ٻار ڄمڻ جون رسمون

ٻار ڄمڻ جون رسمون: سنڌ ۾ ٻار ڄمڻ کان اڳ گرڀوتي عورت جا کهنبا ڪيا ويندا آهن، جنهن کي ڪي ماڻهو ”گود ڀرائي“ به چون. اها رسم عام طرح گرڀ جي ستين مهيني ۾ ڇوڪريءَ جا مائٽ ڪندا آهن. ٻار ڄمڻ کان پوءِ جون ريتون رسمون تمام گهڻيون آهن. جن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿيون: عموماً ٻار ڄڻيندڙ عورت جو پهريون ويم سندس مائٽن (پيڪن) جي گهر ٿيندو آهي ۽ ان حوالي سان ويم جو سمورو خرچ به ان جي مائٽن کي برداشت ڪرڻو پوندو آهي. ٻار جي پيدائش کان پوءِ، مختلف خاندان پنهنجي حيثيت آهر مٺائي ورهائي، ڳائي وڄائي، خوشي ملهائيندا آهن. قبل از تاريخ مادر شاهي نظام کان پوءِ آيل پدر شاهي نظام جي نتيجي ۾ افرادي قوت لاءِ ڇوڪرن يا مردن جي ضرورت جي پيش نظر آيل رسمن موجب ڌيءُ جي ڄمڻ کان، پُٽ جي پيدائش کي ترجيح ڏني ويندي آهي. ڪِن جاهل خاندانن ۾ ته ڌيءَ جي ڄمڻ کي ناپسند ڪيو ويندو آهي. بهرحال ڪي سڄاڻ خاندان نياڻيءَ جي ڄمڻ کي رحمت به سمجهندا آهن.ويم جي ٻئي ڏينهن کان ڇهن ڏينهن تائين، ٻار ڄڻيندڙ عورت جون مائٽياڻيون کير کڻي ساڻس ملڻ اينديون آهن. ٻار جي ڄمڻ تي عام طور لڏون ورهايا ويندا آهن، اڪثر ڳوٺن ۾، خاص طور پُٽ جي ڄمڻ تي رنگ جي راند به کيڏي ويندي آهي، جنهن ۾ هئڊو ۽ گلابي رنگ پُسائي، مِٽن مائٽن جي ڪپڙن تي هاريو ويندو آهي. مسلمانن ۾ ساٺن سڳڻن کان پوءِ مسجد جو مولوي، عالم يا ڪو بزرگ گهرائي، ٻار جو نالو رکيو ويندو آهي. اهو مولوي مختلف ڪتابن مان نالو چونڊ ڪندو آهي، يا ابجد جي انگن مطابق نالو ڪڍندو آهي. ڇهين ڏينهن ”ڇٺي“ ڪندا آهن، جنهن ۾ ٻار کي ۽ ويجهن شريڪ مائٽن جي ڪرائيءَ تي ڪارو ڌاڳو ٻڌو ويندو آهي. عام سنڌي سماج وانگر سنڌي هندن ۾ به ڇوڪري ڄمڻ جي وڌيڪ خوشي ڪندا آهن ۽ ڇٽي پڻ ٿيندي آهي. ڌيءُ ڄمڻ تي ناراض ڪونه ٿين، بلڪ چون ته ”ڌيئون پنهنجو ڀاڳ پاڻ سان کڻي اينديون آهن .“ البت غريب گهر ۾ ڌيءَ ڄمڻ تي گهڻي خوشي ڪونه ڪن، ڇو ته ڌيءَ جي هوندي غريبن لاءِ ڏاج ڏيوڻ مسئلو ٿي پوندو آهي. هندن ۾ ٻار کي نائين ڏينهن نالو ڏبو آهي ۽ ان ڏينهن ٻار جي ڪن ۾ نياڻي ڌرمي اشلوڪ پڙهندي آهي. اها ڀيڻ به ٿي سگهي ۽ پڦي به ٿي سگهي ٿي. اڪثر ڳوٺن ۾ نظر لڳڻ جي ڀؤ کان ٻار تي ڪنهن وڻ ٽڻ يا ميوي جو نالو پڻ رکندا آهن .
ٻار کي جنهن ڪپڙي ۾ ٻڌو ويندو آهي، اُن کي تنجڻ يا تنجڻو چئبو آهي. اتر پاسي ان کي ’ٻنڌڻ‘ به چون. ٻار کي تنجڻ ۾ ٻڌڻ جو مقصد اهو هوندو آهي ته جيئن ٻار جون ڄنگهون ۽ ٻانهون سِڌيون رهن ۽ ٻار ڇرڪ نه ڀري ۽ پاڻ کي محفوظ سمجهي. ڏاڏي، ناني يا گهر جي ٻي ڪا وڏڙي ٻارڙي لاءِ، پراڻن ڪپڙن مان رلڪا، ننڍڙا وهاڻا ۽ منهن رکي ٺاهيندي آهي. منهن رکي ڪاٺ جي به ٿئي ته مٽيءَ جي به. ڳوٺن ۾ ته گهڻو ڪري مٽيءَ جي منهن رکڻي ٺاهي، ان ۾ ٻه ڪاٺيون يا ڪانا وجهي ٻار جي مٿي کان رکي ڇڏين، ۽ اُن تي رئو يا ڪپڙو وجهي ٻار کي مکين، مڇرن وغيره کان بچايو ويندو آهي. ٻار جي مٿي ويهارڻ لاءِ ٺڪر جي ڍڪڻي يا ڍڪڻ ڪتب آندا ويندا آهن. نرڙ کي سنوت ۾ آڻڻ، چپن کي ننڍڙو ۽ سهڻو ڪرڻ ۽ نڪ جي چوٽيءَ وڌائڻ لاءِ ٻار کي وهنجارڻ کان اڳ آڍيو ويندو آهي. ٻار کي نظر کان بچائڻ لاءِ منهن تي ڪجل يا سُرمي سان ڪارو ليڪو پڻ ڪڍيو ويندو آهي. ماءُ جي ٿڃ کان سواءِ ٻار کي چاٽو ۽ دُڪو پڻ کارايو ويندو آهي. چاٽي ۾ مصري گهوٽيل هوندي آهي، جنهن ۾ ننڍو ڦوٽو، ڦودني جي ٽڪي، ڪاري مرچ جي ٻُرڪَ يا وري ڪا ٻي سُتي وِڌي ويندي آهي. اڪثر ڳوٺن ۾ ٻار کي ڄمڻ وقت آڱر تي ڳڙ يا ماکي رکي چٽائي ويندي آهي. ان حوالي سان چوندا آهن، ته اُها مٺي شيءِ جهڙي به ٻار کي کارائبي وڏي هوندي ٻار به ان جهڙو ٿيندو. انهيءَ عمل کي ”نُک ڏيڻ“ به چون. نُک اڪثر دائي ڏيندي آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو