ٺٽي جا مغل نواب (1000 هه/1591ع - 1151هه/ 1738ع ):شهنشاهه هند مغل اعظم جلال الدين محمد اڪبر (ڏسو: اڪبر بادشاهه) مرزا جاني بيگ کي هندستان ۾ رهائي، سندس پٽ مرزا غازي بيگ کي نواب مقرر ڪري ٺٽي اماڻيو. جيڪو ان وقت سورهن سالن جو هو. مرزا غازي جي ڏينهن ۾ به ڪيتريون ئي بغاوتون پيش آيون. مرزا غازي بيگ 1013هه بمطابق 1604ع ۾ بادشاهه جي سلاميءَ لاءِ ويو. جتي بادشاهه کيس رهائي ڇڏيو. نيٺ اڪبر بادشاهه جي وفات 1014هه بمطابق 1605ع کان پوءِ ڳجهه ڳوهه ۾ ٺٽي آيو. ڪجهه وقت کان پوءِ جهانگير کيس گھرائي قنڌار جو نواب ڪري موڪليو. جتي هو سن 1021 هه بمطابق 1612ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس لاش آڻي مڪليءَ ۾ دفن ڪيو ويو. مرزا غازي بيگ فارسيءَ جو سٺو شاعر هو. ”وقاري“ تخلص هئس. ايراني به وٽس هلي ايندا هئا. هي ذهين هو ته سٺو منتظم به هو. البت عياش به هو ته شرابي پڻ هو. مرزا جاني جڏهن خانه بدوش ٿي ويو هو. تڏهن جهانگير سنڌ کي مرڪز سان ملائي باقاعده دهليءَ جي سلطنت جو حصو بنائي ڇڏيو. جهانگير سنڌ کي 1614ع ۾ الڳ صوبو بڻايو. سنڌ گزيٽيئر موجب ”مغلن جو اهو قبضو جيڪو هنن 1592ع ۾ ڪيو هو، سو آهستي آهستي 1612ع ۾ پڪو ۽ پختو ٿي ويو ۽ جڏهن غازي بيگ وفات ڪئي ته ان کان پوءِ سنڌ کي مغلن جو حصو بڻايو ويو جيڪو 1738ع تائين قائم رهيو.“ سنڌ تي پوءِ هندوستان جي حڪومت طرفان گورنر مقرر ٿي ايندا رهيا ۽ اهي ئي سنڌ جو انتظام هلائيندا رهيا. انهيءَ دؤر ۾ ٺٽي جا گورنر مغل حڪومت طرفان اماڻيا ويندا هئا، اهي گورنر هي هئا:
ٺٽي جا نواب/گورنر:
1. مرزا غازي ترخان (1001هه / 1592ع)
انهيءَ دور جا امير:
1. امير شاه قاسم بيگلار
2. ابوالقاسم خان زمان
3. مير ابوالقاسم سلطان
جهانگير جو دؤر (1014هه/ 1605ع _ 1037هه/1627ع ):
ميرزا احمد بيگ ۽ هندو خان (1013هه/1604ع کان 1016/1607ع) ۽ پوءِ خان چرڪس'>خسرو خان چرڪس (1017هه/1608ع کان 1021هه/1612ع) ميرزا غازي بيگ جي نائب طور حڪومت ڪئي ۽ پوءِ بادشاهه سنڌو ٺٽي تي مغل صوبيدار موڪلڻ شروع ڪيا.
1. مرزا عبدالعلي ترخان (1021هه/1612ع). غازي بيگ جي وفات بعد خسرو کيس سربراهه مقرر ڪيو.
2. نواب رستم خان (1 محرم 1022هه/1613ع) کان رمضان 1023هه/1614ع)
3. تاج خان تاش بيگ (1023هه/1614ع) هيءُ بکر جو فوجدار هو جتان ٺٽي آيو ۽ ان ئي سال وفات ڪري ويو.
4. ارسلان بيگ شمشير خان ازبيڪ (1023هه/1614ع_1025هه/1616ع)
5. مير عبدالرزاق خان معموري (1025هه/1616ع_1028ع/1619ع)
6. مرزا شاهه بيگ ارغون خانروران (1028هه/1619ع)
7. سيد بايزيد بخاري، مصطفيٰ خان (1029هه/1620ع- 1035هه/1625ع)
8. سيد ابراهيم بن بايزيد بخاري (1035هه/1625ع)
9. نواب شريف الملڪ عرف شريف خان (1035هه/1625ع)
10. ميرزا ابو سعيد (1036هه/1626ع)
(شاهه جهان جو دؤر (1037هه/1627ع-1069هه/1658ع))
11. مرزا عيسيٰ ترخان ثاني (1037هه/1627ع)
12. شير خواجه باقي خان (1037هه/1627ع)
13. مرتضيٰ خان، مير حسام الدين انجو (1037هه/1627ع-039هه/1629ع). هيءُ ٺٽي ۾ فوت ٿي ويو.
14. مير ابو البقا امير خان (1039هه/1629ع-1041هه/1631ع)
15. مير محمد خان تاشقندي (1041هه/1631ع-1045هه/1635ع)
16. دولت خان خواص خان (1045هه/1635ع-1050هه/1640ع)
17. غيرت خان خواجه ڪامگار (1050هه/1640ع ). ان ئي سال ٺٽي ۾ وفات ڪيائين، مڪليءَ تي دفن ٿيو. هن ”ماثر جهانگيري“ ڪتاب لکيو.
18. مغل خان، شادي بيگ، شجاعت خان، شادي خان (1050هه/1640ع- 1052هه/1642ع)
19. مير ابوالبقا، امير خان (1052هه/1942ع-1057هه/1647ع). ٻيو ڀيرو هن دؤر ۾ ٺٽي ۾ جامع مسجد ٺهرايائين جا بادشاهي يا شاهجهان مسجد سڏي وڃي ٿي. سندس قبر روهڙي جي ”سٿين جو ٿان“ واري قبرستان ۾ آهي.
20. نواب مرزا رستم خان (10 محرم 1022 هه/1613ع کان رمضان 1023هه/ 1614ع)
21. نواب مرزا مصطفيٰ خان (1024هه/1615ع کان 1026هه/1616ع )
22. نواب بايزيد بخاري (1028هه/ 1618ع کان 1034هه/1624ع )
23. نواب شريف الملڪ عرف شريف خان (1034هه/ 1624ع کان 1037هه/1627ع)
24. مرزا عيسيٰ ترخان (ثاني) (1037هه/1627ع)
25. نواب مير ابوالبقا بالمعروف نواب امير خان (1037هه/1627ع )
26. نواب مظفر خان
27. نواب سيد ابراهيم ولد مير بايزيد بخاري
28. نواب مغل خان (1057هه/ 1647ع کان 1063هه/1652ع )
29. نواب ظفر خان (1063هه/ 1652ع کان 1069هه/ 1658ع)
اورنگزيب جو دور (1069هه/1658ع- 1118هه/1706ع):
30. نواب قباد خان (1069هه /1658ع کان 1071هه/1660ع )
31. نواب لشڪر خان (1071هه /1660ع کان 1075هه/ 1664ع)
32. نواب غضنفر خان (1075هه / 1667عکان 1077هه/ 1666ع)
33. نواب سيد عزت خان (1078هه /1667ع کان 1080هه/ 1669ع)
34. نواب ابو نصرت خان(1080هه/1669ع کان 1082هه/1671ع)
35. نواب سعادت خان (1082هه/ 1671ع کان 1084هه/ 1673ع)
36. نواب سيد عزت خان (ٻيو ڀيرو) (1084 هه /1673ع کان 1090هه/1679ع)
37. نواب خانزاد خان (1090 هه/ 1679ع کان 1095هه/ 1683ع)
38. نواب سردار خان (1095هه/ 1683ع کان 1099هه/1687ع )
39. نواب مريد خان (1099 هه/1687ع کان 1100 هه/1688ع )
40. نواب زبردست خان (1101هه/1689ع کان 1101هه/1689ع )
41. نواب ابو نصرت خان (1101هه/1689ع کان 1103هه/ 1691ع)
42. نواب حفظ الله خان (1103 هه/1691ع کان 1112هه/ 1700ع)
43. نواب سعيد خان چنگيزي (1113هه/1701ع کان1114هه/ 1702ع)
44. نواب مير امين الدين خان حسين (1114هه/1702ع کان 1115هه/1703ع )
45. نواب نواب يوسف خان ترين (1115هه/1703ع کان 1116هه/1704ع )
46. نواب احمد يار خان (1116هه/1704ع کان 1119 هه/ 1707ع)
47. نواب سعيد خان بهادر عرف عطر خان (1119هه/1707ع کان 1121هه/1709ع )
48. نواب مهين خان 1121هه/1711ع کان 1123هه/ 1711ع)
49. نواب شاڪر خان (1123هه/1711ع کان 1123هه/ 1712ع)
50. نواب مهين خان (ٻيو ڀيرو) (1123هه/1711ع کان 1124هه/ 1712ع)
51. نواب خواجه محمد خليل (1124هه/1712ع کان 1124هه/ 1712ع)
52. نواب عطر خان (1124هه/1712ع کان 1125هه/1713ع )
53. نواب مير لطف علي خان (1125 هه/ 1713ع کان 1127هه/ 1715ع)
54. نواب اعظم خان (1127هه/1715ع کان 1131هه/ 1718ع)
55. نواب مهابت خان (1132هه/ 1719ع کان 1135هه/ 1722ع)
56. نواب سلطان محمود خان (1135هه /1722ع کان 1137هه/1724ع)
57. نواب سيف الله خان (1137هه /1724ع کان 1143هه/ 1730ع)
58. نواب دلير دل خان (1143هه/ 1730ع کان 1145هه/ 1732ع)
59. نواب همت دلير خان (ا1145 هه/1732ع کان 1149هه/1736ع )
60. نواب صادق علي خان (1149 هه/1736ع کان 1150هه/1737ع )
61. نواب خدا يار خان ميان نور محمد (1151هه/ 1738ع)
مغلن جو دؤر سنڌ لاءِ ڏاڍو نقصانڪار رهيو، نه فقط انتظامي لحاظ سان، پر سياسي، سماجي ۽ معاشي لحاظ سان به هيءُ دؤر ڏاڍو ڪمزور ۽ بي فائده رهيو. جيڪي به گورنر آيا ٿي ۽ جيترو به وقت کين مليو ٿي ته هنن ڦرلٽ ڪري فقط ملڪيت جي ميڙا چونڊ ٿي ڪئي. اهڙي ريت هڪڙا گورنر طور مقرر ٿي آيا ته مٿان وري سندن معزولي جا حڪم ناما ٿي پهتا ۽ وري ٻيا ٿي آيا. حقيقت ۾ سنڌ ۾ هن تباهيءَ جي شروعات ته ارغونن جي آمد سان ئي شروع ٿي ويئي هئي، جن حڪمرانيءَ جي حوس، دولت جي بک ۽ سفاڪ ذهينت جي ڪري سنڌ کي تباهه ڪرڻ شروع ڪيو. ماڻهن جو قتل عام شروع ڪيو ۽ معاشي طور سنڌي کي تاراج ڪيو. انهيءَ دور ۾ زراعت ختم ٿي ويئي، چوپايو مال ارغونن جو کاڄ ٿي ويو. اهڙي طرح ترخان دؤر ۾ به ساڳي حالت رهي. ارغونن ۽ ترخانن جون حالتون لڳ ڀڳ هڪ جهڙيون ئي رهيون. سڄي سنڌ تي باهه ٻري پئي هئي. هنن جي ڦر مار جي ڪري بازاريون، شهر، ڳوٺ، ٻنيون، ٻارا، وٿاڻ وغيره ويران ٿي ويا. صنعت، حرفت، فن، علم ۽ ادب تي ڄڻ ته ڪاري رات جو گھيرو ٿي ويو هو. سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتون بگڙجڻ جي ڪري، هر طرف بدامنيءَ جو راڄ قائم ٿي چڪو هو. مغلن جي گورنريءَ واري دؤر ۾ حالت اڃان به وڌيڪ ابتر ٿي ويئي. ڇو ته مغليه دؤر ۾ نه فقط هر سرڪاري ننڍي وڏي عهدي لاءِ ماڻهو دهلي کان گھرايا ويندا هئا پر سڄي ملڪ جي پيداوار تي به انهن جو قبضو هوندو هو. هتي جي پيداوار مان فائدو وري دهليءَ وارا وٺندا هئا. عام ماڻهو ڌرتيءَ ڌڻي هوندي به نڌڻڪو هو ۽ سدائين ڏک ۽ ذلت واري زندگي پيو گهاريندو هو.