ٻانڌڻو

ٻانڌڻو: عورت جي اوڍڻ جي ڇريل يا ڀرت ڀريل چادر، سنڌ ۾ ڪپڙي جي رڱاوت جو ڪم ھزارين سالن کان ھلندو ٿو اچي. موھن جي دڙي ۽ ٻين قديمي شھرن جي کوٽائيءَ مان به معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ ڪپڙي رڱڻ جو ھنر اوج تي پھتل ھو.
رڱاوت جا ٽي قسم آھن: ھڪڙو رڱڻ، ٻيو ڇرڻ ۽ ٽيون ”ٻانڌ“ جنھن کي ”ٻانڌڻو“ چئبو آھي. رڱاوت ۽ ڇر جي ڪم کان ”ٻانڌ“ يا ”ٻانڌڻي“ جو ڪم نھايت پيچيدو ۽ محنت طلب آھي. ھن ڪم جو تفصيل ھن ريت آھي: پھريائين بافتي کي ڌوئي صاف ڪري سڪائبو آھي، ان کان پوءِ ڪپڙي کي سوڍا ۽ ايرينڊيءَ جي تيل ۾ چار دفعا ٻوڙبو آهي، بعد ۾ ڪپڙي کي سڪائي وري صاف پاڻيءَ سان ڌوئبو آھي ته جيئن ڪپڙي مان سوڍا، تيل ۽ ڪلف نڪري وڃي ۽ باقي صاف نرم ڪپڙو وڃي بچي. ان کان پوءِ اھو ڪپڙو ڦٽڪي مليل پاڻيءَ ۾ سڄي رات پسائي ڇڏبو آھي ۽ صبح جو وري ڪپڙو ڌوئي سڪائبو آھي. اھڙي عمل کان پوءِ ڪپڙو بلڪل ملائم ٿي ويندو آھي، جنھنڪري ان تي ”ڀينڊيون“ آسانيءَ سان ٻڌي سگھبيون آھن ۽ رنگ به چڱيءَ طرح چڙھي سگھندو آھي، ان کان پوءِ ڪپڙي تي ڊزائين مطابق گلابي رنگ ۾ ٻڌل ڌاڳي سان ليڪا ڪڍبا آھن ۽ ڀينڊيون ٻڌبيون آھن. ڀينڊين ٻڌڻ جو ڪم خاص ڪري عورتون ڪنديون آھن. آسانيءَ خاطر پين جي ڍڪ وچان، جيڪو نلڪيءَ وارو حصو ھوندو آھي، ان مان ڌاڳو لنگھائي، چپٽيءَ ۾ جھليل ڪپڙي کي ڌاڳو ويڙھبو آھي. ڀينڊي ٻڌڻ کان پوءِ ڪپڙو رنگ ڏيڻ لائق ٿي ويندو آھي. رڱڻ لاءِ پھريائين رنگ کي پاڻيءَ ۾ چڱيءَ طرح ڳاري، پوءِ ڀينڊيءَ ٻڌل ڪپڙا بٺيءَ ۾ ٻوڙيا ويندا آھن، ان بعد بٺيءَ جي ھيٺان باهه ٻاريندا آھن، جيئن جيئن باهه تيز ٿيندي ويندي، تيئن تيئن ڪپڙو آھستي آھستي رنگ کڻندو ويندو آھي. پاڻي ٽھڪڻ لڳندو ته سمجھبو ته ڪپڙو رنگ کڻي چڪو آھي. پوءِ ڪپڙو بٺيءَ مان ٻاھر ڪڍي سڪائيندا آھن ۽ نٿ سان ڀينڊيون کوليندا آھن، وري به ڪپڙي کي ڌوئي سڪائيندا آھن ته جيئن رنگ جا ڪچا داغ لھي وڃن، اڄڪلهه جي طلب مطابق ٻانڌڻي کي ”ڪينجھو“ ڏيندا آھن، يعني زيبائش لاءِ پيلو ۽ سائو رنگ ڏيندا آھن. ايليزر ڳاڙھو رنگ ھوندو آھي، سو ڳاڙھا ٻانڌڻا خودبخود رڱجي ويندا آھن، ليڪن ڪاري ٻانڌڻي کي وري نير ۾ ٻوڙيندا آھن، جيڪڏھن ڪارو ۽ ڳاڙھو ٻئي رنگ ڏيڻا ھوندا آھن ته نير ۾ ٻوڙڻ کان اڳ ڳاڙھي ٽڪري ڪرڻ لاءِ پڻ ڀينڊي ٻڌندا آھن. ٻانڌڻي جا خاص قسم ھوندا آھن: (1) ڳاڙھو (2) ڪارو، ٻنڌ جي لحاظ کان ٽي نمونا ھوندا آھن، يعني ٻانڌڻو سڄو ڳاڙھو ۽ ڀينڊي اڇي ٿيندي. ھن ٻانڌڻي جو وچ ڳاڙھو ۽ ڪناريون ڪاريون ٿينديون ۽ ڀينڊي ساڳي سفيد ٿيندي، ٻانڌڻن جا نالا جدا جدا ڊزائين جي لحاظ کان رکيا ويندا آھن، جيئن ته:
کينو: تر ڳاڙھو ۽ چونڪڙي ڀينڊين ذريعي اڇي ٿيندي.
لال ڇت: تر ڳاڙھو، جنھن ۾ ھڪ ٽڪنڊو ۽ ھڪ چؤڪنڊو گل بيٺل ھوندو آھي. ڀينڊي اڇي ٿيندي آھي. سھڻائيءَ جي لحاظ سان نه رڳو اڇي، بلڪ سائي ۽ پيلي رنگ سان به سھڻي لڳندي آھي.
لڏون: ھن ٻانڌڻي جو تر ڪاري رنگ تي ھوندو آھي، چوڪڙيءَ تي گل جو نمونو ٺاھيل ھوندو آھي.
موجوده وقت ۾ ٻانڌڻي (ڪپڙي) مان چنيون، ريٽا، پڙا ۽ پيٽيون وغيره تيار ڪيون وينديون آھن. ھن وقت عمرڪوٽ، کپرو، ڇاڇرو، غلام نبي شاهه، نئون ڇور، مٺي، ھٿونگو ۽ ٽنڊو محمد خان، ٻانڌڻي جي ھنر کان مشھور شھر آھن .


لفظ ٻانڌڻوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو