تاريخ چراغ هدايت المعروف به بهرور شاهي

تاريخ چراغ هدايت المعروف به بهرور شاهي

ٽنڊي آغا جي مرزائن جا ڪتب خانا

ٽنڊي آغا جي مرزائن جا ڪتب خانا: حيدرآباد جي شھر ۾ ٽنڊي آغا جو پاڙو ميرن جي وزير آغا اسماعيل شاھہ جو آباد ڪيل آهي. آغا صاحبن کان پوءِ هتي خيرپور جا مرزا اچي آباد ٿيا. ٽنڊي آغا ۾ آباد مرزا خاندان جو وڏو ڏاڏو مرزا فتح علي بيگ هو. مرزا فتح علي بيگ ۽ سندس پيءُ مرزا مراد علي بيگ ’سائل‘ مير سهراب خان ٽالپر جا مصاحب هئا، مرزا صاحب خيرپور توڙي حيدرآباد ۾ ميرن طرفان عزاداريءَ جا باني ۽ مرثيہ گو هجڻ سان گڏوگڏ مرثيہ خوان بہ هئا ۽ خيرپور ۾ سندن وڏو ڪتب خانو موجود هو، جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ قلمي ڪتاب موجود هئا. جڏهن مرزا فتح علي بيگ خيرپور مان لڏي حيدرآباد (ٽنڊي آغا) ۾ مير حسن علي خان ٽالپر جي خواهش تي آباد ٿيو تہ ان وقت خيرپور مان جيترا ڪتاب کڻي سگهيو سي کنيائين، باقي اتي پنھنجي دوستن ۽ احبابن ۾ ورهايائين، خصوصاً پنھنجي دوست ۽ همعصر مرثيہ گو شاعر آخوند محمد عالم پنهور کي ڪافي قلمي مسودا ڏنائين. حيدرآباد ۾ مرزا فتح علي بيگ جي وفات کان پوءِ سندن پٽن مان مرزا قاسم علي بيگ (مير حسن علي خان ٽالپر جي مصاحب) ۽ مرزا ٻڍل بيگ (هزهائينس مير نور محمد خان ٽالپر جي وزير) جا الڳ الڳ ڪتب خانا هئا. سندن اولاد مان مرزا قربان علي بيگ ڪربلائي ۽ مرزا گل حسن بيگ جا ڪتب خانا مشھور ٿيا. پر اڳتي هلي ٽنڊي آغا ۾ سنڌ جي وڏي محقق اديب ۽ شاعر مرزا عباس علي بيگ جو ڪتب خانو گهڻو مشھور ٿيو. مرزا عباس پنھنجي ذاتي ڪتب خاني ۾ وڏي محنت سان ڪتاب گڏ ڪيا. سندس ڪتب خاني مان سنڌ جا ناميارا عالم مستفيض ٿيا. جن ۾ ڊاڪٽر عطا محمد حامي، ڊاڪٽر اياز حسين قادري، ڊاڪٽر عابد لغاري وغيرہ شامل آهن. سندس ڪتب خاني بابت رضا علي عابديءَ پنھنجي ڪتاب ”ڪتب خانا“ ۾ لکي ٿو ته، ”حيدرآباد شھر اندر ناياب ڪتابن جو ذخيرو مرزا عباس علي بيگ وٽ موجود آهي“. مرزا عباس علي بيگ جي ڪتب خاني ۾ قلمي نسخن سان گڏوگڏ لاتعداد عربي، فارسي، سنڌي، اردو ۽ انگريزي ڪتاب موجود آهن، سندس ڪتب خاني ۾ مير ابوالبقا بهرور علي جي ناياب تصنيفتاريخ چراغ هدايت المعروف بہ بهرورشاهي‘ کانسواءِ انشاءِ عطارد، تاريخ بلوچي، تاريخ جهانڪشائي نادري، تذڪره رياض الشعراءِ، ظفرنامه ڪلهوڙا (مثنوي)، مختصر تاريخ ڪلهوڙا و ٽالپور (فارسي)، مناقبِ خيبرکشا (فارسيءَ ۾ نامعلوم