مڇي

مڇي

ٽرائوٽ

ٽرائوٽ(Trout):مڇيءَ جو قسم جيڪو اصل برطانيہ جو آهي. پر ان کي پاڪستان جي مختلف ڍنڍن ۽ تلائن ۾ وجهي ان جي پرورش ڪئي وئي آهي. سڄي دنيا ۾ سندس کائڻ واري لذت مشھور آهي. ٽرائوٽ مڇي جي مٿين ۽ پوين پر-پنکڙن تي ڳاڙها ۽ ڪارا ٽڪڙا ٿين ٿا. ڪرنگهي واري لڪير جي هيٺان بہ ڪارڙا ٽڪڙا موجود هوندا آهن. جسم جي هيٺئين حصي جو رنگ خاڪستري هوندو آهي. هن جو جسم ننڍو مگر مضبوط ٿئي. ٻوري ڇاڻڻ جي مند ۾ نر ۽ مادي سڃاپجي سگهندا آهن؛ عام حالت ۾ سڃاڻڻ محال آهي. هونئن نر ٽرائوٽ جي وات جو مٿيون چپ ڪجهہ ٻاهر نڪتل هوندو آهي, ليڪن مادي جو وات ائين ڪونه هوندو آهي. نر جو رنگ زياده گهرو هوندو آهي ۽ ماديءَ جو رنگ چمڪيدار ٿئي ٿو. ٻن سالن جي عمر ۾ ٻوري ڪري ٿي انهي وقت سندس ڊيگهه ڪا اٺ انچ کن هوندي آهي. پر چئن کان ڇھن سالن واري هيءَ مڇي افزائش ۾ بھترين نتيجا ڏئي ٿي. آنن لاهڻ جو وقت ڊسمبر کان فيبروري اٿس. هيءَ مڇي عمر ۽ لمبائي جي لحاظ سان هڪ ئي وقت ٽن سون کان پندرهن سو آنا لاهيندي آهي. جيڪي عام مڇي جي آنن کان ڪجهہ وڏا، هڪ انچ جي ڇهين حصي برابر هوندا آهن. تن جو رنگ زردي مائل يا هلڪو ڳاڙهيسرو ٿيندو آهي. هيءَ مڇي پاڻي ۾ ڪنارن وٽ پٿرن جي اندر کڏو ڪري آني لاهي انهن کي واريءَ سان ڍڪي ڇڏيندي آهي. جيڪي چاليهن کان ستر ڏينهن جي اندر ڦٽي نڪرندا آهن. برصغير ۾ هن مڇي جا ٻچا پهريون ڀيرو 1870ع ۾ نيل گري جي جابلو چشمن ۽ ندين ۾ وڌايا ويا هئا. مڇي پالنا واري کاتي طرفان ڪنهار ندي جي 35 ميل جي پٿر کان 84 ميل جي پٿر تائين هن مڇي کي پاليو وڃي ٿو ۽ رک ڪئي وڃي ٿي.


لفظ ٽرائوٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو