ٺٽي جا مغل نواب

ٺٽي جا مغل نواب (1000 ھہ/1591ع - 1151ھہ/ 1738ع ):شهنشاھہ هند مغل اعظم جلال الدين محمد اڪبر (ڏسو: اڪبر بادشاھہ) مرزا جاني بيگ کي هندستان ۾ رهائي، سندس پٽ مرزا غازي بيگ کي نواب مقرر ڪري ٺٽي اماڻيو. جيڪو ان وقت سورهن سالن جو هو. مرزا غازي جي ڏينهن ۾ بہ ڪيتريون ئي بغاوتون پيش آيون. مرزا غازي بيگ 1013ھہ بمطابق 1604ع ۾ بادشاھہ جي سلاميءَ لاءِ ويو. جتي بادشاھہ کيس رهائي ڇڏيو. نيٺ اڪبر بادشاھہ جي وفات 1014ھہ بمطابق 1605ع کان پوءِ ڳجهہ ڳوھہ ۾ ٺٽي آيو. ڪجهہ وقت کان پوءِ جھانگير کيس گهرائي قنڌار جو نواب ڪري موڪليو. جتي هو سن 1021 ھہ بمطابق 1612ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس لاش آڻي مڪليءَ ۾ دفن ڪيو ويو. مرزا غازي بيگ فارسيءَ جو سٺو شاعر هو. ”وقاري“ تخلص هئس. ايراني بہ وٽس هلي ايندا هئا. هي ذهين هو تہ سٺو منتظم بہ هو. البت عياش بہ هو تہ شرابي پڻ هو. مرزا جاني جڏهن خانہ بدوش ٿي ويو هو. تڏهن جھانگير سنڌ کي مرڪز سان ملائي باقاعدہ دهليءَ جي سلطنت جو حصو بنائي ڇڏيو. جھانگير سنڌ کي 1614ع ۾ الڳ صوبو بڻايو. سنڌ گزيٽيئر موجب ”مغلن جو اهو قبضو جيڪو هنن 1592ع ۾ ڪيو هو، سو آهستي آهستي 1612ع ۾ پڪو ۽ پختو ٿي ويو ۽ جڏهن غازي بيگ وفات ڪئي تہ ان کان پوءِ سنڌ کي مغلن جو حصو بڻايو ويو جيڪو 1738ع تائين قائم رهيو.“ سنڌ تي پوءِ هندوستان جي حڪومت طرفان گورنر مقرر ٿي ايندا رهيا ۽ اهي ئي سنڌ جو انتظام هلائيندا رهيا. انهيءَ دؤر ۾ ٺٽي جا گورنر مغل حڪومت طرفان اماڻيا ويندا هئا، اهي گورنر هي هئا:
ٺٽي جا نواب/گورنر:
1. مرزا غازي ترخان (1001ھہ / 1592ع)
انهيءَ دور جا امير:
1. امير شاه قاسم بيگلار
2. ابوالقاسم خان زمان
3. مير ابوالقاسم سلطان
جھانگير جو دؤر (1014ھہ/ 1605ع _ 1037ھہ/1627ع ):
ميرزا احمد بيگ ۽ هندو خان (1013ھہ/1604ع کان 1016/1607ع) ۽ پوءِ خان چرڪس'>خسرو خان چرڪس (1017ھہ/1608ع کان 1021ھہ/1612ع) ميرزا غازي بيگ جي نائب طور حڪومت ڪئي ۽ پوءِ بادشاھہ سنڌو ٺٽي تي مغل صوبيدار موڪلڻ شروع ڪيا.
1. مرزا عبدالعلي ترخان (1021ھہ/1612ع). غازي بيگ جي وفات بعد خسرو کيس سربراھہ مقرر ڪيو.
2. نواب رستم خان (1 محرم 1022ھہ/1613ع) کان رمضان 1023ھہ/1614ع)
3. تاج خان تاش بيگ (1023ھہ/1614ع) هيءُ بکر جو فوجدار هو جتان ٺٽي آيو ۽ ان ئي سال وفات ڪري ويو.
