ٽماٽو (Tomato ):ٽماٽي جو اصل وطن آمريڪا جا خشڪ علائقا آهن. جتان هي فصل دنيا جي ٻين ملڪن ڏانهن پکڙيو. برصغير ۾ هن فصل جي شروعات اڻويهين صديءَ ۾ ٿي. هن فصل جي پوک پاڪستان جي ٻين صوبن سان گڏوگڏ سنڌ ۾ بہ وڏي پيماني تي ڪئي وڃي ٿي. بدين ضلعو ٽماٽي جي پيداوار ۾ اڳڀرو رهيو آهي. هن فصل جو شمار نفعي بخش فصلن ۾ ٿئي ٿو. ٽماٽي جي آڳاٽي فصل مان تمام گهڻو ناڻو ڪمائجي ٿو. هن فصل جي غذائي اهميت بہ تمام گهڻي آهي. جنهن ۾ وٽامنس اي، بي ۽ سي سان گڏوگڏ معدني جزا جھڙوڪ لوڻ، لوھہ، چن ۽ فاسفورس گهڻي مقدار ۾ ٿين ٿا. تنهن ڪري ٽماٽا انسان جي صحت برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ٽماٽن جو استعمال گهڻن ئي نمونن سان وڏي پيماني تي ٿئي ٿو. ٽماٽا مڇيءَ، گوشت ۽ ٻين ساين ڀاڄين ۾ کٽاڻ ۽ ذائقي وڌائڻ لاءِ، استعمال ٿين ٿا. جڏهن تہ ٽماٽا وڏي پيماني تي ڪچي کاڌي ۾ جھڙوڪ سلاد طور بہ واپرايا وڃن ٿا. ٽماٽن کي مختلف نمونن ۽ طريقن سان محفوظ ڪري پڻ رکيو ويندو آهي. جنهن ۾ ٽماٽن جي چٽڻي، ڪيچپ، جوس، مربو ۽ پيسٽ شامل آهن. انهن کي ضرورت تي استعمال ڪري سگهجي ٿو.
آبهوا: هي فصل وچولي آبهوا ۾ سٺو ٿئي ٿو. هي فصل تمام گهڻي گرمي ۽ نہ ئي تمام گهڻي سردي برداشت ڪرڻ جي قوت رکي ٿو، ٽماٽن جي فصل کي سرد هوائن ۽ پاري کان بچائڻ لاءِ ضروري آهي تہ ان کي ڍڪجي. ڍڪجڻ سان ٻوٽا سرد هوائن کان بچن ٿا. ڇاڪاڻ تہ سرد هوائون ۽ پارو پڻ هن فصل جي واڌ ويجهہ ۽ ميوي جي خاصيت تي اثر ڪن ٿا.
ٻج جو مقدار ۽ ٻيجاري جي تياري: ٽماٽي جي پوکي واسطي هڪ ايڪڙ زمين لاءِ اٽڪل ستن کان ڏھہ هزار ٻوٽن جي ضرورت پوي ٿي. جيئن تہ ٽماٽن جو ٻج تمام سنهون ۽ هلڪو ٿئي ٿو. ٽماٽي جي آڳاٽي فصل لاءِ 100 کان 150 گرام ۽ پاڇاٽي فصل لاءِ 150 کان 200 گرام ٻج پوکڻ سان هڪ ايڪڙ لاءِ ٻيجارو تيار ٿي وڃي ٿو. اٽڪل 250 کان 300 گرام ٻج مان هڪ ايڪڙ لاءِ گهربل ٻيجارو تيار ٿي ملي ٿو. ٻيجاري پوکڻ کان اڳ زمين کي ڪوڏر يا هر سان اونهي گڏ ڪڍجي. گڏ يا کوٽڻ کان بعد ڀتر وغيرہ ڀڃي ٻن ٻن چورس فوٽن جون ٻاريون ٺاهجن. ٻارين ۾ ڳريل ۽ سڙيل وٿاڻ جو ڀاڻ ضرورت آهر وجهي ڪوڏر سان ملائجي. ڀاڻ ملائڻ بعد ٻارين کي رک (ڇار) ملائي ٻج پوکڻ گهرجي. جيڪڏهن خاڪ يا رک موجود نہ هجي تہ گند ڪچرو ۽ ڪک ڪانا گڏ ڪري ٻارين جي مٿان رکي ان کي باھہ ڏجي تہ جيئن رک تيار ٿئي. ان بعد ٻج کي هٿ سان ٻارين جي مٿان رکي ان کي باھہ ڏجي تہ جيئن رک تيار ٿئي. ان بعد ٻج کي هٿ سان ٻارين ۾ ڇٽي مٿان مٽيءَ جو سنهون تھہ چاڙهجي. ٻارين کي سڪل ڪکن وغيرہ سان ڍڪي ڦوهاري جي مدد سان پاڻي ڏجي. ٻج جي ڄمڻ تائين ڦوهاري سان پاڻي ڏيندو رهجي. ٻج جي ڄمڻ بعد ان کي ٻئي يا ٽئين ڏينهن تي ضرورت آهر پاڻي ڏيندو رهجي. ٻاريون ڪوشش ڪري زمين جي سطح کان ٻہ يا ٽي انچ مٿي ٺاهجن. تہ جيئن ٻيجاري مان گهڻي پاڻي يا برساتن جي وڌيڪ پاڻي کي ڪڍي سگهجي.
جنسون: ٽماٽي جي وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ جنسن مان روما، ايس آر ٽو، ٽي 10، وڪٽر پي لانگ (زيتوني)، سپر، مني ميڪر، مارگلوب، گرنٽا، رٽگرس ۽ ديسي لوڪل جنس وغيرہ پوک هيٺ اچن ٿا.
پوکيءَ جو وقت ۽ طريقو: ٽماٽن جي آڳاٽي فصل پوکڻ لاءِ ٻيجارو جون ۽ جولاءِ يا آگسٽ جي مهينن ۾ پوکيو ويندو آهي ۽ رونبو آگسٽ جي مهيني ۾ شروع ڪيو ويندو آهي ۽ سيپٽمبر تائين جاري رهندو آهي. آڳاٽو فصل فقط سنڌ جي ڏاکڻي علائقي ۾ ڪاميابيءَ سان پوکي سگهجي ٿو. هي فصل وچولي ۽ اترين سنڌ ۾ گهڻي گرمي ڪري سٺو نٿو ٿئي. جيئن تہ جون ۽ جولاءِ جي مهينن ۾ گرمي گهڻي ٿئي ٿي. ٻيجاري کي گرميءَ کان بچائڻ لاءِ ٻارين جي مٿان ڪک ڪانن ذريعي ڍڪجي. ٽماٽي جو ٻيجارو ڇھن هفتن اندر رونبي جي قابل ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن ٻيجاري ۾ گندگاھہ جا ٻوٽا هجن تہ انهن کي هٿ سان ڇڪي ڪڍڻ گهرجي. ٽماٽي جي بهتر فصل لاءِ هڪ سؤ چورس فوٽن تي تيار ٿيل ٻيجارو هڪ ايڪڙ لاءِ ڪافي ٿئي ٿو. ٽماٽن جي فصل لاءِ کرين جو مفاصلو 6 کان 8 فوٽ ۽ ٻوٽن جي وچ ۾ مفاصلو 1 کان 2 فوٽ رکڻ گهرجي. ٻوٽن ۾ سختي پيدا ڪرڻ لاءِ ضروري آهي تہ رونبي ڪرڻ کان هڪ هفتو اڳ ٻيجاري جو پاڻي بند ڪجي. رونبو ڊسمبر جي مهيني تائين ڪري سگهجي ٿو.
زمين جي چونڊ: ٽماٽن جي پوک هر قسم جي زمين جنهن ۾ وارياسي کان وٺي چيڪين زمينن ۾ ڪري سگهجي ٿي. ٽماٽي جي پوک لاءِ وچولي چيڪي زمين جنهن ۾ پاڻي جو سٺو نيڪال هجي. آڳاٽي فصل لاءِ وارياسيون زمينون بهتر آهن. ڇاڪاڻ تہ وارياسين زمينن تي فصل جلد تيار ٿئي ٿو. وڌيڪ پيداوار وٺڻ لاءِ چيڪيون لٽاسيون زمينون جن ۾ پاڻيءَ جي نيڪال واري خاصيت موجود هجي اهي زمينون مناسب آهن.
زمين جي ٽماٽن جي رونبي لاءِ تياري: رونبي کان ٻہ مهينا اڳواٽ زمين جي تياري شروع ڪري ڇڏجي. زمين کي پهريائين ٻہ يا ٽي هر ڏيئي ڀتر ڀڃجن. جنهن سان زمين کلي ٿي ۽ نرم ٿئي ٿي. فصل جي رونبي کان هڪ مهينو اڳ ڳريل ۽ سڙيل وٿاڻ جي ڀاڻ جون پنجاھہ کان سٺ گاڏيون وجهي ڪوڏر سان پکيڙجن. ڀاڻ جي پکيڙڻ بعد زمين کي ٻہ يا ٽي هر ڏجن تہ جيئن ڀاڻ زمين سان ملي وڃي. ٽريڪٽر جي حالت ۾ ضرورت آهر زمين جي تياري ڪجي. زمين ۾ پٽڙين يا کرين ٺاهڻ کان اڳ هڪ ٻوري في ايڪڙ ڊي اي پي ۽ هڪ ٻوري سلفيٽ آف پوٽاش جي ڇٽي هر سان ملائجي. چئن چئن فوٽن جون ويڪريون پٽيون يا کريا ٺاهي، کرين جي ٻنهي پاسي هڪ فوٽ جي وٿيءَ تي رونبو ڪجي. رونبي بعد هڪدم پاڻي ڏجي. گرم موسم ۾ رونبو شام جي وقت ڪرڻ گهرجي.
ڀاڻ ڏيڻ: ٽماٽن جي رونبي کان اڳ زمين جو ڪيميائي تجزيو ڪرائجي تہ جيئن ڀاڻ جو صحيح وزن ڏيئي سگهجي. ڀاڻ جي صحيح وزن ڏيڻ سان ٻوٽي جي واڌ ويجهہ سٺي ٿئي ٿي. جنهن جي نتيجي ۾ ڦل صحيح لڳي ٿو ۽ ڦل جو وزن بہ ٺيڪ ٿئي ٿو. ٽماٽن جي فصل ۾ 2 کان 3 ٻوريون ڊي اي پي پوکي وقت ڏيڻ گهرجي يا هڪ ٻوري ڊي اي پي، هڪ ٻوري نائٽروفاس ۽ هڪ ٻوري يوريا ڏجي، جيڪي پوکيءَ وقت، گل ٻاٽي ۽ پهرين چونڊي کان اڳ ڏجي. ٽماٽن جو فصل ڀاڻ جي لحاظ کان تمام گهڻو حساس ٿئي ٿو. فصل کي ضرورت کان وڌيڪ ڀاڻ ڏيڻ بہ نقصانڪار آهي. پر جيڪڏهن ڀاڻ گهٽ اچي ويو تڏهن بہ فائديمند نٿو رهي. تنهن ڪري فصل کي ضرورت آهر متوازن ڀاڻ جو وزن ڏجي. ٽماٽن ۾ فاسفورس جي کوٽ ڪري ڦل دير سان ٿو لڳي ۽ پيداوار گهٽ لھي ٿي. زمين ۾ پوٽاش جي گهٽتائي ڪري ڦل نرم ٿئي ٿو ۽ ذائقو گهٽجي وڃي ٿو. جڏهن تہ نائٽروجن جي گهٽتائي سبب ٻوٽي جي واڌ گهٽ ٿئي ٿي، ڦل ننڍو ۽ نرم ٿئي ٿو. ڦل جو رنگ بہ سٺو نہ ٿو ٿئي ۽ پيداوار گهٽ لھي ٿي.
پاڻي ۽ گُڏ: رونبي بعد فصل کي پهريائين ٻہ يا ٽي پاڻي تڪڙا تڪڙا ڏجن تہ جيئن تازي رونبي ڪيل ٻيجاري جون پاڙون زمين ۾ لڳي وڃن. فصل کي پهريون پاڻي 3 يا 4 ڏينهن ڏجي. گرم موسم ۾ فصل کي پاڻي هر هفتي ۽ سرديءَ جي موسم ۾ هر پندرهن ڏينهن بعد ڏجي.
گندگاھہ ڪڍڻ: گندگاھہ جي ٻوٽن جي خاتمي لاءِ ٻہ يا ٽي ڀيرا گُڏ ڪڍجي. فصل جي پاڙن تي گُڏ وقت هڪ دفعو مٽي چاڙهجي. مٽي چاڙهڻ ڪري هڪ تہ ٻوٽن جي واڌ ويجهہ سٺي ٿئي ٿي ۽ ٻيو ٻوٽا هيٺ ڪرڻ کان بچن ٿا. جڏهن فصل ۾ گل اچڻ شروع ٿين تہ هڪ ٻوري يوريا ڀاڻ جي ڏيئي فصل کي پاڻي ڏجي. جيئن تہ ٽماٽي جي فصل جون ڏانڊيون ڪمزور ٿين ٿيون، انهن کي وونئڻاٺين جي ٽيڪ ڏيڻ سان پيداوار وڌي ٿي. فصل کي سرديءَ جي ٿڌين هوائن ۽ پاري کان بچائڻ لاءِ ڍڪ ڪجي. ٻي حالت ۾ فصل جي واڌ رڪجي وڃي ٿي ۽ پاري پوڻ ڪري ٻوٽا سڙي وڃن ٿا. پارو گهڻو ڪري جنوري ۽ فيبروريءَ جي مهينن ۾ پوندو آهي. اولھہ جي ملڪن ۾ پاري پوڻ جا اڳواٽ اطلاع ڏيندڙ گهڙيال، موجود آهن. اهي پاري پوڻ جو اڳواٽ اطلاع ڏين ٿا ۽ آبادگار پنهنجن فصلن کي سڙڻ کان بچائڻ لاءِ اپاءَ وٺندا آهن. آبادگار پنھنجي تجربي مان پاري پوڻ جو اڳواٽ اندازو ڪري سگهن ٿا.
چونڊو ۽ پيداوار: سنڌ جي ڏاکڻي علائقي ۾ آڳاٽو فصل سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر کان ڦل ڏيڻ شروع ڪندو آهي. پاڇاٽو فصل مارچ جي آخري هفتي تائين ڦل ڏيندو رهندو آهي. اپريل ۾ گرم هوائن ۾ لڪن لڳڻ ڪري ٻوٽا سڪي ويندا آهن ۽ پيداوار ڏيڻ بند ڪندا آهن. ڦل جي تيار ٿيڻ تي هر ٽئين يا چوٿين ڏينهن تي ڪڪوريل ٽماٽن جي چونڊ ڪجي. ٽماٽن پٽڻ مھل ان ڳالھہ تي خاص ڌيان ڏجي تہ جيئن ٽماٽن جي ٽارين ۽ ٻوٽي کي نقصان نہ رسي. ٽماٽن جي في ايڪڙ پيداوار ٻن کان اڍائي سو مڻ ملي ٿي.
جنسون: ٽماٽن جون ٻہ جنسون سنڌ ۾ عام طور پوکيون وڃن ٿيون. جنهن ۾ ايس آر 2، ٽي 10، روما، پي لانگ ۽ لوڪل جنسون وغيرہ.
(الف) گول ٽماٽن واري جنس: هن جنس جي ٽماٽن کي گهڻي وقت لاءِ رکي نٿو سگهجي. انهيءَ سبب ڪري هن کي پري وارين مارڪيٽن ۾ نٿو موڪلي سگهجي.
(ب) ڊگهن ٽماٽن واري جنس: هن جنس ۾ گهڻي وقت لاءِ رکڻ جي قوت موجود آهي. هن جنس ۾ ٽماٽن کي دور دراز جي مارڪيٽن ۾ آسانيءَ سان پهچائي سگهجي ٿو. ڊگهي جنس جيڪا عام پوکي وڃي ٿي سا آهي ”روما“ (Rooma) هي ٻاهرين ملڪن جي جنس آهي.