آڏواڻي، ٽلومل

آڏواڻي، ٽلومل

ٽلومل آڏواڻي

آڏواڻي '>ٽلومل آڏواڻي : ڊي. جي سنڌ ڪاليج، ڪراچيءَ جي اڳوڻي پرنسپال ٽِلو مل مينگهراج آڏواڻيءَ 26 مارچ 1889ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي جون ڊگريون حاصل ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد تدريسي ميدان ۾ آيو ۽ علمي قابليت جي آڌار تي جلد ئي ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ جو پرنسپال مقرر ٿيو. ورهاڱي کانپوءِ هندستان لڏي ويو ۽ بمبئيءَ جي چرچ گيٽ ريلوي اسٽيشن ويجهو جئہ هند ڪاليج ۽ بسنت سنگهہ انسٽيٽيوٽ آف سائنس جو بنياد وڌائين. هن ڪاليج جو بنيادي مقصد سنڌ مان لڏي ايندڙ سنڌي شاگردن کي تعليمي سهولتون فراهم ڪرڻ هو. ان ڏس ۾ ٽي. ايم آڏواڻي ۽ سندس ٻين ساٿين سنڌ ايجوڪيشنسٽ ائسوسيئيشن (Sindh Educationist’s Association) قائم ڪئي، جنهن تحت ڪاليج جي قيام لاءِ ڪوششون ورتيون ويون. ڪاليج جي تعميراتي لاڳت ان وقت تقريباً ڏھہ لک روپيا بيٺي، جنهن لاءِ هن ذاتي ۽ سرڪاري سطح تي ڪوششون ورتيون. انهيءَ سلسلي ۾ سندس ٻين ساٿين: پروفيسر رام پنجواڻي، پروفيسر جي. جي ڪيولراماڻي ۽ پروفيسر ٽي. جي خوبچنداڻيءَ تمام گهڻو سهڪار ڪيو. جون 1952ع ڌاري، جئہ هند ڪاليج ۾ تدريسي عمل جو آغاز ٿيو تہ هي ڪاليج جو پرنسپال ۽ ڊاڪٽر ايس راڌا ڪرشن وائس پرنسپال مقرر ٿيو. ورهاڱي کانپوءِ جي ڏکين حالتن ۾ هيءُ پنھنجي نوعيت جو پهريون ۽ بھترين تعليمي نظام جي صورت ۾ مثالي ڪاليج هو. ٽي. ايم آڏواڻيءَ جي علمي خدمتن عيوض کيس هندستان جي سياستدانن ۽ ساڃاھہ وندن طرفان گهڻو ساراهيو ويو, کيس 1957ع ڌاري بمبئي يونيورسٽيءَ جي وائس چانسلر جي اهم عهدي تي فائز ڪيو ويو. بمبئي يونيورسٽي مان سندس مدي پوري ٿيڻ بعد يونيورسٽي آف ڄمون اينڊ ڪشمير جو وائس چانسلر مقرر ڪيو ويو. ان کان سواءِ هي تعليمي وزارت جي ٻين مختلف عهدن تي پڻ فائز رهيو. سندس شاگرد کيس عالم، دوست ۽ رهنما سمجهندا هئا. سندس وفات 28 ڊسمبر 1967ع تي ڀارت ۾ ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1889.03.26  عيسوي

ٽِلو مل مينگهراج آڏواڻيءَ 26 مارچ 1889ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.


1967.12.28  عيسوي

ٽلومل آڏواڻي جي وفات 28 ڊسمبر 1967ع تي ڀارت ۾ ٿي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
ايوب فقير
چيٽو مل
جوش مليح آبادي
جتوئي اظهر
حاجي شاد راڄڙ
دسرت راجا
شمني
ڀٽو مولا بخش مسڪين
سيد صالح محمد شاھہ1
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون