ٻيرِ: ٻير ھڪ عام مشھور وڻ آھي، جيڪو سڄيءَ سنڌ ۾ ٿيندو آھي. ھن وڻ جو ڦر ”ٻير“ آھي، جيڪو ميوي طور استعمال ٿيندو آھي. ماڻھو ٻيرين جا باغ به لڳائيندا آھن، ھن وڻ جي ڪاٺي گھڻي قدر ٻارڻ جي ڪم ايندي آھي. ٻير جي وڻ جي ٽارين ۾ ڪنڊا تمام گھڻا ٿيندا آھن، جيڪي طوطي جي چھنب وانگر مڙيل ٿيندا آھن. ٻير ۾ ڪپڙو يا ڪا شيءِ اٽڪي ته اھا مشڪل سان ڇڏائي سگھبي آھي، تنھنڪري ”ٻير جي ڍنگھريءَ ۾ ڦاسي پوڻ“ وارو اصطلاح عام آھي. سنڌ ۾ ٻيرين جا ٽي قسم ٿيندا آھن (1) سنڌي ٻير (2) صوفي ٻير ۽ (3) ڄاڱري ٻير، جنھن کي ڇاپرو ٻير به چون .
ٻيريون مال لاءِ چارو ۽ ماڻھن لاءِ ميوو پيدا ڪن ٿيون، صوفڻ ٻيريون قلمي ٿينديون آھن، ان کان سواءِ ”آمڻ ٻيريون“ به ٿين، جيڪي عام طور گھرن ۾ پوکيون وينديون آھن، ماڻھو خاص ڪري ڄاڱريون يا جھنگلي ٻيريون وڍي، ان جا پن ڇاڻي، گھرن ۾ رکندا آھن، جن کي پلؤ به چيو ويندو آھي، اھو پلؤ چوپائي مال جي کاڌي طور استعمال ٿيندو آھي، ٻيرين جي ڍنگھرين مان ماڻھو گھرن جا لوڙھا ٺاھيندا آھن، ڄاڱرين ٻيرين ۾ ٻير ننڍا، سنھا ۽ ذائقيدار ٿين ٿا. اڄ ڪلهه جھنگلي ٻيرين کي قلم لڳائي، صوفي ٻير تيار ڪيا ويندا آھن. ٻير جو وڻ انسانن توڙي جانورن لاءِ وڏو ڪارائتو وڻ آھي. لوڪ يا گهريلو ٽوٽڪو آهي ته ٻير جي پنن کي پيھي زخمن تي ٻڌڻ سان انھن جو گند سڪي وڃي ٿو. ھن وڻ جي ٽاري، ٻڪريون شوق سان کائينديون آھن. ٻير جي وڻ جي ڪاٺيءَ مان کٽن جا اوپرا ۽ اِيسون (سيرون ۽ ٻانھيون) ٺاھيندا آھن. ٻير جي وڻ ۾ ويٺل ماکي، کاڄ (ماکي) گھڻو ٺاھيندي آھي .
’ ٻير‘ جي وڻ جو ميوو يا ڦر ’ٻيرُ‘ سڏبو آهي. ٻيرن جي قسمن مان ’سنڌي ٻير‘ ۽ ’مکڻ ٻير‘ کائڻ ۾ تمام نرم ۽ لذيذ ٿين ٿا، صوفي ٻير ننڍن سنڌي صوفن جيڏا بيضوي شڪل جا ٿين ٿا. منجھن کير جھڙو اڇو رس ٿئي ٿو، ڄاڱري يا ڇاپرو ٻيريون فقط سنڌ جي جابلو ايراضيءَ ۾ ٿين ٿيون. هنن جا ٻير ننڍڙا ۽ چوپ ڳاڙھا ٿين ٿا. ڇاپرو ٻيرن جا وڻ (ٻوٽا) تمام ننڍا ٿين ٿا. ھنن وڻن جو نسل جابلو ايراضيءَ جي ڪري ننڍي قد جو ٿئي ٿو. مڪلي ٽڪريءَ تي ڇاپرو ٻير جا وڻ ٻه فوٽ کن ڊگھا ٿيندا آھن، پر ڪوٽڏيجيءَ جي پھاڙي ايراضيءَ ۾ ڄاڱري ٻير جا وڻ ستن اٺن فوٽن جا ٿيندا آھن. ٻير جو ڦر، مارچ ۽ اپريل مھينن ۾ پچي تيار ٿيندو آھي، ڪن ھنڌن تي فيبروريءَ ۾ به فصل لھندو آھي، ٻير سستا ھجڻ جي باوجود غذائيت سان ڀرپور آھن. ٻيرن جو رنگ سائو، ڳاڙھو ۽ پيلو ٿيندو آھي. سواد ۾ مٺا ۽ ترش ٿيندا آھن ۽ ميوي طور استعمال ٿيندا آھن .
سنڌ ۾ ٻيرن کي سُڪائي ھارن وانگر پوئي رکندا آھن، جيڪي پوءِ ضرورت وقت ڏٿ طور استعمال ڪندا آھن، سڪل ٻيرن کي ”ڪوڪڙ“ يا ڪوڪڙا ٻير يا ”ڪوڪلا“ چوندا آھن. حڪيمن جي چوڻ موجب ٻير جا پن گھوٽي پيارجن ته پيٽ جا ڪيڙا مري ويندا ۽ جگر ۽ آنڊي جي ڦٽن کي فائدو ٿيندو. ٻير قبضي به پيدا ڪندا آھن، جابلو ٻيرن کي سڪائي ۽ ڪٽي رکڻ ۽ پوءِ گڙدي جي سور يا پيٽ جي سور لاءِ ڦڪي ھڻڻ سان فائدو ٿيندو آھي .
ھيءُ فصل دنيا جي گھڻن ملڪن ۾ ٿيندو آھي، چين ۾ تمام گھڻو پوکيو وڃي ٿو، اتي جيڪي جنسون پوکيون وڃن ٿيون انھن ۾ ڪي اھڙيون جنسون به آھن، جن ۾ ٻج نه ٿيندو آهي. سنڌ ۾ ٻيرن جو فصل حيدرآباد ۽ خيرپور ضلعن جو ڪامياب ميوو آھي، سنڌ ۾ ٣٠ سال اڳ ۾ صرف ديسي ۽ جھنگلي جنسن جا ٻير ٿيندا ھئا، جن مان ميوو صرف مارچ مھيني ۾ ملندو ھو. ھاڻي اھڙيون جنسون به متعارف ٿيون آھن، جن جو ميوو ھڪ مھيني بدران ٥ مھينن (ڊسمبر کان اپريل) تائين ملي ٿو. سنڌ ۾ ٻيرن جو ھيٺيون بھتر جنسون آھن:
آڳاٽو گولو: ھي ٻير وڏا ٿيندا آھن ۽ مٺاڻ ۾ ڪجهه گھٽ ھوندا آھن. ھي جنس ٻين جنسن جي ڀيٽ ۾ گھٽ پيداوار ڏئي ٿي .
پاڇاٽو گولو: ھي جنس تمام سٺين جنسن ۾ شمار ٿئي ٿي. ھن ۾ مٺاڻ گھڻو ھوندو آھي، انھن خاصيتن جي ڪري ھي ٻير ڏيساور ڏانھن موڪليا وڃن ٿا .
اڇو گولو: ھن جنس جي خاصيت پاڇاٽي گولي جھڙي آھي، پر ھن جي پيداوار ڪجهه گھٽ آھي. ان سان گڏوگڏ ھنن ٻيرن جو مٿاڇرو اڇو ۽ لسو ڏسڻ ۾ ايندو آھي .
صوفي: ھيءَ جنس ٻيرن جي ٻين جنسن کان وڌيڪ مٺاڻ ۽ بھتر ذائقي واري آھي. ھيءَ جنس جڏھن پچڻ تي ايندي آھي ته ان جو رنگ سونھري ٿي پوندو آھي. پيداوار جي لحاظ کان وچولي آھي .
کيرول: ھيءَ جنس پيداوار جي لحاظ کان بھتر جنس آھي، ان جا ٻير وڏا گول ٿيندا آھن پر گولا جنس کان ننڍا ٿيندا آھن، ھي ٻير ٻاھرين ملڪن ڏانھن به موڪليا وڃن ٿا. ھن جنس جي اھا خاصيت آھي ته وڻن کي لوڏبو يا ڌوڻبو ته پڪل ٻير اچي پٽ تي پوندا. 98 سيڪڙو زميندار ٻيرين جون مختلف جنسون پوکين ٿا، جن تي ٻيرين جي ماھرن جو ڪو به ڌيان نه آھي. ٻيرن جي نئين باغ لڳائڻ لاءِ اھو ضروري آھي ته ڪنھن ماھر جي نگرانيءَ ۾ بھتر چڪيون لڳايون وڃن، جيڪي جيتن ۽ بيمارين کان قوت مدافعت رکندڙ ۽ بھتر پيداوار ڏيندڙ ھجن .