ٻوٽن وارا چِٽ: سنڌ جي دڙن، ڀڙن ۽ آثار قديمہ مان ٺڪر جا اھڙا ٿانءَ مليا آھن، جن تي ٻوٽن واري چٽسالي ٿيل آھي. چٽيل ٺڪرن جو وڏو انگ اھڙي چٽساليءَ سان تعلق رکي ٿو. جنھن جو اوڀڙ واري سنسار سان لاڳاپو آھي. تير جي اڻيءَ جهڙي ٻوٽي جي چٽسالي پڻ ڏسي سگهجي ٿي، جنھن م ھڪ وڻ يا ٻوٽي کي پنن کان سواءِ لامن سان چٽيو ويو آھي. پن جي ڏانڊيءَ وارو حصو ونگو آھي، جنھن تي ڪان (تير) چٽساليءَ جي علامت سان چٽو ڪيو ويو آھي. انھن چٽسالين ۾ لامن کي سڌين ۽ اڀين ليڪن ۾ ظاھر ڪيو ويو آھي. پپر جي ھڪ وڻندڙ چٽسالي بہ آھي، ان جا پن بہ واضح آھن، جيڪي ورين ۽ ونگن سان گڏيل آھن. جيئن اسان ’لوھم جي دڙي‘ ۾ بہ ڏسي سگهون ٿا. ھوبھو اھڙا چٽ داٻڙ ڪوٽ (اتر بلوچستان) مان بہ مليا آھن. کجيءَ جي چٽسالي بہ ڏسي سگهون ٿا. کجين جا ڦرھا چٽيءَ ريت چٽيل آھن، انھن ڦرھن کي عالمن جي راءِ موجب ’ڦڻي ڏند‘ جهڙي چٽ ۾ چٽو ڪيو ويو آھي. اھڙو نمونو پوري چٽ جي اڻھوند ڪري آھي. ٻہ - نوڪي پن وارو ٻوٽو پڻ پڌرو آھي. اھڙا پن ھڪ ٻئي کي ڇيڙن وٽ ڇھن ٿا. اھي پن گهرين ۾ چٽيل آھن ۽ اھي داٻڙ ڪوٽ مان لڌل چٽساليءَ سان ڀيٽ آھن. اھڙا اڪيلا اڪيلا ٻہ- نوڪا پن گهرين ۾ ٽڪايل آھن، تن جي پاسن تي چوڪڙيون رکيون ويون آھن. اھڙا پن اڀيچي طرز تي نانگ وڪڙ ليڪن سان ٻيگهڙ تي رکيل آھن. ڪٿي ھڪ ٽٻڪي جي چوڌاري گول دائرن ۾ اوڀڙ جي چٽسالي آھي. ان جو چٽ لڳ ڀڳ ڪوريئڙي جي ڄار جهڙو آھي. ٻي طرز بہ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. جنھن ۾ ٽٻڪي جي چوڌاري گول دائرو آھي ۽ ان جي گول دائري جي چوڌاري ڦلڙيون آھن. ائين معلوم ٿئي ٿو تہ ھيءَ چٽسالي گل جو چٽ ڏيکاري ٿي. اھڙا چٽ ٽھڻي ۽ شاھہ حسڻ وارن ماڳن تي ٿانون تي ملن ٿا، اھو چٽ چٽساليءَ جي مرڪزي حيثيت رکي ٿو. ان جي چٽسالي مانڌاڻيءَ جيان جافريءَ سان ڀريل آھي ۽ چٽ مانڌاڻيءَ جي ٻانھن جي وچ تي رکيل آھي. ھن قسم جي اوڀڙ جو چٽ گهريءَ ۾ ٽڪيل آھي. ٻيءَ گهريءَ ۾ ٻہ- نوڪو اڪيلو پن آھي. ھن چٽساليءَ سان واسطو رکندڙ نمونو موجود آھي، جنھن ۾ پنن سان ھڪ سڌو سنئون ٻوٽو آھي. گهڻو ڪري اھڙي چٽساليءَ جھڙا نمونا موھن جي دڙي وارن چٽيل ٿانون تي موجود آھن .