ٻارهن ربيع الاول: ماھہ ربيع الاول جا شروع وارا ڏينهن، جن جي لاءِ چيو ويندو آهي تہ حضرت نبي پاڪ صلي ﷲ عليہ وسلم جن انهن ڏينهن مان پهرئين ڏينهن تي يا ٻارهين تاريخ تي وفات ڪئي. ڪن عالمن جو چوڻ آهي تہ نبي سڳوري جن پهرين ربيع الاول تي وفات ڪئي، پر اڪثريت 12 ربيع الاول تي متفق آهي. انهيءَ نسبت سان سڄي مهيني کي پڻ ”ٻارهين وفات“ ڪري چوندا آهن. اهل تشيع وارا حضور صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي رحلت واري تاريخ 28 صفر کي مڃيندا آهن، ۽ تمام وڏي پيماني تي مجلسون ڪندا آهن ۽ ولادت 17- ربيع الاول تي ميلاد ڪري ملهائيندا آهن ۽ امام بارگاهن ۾ ميلادون ملهائيندا آهن .