4. ارسلان بيگ شمشير خان ازبيڪ (1023ھہ/1614ع_1025ھہ/1616ع)
5. مير عبدالرزاق خان معموري (1025ھہ/1616ع_1028ع/1619ع)
6. مرزا شاھہ بيگ ارغون خانروران (1028ھہ/1619ع)
7. سيد بايزيد بخاري، مصطفيٰ خان (1029ھہ/1620ع- 1035ھہ/1625ع)
8. سيد ابراهيم بن بايزيد بخاري (1035ھہ/1625ع)
9. نواب شريف الملڪ عرف شريف خان (1035ھہ/1625ع)
10. ميرزا ابو سعيد (1036ھہ/1626ع)
(شاھہ جھان جو دؤر (1037ھہ/1627ع-1069ھہ/1658ع))
11. مرزا عيسيٰ ترخان ثاني (1037ھہ/1627ع)
12. شير خواجہ باقي خان (1037ھہ/1627ع)
13. مرتضيٰ خان، مير حسام الدين انجو (1037ھہ/1627ع-039ھہ/1629ع). هيءُ ٺٽي ۾ فوت ٿي ويو.
14. مير ابو البقا امير خان (1039ھہ/1629ع-1041ھہ/1631ع)
15. مير محمد خان تاشقندي (1041ھہ/1631ع-1045ھہ/1635ع)
16. دولت خان خواص خان (1045ھہ/1635ع-1050ھہ/1640ع)
17. غيرت خان خواجہ ڪامگار (1050ھہ/1640ع ). ان ئي سال ٺٽي ۾ وفات ڪيائين، مڪليءَ تي دفن ٿيو. هن ”ماثر جهانگيري“ ڪتاب لکيو.
18. مغل خان، شادي بيگ، شجاعت خان، شادي خان (1050ھہ/1640ع- 1052ھہ/1642ع)
19. مير ابوالبقا، امير خان (1052ھہ/1942ع-1057ھہ/1647ع). ٻيو ڀيرو هن دؤر ۾ ٺٽي ۾ جامع مسجد ٺهرايائين جا بادشاهي يا شاھجھان مسجد سڏي وڃي ٿي. سندس قبر روهڙي جي ”سٿين جو ٿان“ واري قبرستان ۾ آهي.
20. نواب مرزا رستم خان (10 محرم 1022 ھہ/1613ع کان رمضان 1023ھہ/ 1614ع)
21. نواب مرزا مصطفيٰ خان (1024ھہ/1615ع کان 1026ھہ/1616ع )
22. نواب بايزيد بخاري (1028ھہ/ 1618ع کان 1034ھہ/1624ع )
23. نواب شريف الملڪ عرف شريف خان (1034ھہ/ 1624ع کان 1037ھہ/1627ع)
24. مرزا عيسيٰ ترخان (ثاني) (1037ھہ/1627ع)
25. نواب مير ابوالبقا بالمعروف نواب امير خان (1037ھہ/1627ع )
26. نواب مظفر خان
27. نواب سيد ابراهيم ولد مير بايزيد بخاري
28. نواب مغل خان (1057ھہ/ 1647ع کان 1063ھہ/1652ع )
29. نواب ظفر خان (1063ھہ/ 1652ع کان 1069ھہ/ 1658ع)
اورنگزيب جو دور (1069ھہ/1658ع- 1118ھہ/1706ع):
30. نواب قباد خان (1069ھہ /1658ع کان 1071ھہ/1660ع )
31. نواب لشڪر خان (1071ھہ /1660ع کان 1075ھہ/ 1664ع)
32. نواب غضنفر خان (1075ھہ / 1667عکان 1077ھہ/ 1666ع)
33. نواب سيد عزت خان (1078ھہ /1667ع کان 1080ھہ/ 1669ع)
34. نواب ابو نصرت خان(1080ھہ/1669ع کان 1082ھہ/1671ع)
35. نواب سعادت خان (1082ھہ/ 1671ع کان 1084ھہ/ 1673ع)
36. نواب سيد عزت خان (ٻيو ڀيرو) (1084 ھہ /1673ع کان 1090ھہ/1679ع)
37. نواب خانزاد خان (1090 ھہ/ 1679ع کان 1095ھہ/ 1683ع)
38. نواب سردار خان (1095ھہ/ 1683ع کان 1099ھہ/1687ع )
39. نواب مريد خان (1099 ھہ/1687ع کان 1100 ھہ/1688ع )
40. نواب زبردست خان (1101ھہ/1689ع کان 1101ھہ/1689ع )
41. نواب ابو نصرت خان (1101ھہ/1689ع کان 1103ھہ/ 1691ع)
42. نواب حفظ خان (1103 ھہ/1691ع کان 1112ھہ/ 1700ع)
43. نواب سعيد خان چنگيزي (1113ھہ/1701ع کان1114ھہ/ 1702ع)
44. نواب مير امين الدين خان حسين (1114ھہ/1702ع کان 1115ھہ/1703ع )
45. نواب نواب يوسف خان ترين (1115ھہ/1703ع کان 1116ھہ/1704ع )
46. نواب احمد يار خان (1116ھہ/1704ع کان 1119 ھہ/ 1707ع)
47. نواب سعيد خان بھادر عرف عطر خان (1119ھہ/1707ع کان 1121ھہ/1709ع )
48. نواب مهين خان 1121ھہ/1711ع کان 1123ھہ/ 1711ع)
49. نواب شاڪر خان (1123ھہ/1711ع کان 1123ھہ/ 1712ع)
50. نواب مهين خان (ٻيو ڀيرو) (1123ھہ/1711ع کان 1124ھہ/ 1712ع)
51. نواب خواجہ محمد خليل (1124ھہ/1712ع کان 1124ھہ/ 1712ع)
52. نواب عطر خان (1124ھہ/1712ع کان 1125ھہ/1713ع )
53. نواب مير لطف علي خان (1125 ھہ/ 1713ع کان 1127ھہ/ 1715ع)
54. نواب اعظم خان (1127ھہ/1715ع کان 1131ھہ/ 1718ع)
55. نواب مهابت خان (1132ھہ/ 1719ع کان 1135ھہ/ 1722ع)
56. نواب سلطان محمود خان (1135ھہ /1722ع کان 1137ھہ/1724ع)
57. نواب سيف خان (1137ھہ /1724ع کان 1143ھہ/ 1730ع)
58. نواب دلير دل خان (1143ھہ/ 1730ع کان 1145ھہ/ 1732ع)
59. نواب همت دلير خان (ا1145 ھہ/1732ع کان 1149ھہ/1736ع )
60. نواب صادق علي خان (1149 ھہ/1736ع کان 1150ھہ/1737ع )
61. نواب خدا يار خان ميان نور محمد (1151ھہ/ 1738ع)
مغلن جو دؤر سنڌ لاءِ ڏاڍو نقصانڪار رهيو، نہ فقط انتظامي لحاظ سان، پر سياسي، سماجي ۽ معاشي لحاظ سان بہ هيءُ دؤر ڏاڍو ڪمزور ۽ بي فائده رهيو. جيڪي بہ گورنر آيا ٿي ۽ جيترو بہ وقت کين مليو ٿي تہ هنن ڦرلٽ ڪري فقط ملڪيت جي ميڙا چونڊ ٿي ڪئي. اهڙي ريت هڪڙا گورنر طور مقرر ٿي آيا تہ مٿان وري سندن معزولي جا حڪم ناما ٿي پهتا ۽ وري ٻيا ٿي آيا. حقيقت ۾ سنڌ ۾ هن تباهيءَ جي شروعات تہ ارغونن جي آمد سان ئي شروع ٿي ويئي هئي، جن حڪمرانيءَ جي حوس، دولت جي بک ۽ سفاڪ ذهينت جي ڪري سنڌ کي تباھہ ڪرڻ شروع ڪيو. ماڻهن جو قتل عام شروع ڪيو ۽ معاشي طور سنڌي کي تاراج ڪيو. انهيءَ دور ۾ زراعت ختم ٿي ويئي، چوپايو مال ارغونن جو کاڄ ٿي ويو. اهڙي طرح ترخان دؤر ۾ بہ ساڳي حالت رهي. ارغونن ۽ ترخانن جون حالتون لڳ ڀڳ هڪ جهڙيون ئي رهيون. سڄي سنڌ تي باھہ ٻري پئي هئي. هنن جي ڦر مار جي ڪري بازاريون، شهر، ڳوٺ، ٻنيون، ٻارا، وٿاڻ وغيرہ ويران ٿي ويا. صنعت، حرفت، فن، علم ۽ ادب تي ڄڻ تہ ڪاري رات جو گهيرو ٿي ويو هو. سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتون بگڙجڻ جي ڪري، هر طرف بدامنيءَ جو راڄ قائم ٿي چڪو هو. مغلن جي گورنريءَ واري دؤر ۾ حالت اڃان بہ وڌيڪ ابتر ٿي ويئي. ڇو تہ مغليه دؤر ۾ نہ فقط هر سرڪاري ننڍي وڏي عهدي لاءِ ماڻهو دهلي کان گهرايا ويندا هئا پر سڄي ملڪ جي پيداوار تي بہ انهن جو قبضو هوندو هو. هتي جي پيداوار مان فائدو وري دهليءَ وارا وٺندا هئا. عام ماڻهو ڌرتيءَ ڌڻي هوندي بہ نڌڻڪو هو ۽ سدائين ڏک ۽ ذلت واري زندگي پيو گهاريندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو