي جو خودمختيار حاڪم هو، تنهن اڪيچار ناڻو خرچي، ٽي سئو سٺ مسجدون، کوھہ، پليون ۽ مسافرخانا وغيرہ جوڙايا هئا. سياسي حالات: سياسي تاريخن ۾ بہ ٺٽي جو نالو بار بار آيو آهي. ٺٽي ۽ ان جي آسپاس پهريون دفعو خليفي عبدالمالڪ امويءَ جي دور ۾ عرب وارد ٿيا. هي علائقو اول اموي خلافت ۽ پوءِ عباسي مبلغن جي تابع رهيو. ايستائين جو سال 1025ع ۾، خليفي قادرباالله عباسيءَ اُنهن کي ملتان ۽ اُچ مان ڌڪي ڪڍيو. 1026ع ڌاري محمود غزنويءَ جي وزير عبدالرزاق سنڌ تي حملو ڪري، ٺٽو ۽ سيوهڻ فتح ڪري عربن کي ڀڄائي ڇڏيو. ٺٽي جي تاريخ ۾ ان کان پوءِ جو دور نهايت خراب رهيو. حاڪم خود لٽ مار ۾ مصروف ٿي ويا. انهيءَ دور ۾ ئي سومرن بغاوت ڪري ٺٽي تي قبضو ڪيو. بعد ۾ 750 ھہ/ 1351ع ۾ سمن اقتدار تي قبضو ڪيو. اهي حڪمران ”ڄام“ چوائيندا هئا. ڄام نندي يعني ڄام نظام الدين پٽ ٻانڀڻي جو دور سمن حڪمرانن جو سونهري دؤر هو. ڄام نندو وڏو نيڪ ۽ علم دوست انسان هو. ڄام نندي چورن ۽ ڌاڙيلن کي ختم ڪرائي ڇڏيو. قاضي عبدالله (جنهن جي قبر مڪليءَ تي آهي)، ان جي نماز ڄام نندي پڙهائي هئي. ڄام نندي جي وفات کان پوءِ شاھہ بيگ ارغون، (جيڪو بکر جو حڪمران هو)، ٺٽي تي پهريون حملو سال 1508ع ۾، ۽ ٻيو حملو 1521ع ۾ ڪيو، جنهن سان ٺٽي ۾ سمن جي حڪومت ختم ٿي. مرزا شاھہ بيگ چاهيو ٿي تہ سنڌ کان سواءِ گجرات جي حڪومت بہ سندس هٿ اچي وڃي. مرزا عيسيٰ جي زماني (975ھہ/ 1567ع) ۾، پورچوگيزن جمعي جي ڏينهن ٺٽي تي حملو ڪيو. ماڻهو جمعي نماز ادا ڪري رهيا هئا. ”فرنگين شھر لُٽي، گهرن کي باھہ ڏيئي ڇڏي. مرزا عيسيٰ ان وقت بکر ۾ هئو؛ کيس خبر ملي تہ فوراً ٺٽي پهتو. هن شھر جي هڪڙي ديوار درياھہ سان گڏ کڻائي ۽ هڪ نھر کوٽائي شھر ۾ اندر آندي. هن هڪڙو نئون قلعو ”شاه بندر“ بہ تعمير ڪرايو. همايون جڏهن شيرشاھہ کان شڪست کائي ڀڳو، تڏهن لاهور کان ٿيندو بکر پهتو ۽ پوءِ اُتان نا اُميد ٿي ٺٽي ۾ آيو، پر مرزا شاھہ حسن ساڻس جنگ ڪئي، تنهنڪري همايون لاچار ٿي ايران ڏانهن هليو ويو. سال 1614ع ۾ ٺٽي کي مغلن الڳ صوبي جو درجو ڏنو. ٺٽي ۾ مغليه دور جي هڪ مسجد توجھہ لائق آهي. شاھجھاني جامع مسجد، جيڪا 1054ھہ/ 1644ع ۾ تعمير ٿي. هي مسجد مير ابوالبقا امير خاني تعمير ڪرائي. ٺٽو پرڳڻو ۽ راڄڌاني: هي پرڳڻو سترهين صديءَ ۾، ٺٽي سرڪار جي چئن پرڳڻين مان هڪ هو. هن پرڳڻي ۾ چار راڄڌانيون هيون: (1) ٺٽو، (2) چاچڪان، (3) نصرپور ۽ (4) چاڪر هالا. پهريون ٽيئي راڄڌانيون، درياھہ جي هِن ڀر ٺٽي جي پاسي اچي ٿي ويون ۽ چوٿين راڄڌانيءَ درياھہ جي ٻئي طرف هئي. ٺٽي جو شھر ۽ پرڳڻي جي ڪافي ايراضي درياھہ جي کاٻي ڪپ تي هوندي هُئي، جنهن مان سُڌ پوي ٿي تہ درياھہ جيڪو ٺٽي ۽ مڪلي ٽڪرين جي اتر پاسي وَهندو هو، سو گجي ۽ ٺٽي جي هاڻوڪي رستي کي وچان پار ڪري وهندو هو. پرڳڻي جا ڪجهہ حصا ٽڪرين تائين ڦهليل هُئا، جتي ڪهيري، ڪرمتي ۽ بلوچ، جيڪي حڪومت جا باغي هئا ۽ محال ڪوهستان ۽ ساڪري تعلقي جي ڏکڻ اولھہ ۾ رهندا هئا، اها آبادي مغل حڪومت جي تابع هئي. ٺٽي جي راڄڌانيءَ جا رعيتي ماڻهو ڏاڍا ”مسڪين“ هئا ۽ ڪابہ ڪُڌائي نہ ٿي ڪيائون، پر مهيرين ۽ نڱامرن جو هنن کي هر وقت خوف پئي رهيو، تنهنڪري ترخانن ٻنهي قبيلن جي سردارن سان صلح ڪري کين اطاعت ۽ امن ۾ آڻي ڇڏيو. جڏهن ٺٽو جھانگير بادشاه جي عملدارن جي ماتحتيءَ ۾ آيو، ان سان گڏ ڄام هالي ۽ راڻي عمر کي راضي ڪري، پنھنجي راڄ سان آزاد ڇڏيو ويو، جيڪي هميشہ ٺٽي جي صوبيدار جي خدمت ۾ رهندا هئا. پوءِ ملڪ جي ضابطي ۽ بادشاھہ جي حڪم سان ڪهيري ذات پنھنجي سردار ڄام هالي جي بادشاهي اقبال سان مير ابوالبقا هٿان نيست ٿي ويئي، پر نڱامرين آڻ نہ مڃي، تنهن هوندي بہ راڻو عمر، جيڪو سندن سردار هو، سدائين فرمانبردار رهندو آيو. هن شھر کي تاريخ جي روشني ۾ ڏٺو وڃي تہ بارونق هجڻ سان گڏوگڏ علم ادب جو وڏو مرڪز رهيو آهي. تاريخ جي آئيني ۾ هي شھر وڏن لاهن چاڙهن مان گذريو آهي. هي شھر رونقن ۽ شادابيءَ ۾ قرطبه ۽ بغداد جو همعصر هوندو هو. ٺٽو شھر ڪيترائي دفعا آباد تہ ڪيترائي دفعا برباد ٿيو آهي. ”آئين اڪبري“ ۾ لکيل آهي تہ ”ٺٽو هڪ بندرگاھہ هو. ملتان، لاهور، آگري ۽ احمد آباد سان ٺٽي جا خاص واپاري ناتا هئا. هن شھر جو واپار گووا، سورت ۽ ملبار جي خاص بندرگاهن تائين پکڙيل هو“. مرحوم پير حسام الدين شاھہ راشدي پنھنجي ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ ۾ هن شھر جي تاريخ، تمدن، ۽ تھذيب جي باري ۾ ڪافي روشني وڌي آهي. هو لکي ٿو تہ ”ٺٽي شھر ۾ 164 ذاتين جا ماڻهو رهندڙ هئا، جن مان قديم ذات ميمڻ برادري آهي. هن وقت بہ ميمڻ برادريءَ جا ماڻهو ٺٽي جي ڪافي محلن ۾ آباد آهن. مغلن جي دور ۾ بہ ٺٽي جو ڪاروبار تقريباً ميمڻ قوم جي هٿن ۾ هو. محلا: مل شير، شيرخاناڻي، شاڪراڻي، شڪر الاھي، شاھہ مبين، بٽواڻي، تندسر، کٽي محلو، مخدوم محلو، پتي ھٽ، قاضي محلو، عقيلي محلو، گيدڙن جو محلو، عابداڻي، ڪشمشي محلو، بٺالا محلو، چانداڻي محلو، عباسين جا ٻہ محلا، لوھارن جو محلو، وڏن جو محلو، ڪاسائي محلو، اميرخاني محلو (جامع مسجد جي اوڀر اتر ۾) انگريزن جو محلو، رضوي محلو، شيرازي محلو، ڀاڀي محلو، جمال محلو، مس گر محلو. پاڙا: محلن ۾ جدا جدا پاڙا آھن، جيڪي ذات يا ڪنھن بزرگ جي مزار جي نالي پويان سڏجن ٿا: شاھہ ڪمال پاڙو، کٽي پاڙو، کنڀاٽي پاڙو، سابوگر پاڙو، بخاري پاڙو، تندسر محلي ۾ واسواڻي پاڙو، ڪوٽائي پاڙو، وزن ڪشن جو پاڙو، غني پاڙو، ڀيلن جو پاڙو، حبشي پاڙو، درسن جو پاڙو وغيرہ. ٻيا پاڙا ھي آھن. وارين جو پاڙو، سون پاڙو، دبائي پاڙو، ساد پاڙو، لاسي پاڙو، حجام پاڙو، ماڻڪائي پاڙو، ميمڻ پاڙو، پلنگ پاڙو وغيرہ. مزارون ۽ مقبرا: شاھہ ڪمال (محلو مسگر) پير عباس ۽ مسجد (ڪشمش پاڙو) محمود شاھہ جي مزار (مسگر محلو) شاھہ ڏنو مزار (مسگر محلو) بيبي قدم (مسگر محلو) لال شاھہ بخاريءَ جي مزار (مسگر محلو) شاھہ مبين جي مزار (شاھہ مبين محلو) خواجہ اشرف صفي جي مزار (شڪرالاھي محلو) شاھہ لڌي جي مزار (کير بازار) يتيم مردان (واسواڻي مسجد) شاھہ معظم ٻانگي جي مزار (واسواڻي محلو) شاھہ حسين جو مقبرو (ميروشاھہ جو تلاءُ) شاھہ ابراھيم جيلاني جي مزار (تندسر محلو- ڪنڀارن جي گهرن وٽ) نٿن شاھہ جو مقبرو ۽ ڇتن شاھہ جي مزار، شاھہ ابراھيم (ڇاپائي محلو) ٽن بيبين جون مزارون (تندسر- ڇاپاٽي پاڙو) ميرو شاھہ شيرازي (ميرو شاھہ جو کوھہ ) لال ڇتو (تندسر) مخدوم قاسم (تندسر- ملاکڙي جو پٽ) شاھہ برھان جي مزار (تندسر- سوني منڊين جو پاڙو) شاھہ حسين جيلاني (تندسر- ڇانگن جو ڳوٺ) بيبي راڻي (تندسر- عطارن جو پاڙو) حاجي سليمان جو مقبرو (تندسر- ٽڪائين جو پاڙو) شاھہ ابراھيم جي مزار (مغل واڙو) بابو شاھہ بودلو (مغل وارو- محله اگر) شاھہ ڏني ايسار جي مزار (مغلواڙو- ايسار) شاھہ البو (پتڻ واري رستي تي) شاھہ گوھر گنج (سھتيه- گور گنج) شمس تبريز ۽ ٻئي درويش جي مزار (گور گنج) محراب شاھہ جي مزار (سھتيه- گورگنج) علي شاھہ ناگائي (سھتيه- گورگنج) ننگر فقير جي مزار (اگر) شاھہ عبدالواحد جيلاني (مظبوطن جي ڊٻ) حسين شاھہ بخاري (اگر) پير دادن شاھہ ۽ ٻيون تربتون (مھدوي رضوي محلو) شاھہ اسماعيل بخاريءَ جو مقبرو (اگر) لاکي شاھہ جي مزار (اگر) ابراھيم شاھہ بخاريءَ جي مزار (اميرخاني قلعو) شاھہ صدر لڪياري جي مزار (جامع مسجد جو دروازو- محلو اميرخاني) شاھہ عبداللطيف (محلو اميرخاني) پير شاھہ بخاري- شيخ فريد شڪرگنج (غله بازار) شاھہ محمد مڪي (غله - بازار جو ڇيڙو- ھن بزرگ جي مزار ڪچي قلعي حيدرآباد ۾ بہ آھي) شاھہ حسين (غله بازار) شاھہ مڪسين ۽ خاڪي شاھہ (شاھي بازار) ابراھيم شاھہ غازي (غله بازار) سيد اسماعيل (محله خواجہ شڪر) ملوڪ شاھہ. پير سيبائتو ٻہ تربتون گڏ (پلنگ پاڙو) پير آرڏو (تندسر- چانگ پاڙو) جاڙا پير ٻہ قبرون (مخدوم محمد ھاشم جي گهر وٽ) ٻڍل شاھہ (کدڙن جي مڙھيءَ وٽ) شاھہ گل ۽ شاھہ گهوٽ (جمالين جي گرائونڊ ۾) لال ڇتو (تار پاڙي ۾) شاھہ بندر (ھنومان مندر جي پاسي ۾ مڪلي جي دروازي وٽ) پير جڏڙو (مشھدي سيدن جي پاڙي ۾) وغيرہ. مسجدون: مٿي ڄاڻايل پاڙن ۾ ڪيتريون ئي مسجدون جوڙايون ويون، جن جا نالا ڏجن ٿا: (1) مسجد ولي نعمت، (2) جامع مسجد فرخ، (3) ميرڪن جي مسجد، (4) مسجد بزار اميربيگ، (5) مسجد محله اگريا، (6) دابگير مسجد، (7) مسجد خضري، (8) اميرخاني مسجد، (9) شاھجهاني مسجد، (10) حفظ ﷲ خاني مسجد، (11) تندسر محلا مسجد، (12) محلي ملوڪ شاھہ واري مسجد، (13) مير عبدل علي واري مسجد، (14) محله مسگر واري مسجد، (15) مسجد لکي، (16) مسجد اسلام پور، (17) قمري مسجد، (18) ميان ٺاري واري مسجد، (19) حاجي محمد قائم مسجد، (20) مخدوم آدو مسجد، (21) مخدوم ابراھيم مسجد، (22) مخدوم محمد قاسم مسجد، (23) مخدوم ابوالقاسم نقشبندي مسجد، (24) مخدوم محمد هاشم مسجد، (25) مسجد مخدوم معين. حويليون: ڪجهہ رھائشي جايون جيڪي اڃا موجود آھن. (1) خسروخان حويلي، (2) عرب ڪوڪي حويـلي، (3) خـشـتـي حويـلـي، (4) قـاضـي ابراھيـم حويلي، (5) مزار فتح علي بيگ جو محل، (6) مرزا عظيم الدين جو بنگلو. باغ: (1) خواجہ مير ابو تراب جو باغ، (2) سيد مير علي (ٻيون) باغ، (3) خورشيد باغ، (5) مشڪن باغ. چؤڪ: (1) ميدان جملھ پير، (2) چؤڪ ملڪ ميان، (3) چوڪ عبدالغني. بازارون: (1) مرزائي بازار، (2) گودڙي بازار، (3) پتي سٽ بازار، (4) گدا بازار، (5) غله بازار، (6) امير بيگ بازار، (7) بازار قصابان. ٺٽو هن وقت سنڌ جو هڪ ضلعو آهي. هي ڀنڀور ڊويزن جي ٽن ضلعن مان هڪ آهي. 2013ع کان اڳ هي حيدرآباد ڊويزن ۾ شامل هو. هن جي اتر ۾ ضلعو ڄام شورو ۽ ضلعو ڪراچي، اوڀر ۾ ضلعو حيدرآباد، ڏکڻ اوڀر ۾ ڀارت ۽ ڏکڻ اولھہ ۾ عربي سمنڊ آهي. ميرپورساڪرو، ٺٽو، ڪيٽي بندر، گهوڙا ٻاري هن شھر جا مشھور تعلقا ۽ مشھور مقام آهن. هن ضلعي جي آبادي 2017ع جي آدمشماري مطابق نَوَ لک اوڻاسي هزار اٺ سئو سترنهن (979817) آهي. ٺٽي ۾ ڪيترائي عالم، شاعر، اديب، ڪاتب، عابد ۽ زاهد موجود آهن، ۽ هنرمند ماڻهن جي بہ ڪمي نہ آهي، جيڪي پنھنجي هنر ۾ ڪمال رکن ٿا. هتي جيڪو سامان تيار ٿئي ٿو، اهو عراق ۽ انگريزن جي مال کان ڪنهن بہ طرح گهٽ نہ آهي. موجودہ شھر سنڌ جي سما خاندان پنھنجي حڪمرانيءَ جي دوران 1340ع ڌاري پنھنجي درالسلطنت طور مڪليءَ جي دامن ۾ آباد ڪيو هو. ان وٽ سنڌو درياھہ ٺٽي جي ڀر مان وهندو هو. سترهين صدي ۾ تجارت جي لحاظ سان هندستان جو ڪوبه شھر ٺٽي سان برميچي نہ سگهندو هو. سنڌو درياھہ جي رستي لاهور، ملتان، ۽ بکر مان ٻيڙين ۾ تجارتي قافلا ٺٽي ۾ پهچندا هئا. ارڙهين صديءَ ۾ ٺٽي تي زوال اچڻ شروع ٿيو. اوڻيهين صديءَ جي وچ ۾ هن جي آبادي ٽن لکن مان گهٽجي صرف ستن هزارن تائين وڃي پهتي. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ هن شھر ٻيهر ترقي ڪئي. ٺٽو شھر ڪراچيءَ کان 100 ڪلوميٽر ۽ ڪوٽڙيءَ کان 90 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. هرقسم جي اچ وڃ جو ذريعو بسون، ڪوچ، ويگنون وغيرہ آهن. ٺٽي جي ويجهو ريلوي اسٽيشن جنگشاهي آهي، جيڪا ٺٽي کان 13 ميلن پنڌ تي آهي. هتي کنڊ جا پنج ڪارخانا آهن: ديوان شگرملز، ٺٽو شگر ملز، الآصف شگر ملز، شاھہ مراد شگر مل ۽ لاڙ شگر مل. هتي هڪ سيمنيٽ فئڪٽري پڻ آهي، جنهن سان هزارين ماڻهن جو روزگار وابستہ آهي. ٺٽو، ڪراچي شھر ۾ استعمال ٿيندڙ پاڻيءَ جي 60 سيڪڙو گهرج پوري ڪندو آهي. ڪراچيءَ کي اهو پاڻي هاليجي ڍنڍ ۽ ڪينجهر مان ڏنو ويندو آهي. انهيءَ مقصد تحت گهاري ۾ هڪ فلٽر پلانٽ نصب ڪيو ويو آهي. ڪپھہ، ڪمند، ڪيلو، ڪڻڪ ۽ چانور هتي جي اهم زرعي پيداوار آهن. ڪوٽڙي بئراج جون چار نهرون ٻنين کي سيراب ڪنديون آهن. هي ضلعو معدني دولت سان بہ مالا مال آهي. مڪليءَ جي ويجهو تقريباً 20 ڪروڙ ٽن چُن جي پٿر جو ذخيرو دريافت ٿيو آهي، جيڪو ڪراچي اسٽيل مل ۾ استعمال ٿئي ٿو. 2008ع وارين چونڊن ٺٽي ضلعي مان عبدالواحد سومرو ۽ اياز شاھہ شيرازي ايم. اين. اي چونڊيا ويا، جڏهن تہ سنڌ جي ثقافت کاتي جي وزير سسئي پليجو، صادق علي شاھہ (مرحوم عبدالجليل ميمڻ جي وفات بعد چونڊيل)، شاھہ حسين شاھہ شيرازي، محمد علي ملڪاڻي ۽ محمد عثمان جلباڻي، صوبائي اسيمبليءَ جا ميمبر چونڊيا ويا. •ٺٽي جا مغل نواب (1000 ھہ/1591ع - 1151ھہ/ 1738ع): شهنشاھہ هند مغل اعظم جلال الدين محمد اڪبر (ڏسو: اڪبر بادشاھہ) مرزا جاني بيگ کي هندستان ۾ رهائي، سندس پٽ مرزا غازي بيگ کي نواب مقرر ڪري ٺٽي اماڻيو. جيڪو ان وقت سورهن سالن جو هو. مرزا غازي جي ڏينهن ۾ بہ ڪيتريون ئي بغاوتون پيش آيون. مرزا غازي بيگ 1013ھہ بمطابق 1604ع ۾ بادشاھہ جي سلاميءَ لاءِ ويو. جتي بادشاھہ کيس رهائي ڇڏيو. نيٺ اڪبر بادشاھہ جي وفات 1014ھہ بمطابق 1605ع کان پوءِ ڳجهہ ڳوھہ ۾ ٺٽي آيو. ڪجهہ وقت کان پوءِ جھانگير کيس گهرائي قنڌار جو نواب ڪري موڪليو. جتي هو سن 1021 ھہ بمطابق 1612ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس لاش آڻي مڪليءَ ۾ دفن ڪيو ويو. مرزا غازي بيگ فارسيءَ جو سٺو شاعر هو. ”وقاري“ تخلص هئس. ايراني بہ وٽس هلي ايندا هئا. هي ذهين هو تہ سٺو منتظم بہ هو. البت عياش بہ هو تہ شرابي پڻ هو. مرزا جاني جڏهن خانہ بدوش ٿي ويو هو. تڏهن جھانگير سنڌ کي مرڪز سان ملائي باقاعدہ دهليءَ جي سلطنت جو حصو بنائي ڇڏيو. جھانگير سنڌ کي 1614ع ۾ الڳ صوبو بڻايو. سنڌ گزيٽيئر موجب ”مغلن جو اهو قبضو جيڪو هنن 1592ع ۾ ڪيو هو، سو آهستي آهستي 1612ع ۾ پڪو ۽ پختو ٿي ويو ۽ جڏهن غازي بيگ وفات ڪئي تہ ان کان پوءِ سنڌ کي مغلن جو حصو بڻايو ويو جيڪو 1738ع تائين قائم رهيو.“ سنڌ تي پوءِ هندوستان جي حڪومت طرفان گورنر مقرر ٿي ايندا رهيا ۽ اهي ئي سنڌ جو انتظام هلائيندا رهيا. انهيءَ دؤر ۾ ٺٽي جا گورنر مغل حڪومت طرفان اماڻيا ويندا هئا، اهي گورنر هي هئا: ٺٽي جا نواب/گورنر: 1. مرزا غازي ترخان (1001ھہ / 1592ع) انهيءَ دور جا امير: 1. امير شاه قاسم بيگلار 2. ابوالقاسم خان زمان 3. مير ابوالقاسم سلطان جھانگير جو دؤر (1014ھہ/ 1605ع _ 1037ھہ/1627ع ): ميرزا احمد بيگ ۽ هندو خان (1013ھہ/1604ع کان 1016/1607ع) ۽ پوءِ خان چرڪس'>خسرو خان چرڪس (1017ھہ/1608ع کان 1021ھہ/1612ع) ميرزا غازي بيگ جي نائب طور حڪومت ڪئي ۽ پوءِ بادشاھہ سنڌو ٺٽي تي مغل صوبيدار موڪلڻ شروع ڪيا. 1. مرزا عبدالعلي ترخان (1021ھہ/1612ع). غازي بيگ جي وفات بعد خسرو کيس سربراھہ مقرر ڪيو. 2. نواب رستم خان (1 محرم 1022ھہ/1613ع) کان رمضان 1023ھہ/1614ع) 3. تاج خان تاش بيگ (1023ھہ/1614ع) هيءُ بکر جو فوجدار هو جتان ٺٽي آيو ۽ ان ئي سال وفات ڪري ويو. 4. ارسلان بيگ شمشير خان ازبيڪ (1023ھہ/1614ع_1025ھہ/1616ع) 5. مير عبدالرزاق خان معموري (1025ھہ/1616ع_1028ع/1619ع) 6. مرزا شاھہ بيگ ارغون خانروران (1028ھہ/1619ع) 7. سيد بايزيد بخاري، مصطفيٰ خان (1029ھہ/1620ع- 1035ھہ/1625ع) 8. سيد ابراهيم بن بايزيد بخاري (1035ھہ/1625ع) 9. نواب شريف الملڪ عرف شريف خان (1035ھہ/1625ع) 10. ميرزا ابو سعيد (1036ھہ/1626ع) (شاھہ جھان جو دؤر (1037ھہ/1627ع-1069ھہ/1658ع)) 11. مرزا عيسيٰ ترخان ثاني (1037ھہ/1627ع) 12. شير خواجہ باقي خان (1037ھہ/1627ع) 13. مرتضيٰ خان، مير حسام الدين انجو (1037ھہ/1627ع-039ھہ/1629ع). هيءُ ٺٽي ۾ فوت ٿي ويو. 14. مير ابو البقا امير خان (1039ھہ/1629ع-1041ھہ/1631ع) 15. مير محمد خان تاشقندي (1041ھہ/1631ع-1045ھہ/1635ع) 16. دولت خان خواص خان (1045ھہ/1635ع-1050ھہ/1640ع) 17. غيرت خان خواجہ ڪامگار (1050ھہ/1640ع ). ان ئي سال ٺٽي ۾ وفات ڪيائين، مڪليءَ تي دفن ٿيو. هن ”ماثر جهانگيري“ ڪتاب لکيو. 18. مغل خان، شادي بيگ، شجاعت خان، شادي خان (1050ھہ/1640ع- 1052ھہ/1642ع) 19. مير ابوالبقا، امير خان (1052ھہ/1942ع-1057ھہ/1647ع). ٻيو ڀيرو هن دؤر ۾ ٺٽي ۾ جامع مسجد ٺهرايائين جا بادشاهي يا شاھجھان مسجد سڏي وڃي ٿي. سندس قبر روهڙي جي ”سٿين جو ٿان“ واري قبرستان ۾ آهي. 20. نواب مرزا رستم خان (10 محرم 1022 ھہ/1613ع کان رمضان 1023ھہ/ 1614ع) 21. نواب مرزا مصطفيٰ خان (1024ھہ/1615ع کان 1026ھہ/1616ع ) 22. نواب بايزيد بخاري (1028ھہ/ 1618ع کان 1034ھہ/1624ع ) 23. نواب شريف الملڪ عرف شريف خان (1034ھہ/ 1624ع کان 1037ھہ/1627ع) 24. مرزا عيسيٰ ترخان (ثاني) (1037ھہ/1627ع) 25. نواب مير ابوالبقا بالمعروف نواب امير خان (1037ھہ/1627ع ) 26. نواب مظفر خان 27. نواب سيد ابراهيم ولد مير بايزيد بخاري 28. نواب مغل خان (1057ھہ/ 1647ع کان 1063ھہ/1652ع ) 29. نواب ظفر خان (1063ھہ/ 1652ع کان 1069ھہ/ 1658ع) اورنگزيب جو دور (1069ھہ/1658ع- 1118ھہ/1706ع): 30. نواب قباد خان (1069ھہ /1658ع کان 1071ھہ/1660ع ) 31. نواب لشڪر خان (1071ھہ /1660ع کان 1075ھہ/ 1664ع) 32. نواب غضنفر خان (1075ھہ / 1667عکان 1077ھہ/ 1666ع) 33. نواب سيد عزت خان (1078ھہ /1667ع کان 1080ھہ/ 1669ع) 34. نواب ابو نصرت خان(1080ھہ/1669ع کان 1082ھہ/1671ع) 35. نواب سعادت خان (1082ھہ/ 1671ع کان 1084ھہ/ 1673ع) 36. نواب سيد عزت خان (ٻيو ڀيرو) (1084 ھہ /1673ع کان 1090ھہ/1679ع) 37. نواب خانزاد خان (1090 ھہ/ 1679ع کان 1095ھہ/ 1683ع) 38. نواب سردار خان (1095ھہ/ 1683ع کان 1099ھہ/1687ع ) 39. نواب مريد خان (1099 ھہ/1687ع کان 1100 ھہ/1688ع ) 40. نواب زبردست خان (1101ھہ/1689ع کان 1101ھہ/1689ع ) 41. نواب ابو نصرت خان (1101ھہ/1689ع کان 1103ھہ/ 1691ع) 42. نواب حفظ ﷲ خان (1103 ھہ/1691ع کان 1112ھہ/ 1700ع) 43. نواب سعيد خان چنگيزي (1113ھہ/1701ع کان1114ھہ/ 1702ع) 44. نواب مير امين الدين خان حسين (1114ھہ/1702ع کان 1115ھہ/1703ع ) 45. نواب نواب يوسف خان ترين (1115ھہ/1703ع کان 1116ھہ/1704ع ) 46. نواب احمد يار خان (1116ھہ/1704ع کان 1119 ھہ/ 1707ع) 47. نواب سعيد خان بھادر عرف عطر خان (1119ھہ/1707ع کان 1121ھہ/1709ع ) 48. نواب مهين خان 1121ھہ/1711ع کان 1123ھہ/ 1711ع) 49. نواب شاڪر خان (1123ھہ/1711ع کان 1123ھہ/ 1712ع) 50. نواب مهين خان (ٻيو ڀيرو) (1123ھہ/1711ع کان 1124ھہ/ 1712ع) 51. نواب خواجہ محمد خليل (1124ھہ/1712ع کان 1124ھہ/ 1712ع) 52. نواب عطر خان (1124ھہ/1712ع کان 1125ھہ/1713ع ) 53. نواب مير لطف علي خان (1125 ھہ/ 1713ع کان 1127ھہ/ 1715ع) 54. نواب اعظم خان (1127ھہ/1715ع کان 1131ھہ/ 1718ع) 55. نواب مهابت خان (1132ھہ/ 1719ع کان 1135ھہ/ 1722ع) 56. نواب سلطان محمود خان (1135ھہ /1722ع کان 1137ھہ/1724ع) 57. نواب سيف ﷲ خان (1137ھہ /1724ع کان 1143ھہ/ 1730ع) 58. نواب دلير دل خان (1143ھہ/ 1730ع کان 1145ھہ/ 1732ع) 59. نواب همت دلير خان (ا1145 ھہ/1732ع کان 1149ھہ/1736ع ) 60. نواب صادق علي خان (1149 ھہ/1736ع کان 1150ھہ/1737ع ) 61. نواب خدا يار خان ميان نور محمد (1151ھہ/ 1738ع) مغلن جو دؤر سنڌ لاءِ ڏاڍو نقصانڪار رهيو، نہ فقط انتظامي لحاظ سان، پر سياسي، سماجي ۽ معاشي لحاظ سان بہ هيءُ دؤر ڏاڍو ڪمزور ۽ بي فائده رهيو. جيڪي بہ گورنر آيا ٿي ۽ جيترو بہ وقت کين مليو ٿي تہ هنن ڦرلٽ ڪري فقط ملڪيت جي ميڙا چونڊ ٿي ڪئي. اهڙي ريت هڪڙا گورنر طور مقرر ٿي آيا تہ مٿان وري سندن معزولي جا حڪم ناما ٿي پهتا ۽ وري ٻيا ٿي آيا. حقيقت ۾ سنڌ ۾ هن تباهيءَ جي شروعات تہ ارغونن جي آمد سان ئي شروع ٿي ويئي هئي، جن حڪمرانيءَ جي حوس، دولت جي بک ۽ سفاڪ ذهينت جي ڪري سنڌ کي تباھہ ڪرڻ شروع ڪيو. ماڻهن جو قتل عام شروع ڪيو ۽ معاشي طور سنڌي کي تاراج ڪيو. انهيءَ دور ۾ زراعت ختم ٿي ويئي، چوپايو مال ارغونن جو کاڄ ٿي ويو. اهڙي طرح ترخان دؤر ۾ بہ ساڳي حالت رهي. ارغونن ۽ ترخانن جون حالتون لڳ ڀڳ هڪ جهڙيون ئي رهيون. سڄي سنڌ تي باھہ ٻري پئي هئي. هنن جي ڦر مار جي ڪري بازاريون، شهر، ڳوٺ، ٻنيون، ٻارا، وٿاڻ وغيرہ ويران ٿي ويا. صنعت، حرفت، فن، علم ۽ ادب تي ڄڻ تہ ڪاري رات جو گهيرو ٿي ويو هو. سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتون بگڙجڻ جي ڪري، هر طرف بدامنيءَ جو راڄ قائم ٿي چڪو هو. مغلن جي گورنريءَ واري دؤر ۾ حالت اڃان بہ وڌيڪ ابتر ٿي ويئي. ڇو تہ مغليه دؤر ۾ نہ فقط هر سرڪاري ننڍي وڏي عهدي لاءِ ماڻهو دهلي کان گهرايا ويندا هئا پر سڄي ملڪ جي پيداوار تي بہ انهن جو قبضو هوندو هو. هتي جي پيداوار مان فائدو وري دهليءَ وارا وٺندا هئا. عام ماڻهو ڌرتيءَ ڌڻي هوندي بہ نڌڻڪو هو ۽ سدائين ڏک ۽ تڪليف واري زندگي پيو گهاريندو هو.