مصنف جي ڏيڍ هزار صفحن تي مشتمل حضرت علي عليہ السلام جي زندگيءَ جو احوال)، نامہ نغز، فتح نامہ سنڌ (مير صوبدار خان جي مثنوي)، فتح نامہ سنڌ (مير حسن علي خان ٽالپر جا چار نسخا)، انشاء فارسي نامه، رساله استخاره، مجموعه ورد و وظائف، قصيده برده، مجالس المومنين، ديوان وفا، ديوان وصال، ديوان فرخي، ديوان خاقان، ديوان قاسمي، ديوان انوري، قصائد عرفي، ديوان ڪرم (مير ڪرم علي خان ٽالپر)، ديوان جعفري-1 (مير نصير خان جو فارسي ديوان)، ديوان جعفري-2 (مير نصير خان جو اردو ديوان)، ديوان حيدري (مير شھداد خان جو ديوان)، ديوان مير (مير صوبدار خان جو ديوان)، ديوان حافظ باتصوير، تذڪره حسيني، محڪ خسروي، محڪ محسن، محڪ فخري، تحفته الڪرام، ديوان نامي (مير معصوم بکري جو ديوان)، ڪليات ثابت (سيد ثابت علي شاھہ جو ڪلام)، ڪليات حسن (مير حسن علي خان ٽالپر جي مرثين جا اٺ مجموعا (جيڪي مرزا قربان علي بيگ، مرزا امام علي بيگ، حاجي حسن بخش مرڙاڻي ۽ عبدالڪريم عباسي جا لکيل آهن)، مختار نامہ (مير حسن علي سنڌي مثنوي)، حملہ حيدري يا شهنشاھہ نامہ (مير حسن علي خان جي سنڌي مثنوي)، ديوان حسين (مير حسين علي جو ديوان)، مناقب علوي (مير حسين علي جي تصنيف)، ڪليات جامي ۽ ڪيترائي مطلا قرآن مجيد پڻ موجود آهن. انهن کانسواءِ ايراني مشتهدن جا لکيل اسلامي ڪتاب، سنڌ جي ڪلهوڙن ۽ ٽالپر حڪمرانن جا عهدناما ۽ فرمان، مختلف عالمن جا تفسير، مير انيس، مرزا دبير، مير ضمير، مرزا جعفر فصيح، افسرده، قاسم، مير مونس، مير خليق ۽ ٻين نامور اردو جي مرثيہ گو شاعرن جو اڻ ڇپيل ڪلام ۽ ٻيا گهڻائي مختلف علمن تي قلمي ڪتاب موجود آهن. ان کانسواءِ سنڌ جي شاعرن جا فارسي، سنڌي ۽ اردو ديوان، ڪليات، مثنويون ۽ بياض پڻ لاتعداد موجود آهن، جن کي هاڻي سندس لائق فرزند مرزا سڪندر علي بيگ سنڀاليندو اچي، ان کان سواءِ مرزا قربان علي بيگ ڪربلائيءَ جو ڪتب خانو تمام گهڻو لاجواب هو، جنهن کي سندس پوٽي مرزا سلطان حيدر بيگ تمام ذميواريءَ سان سنڀاليو. پر مرزا سلطان حيدر بيگ جي انتقال کانپوءِ لائبرري سندس فرزند مرزا علي متقي بيگ ۽ مرزا ڪاظم رضا بيگ سنڀاليندا اچن ۽ مرزا گل حسن بيگ جو ڪتب خانو سندس فرزند مرزا نجم الحسن بيگ جي هٿ ۾ آهي، انهن کانسواءِ جديد دور مطابق آغا جي مرزائن جا ڪتب خانا'>ٽنڊي آغا جي مرزائن جا ڪتب خانا ڏاڍا لاجواب آهن. جن ۾ مرزا فتح علي بيگ ۽ مرزا جمشيد بيگ جا ڪتب خانا پڻ ناياب آهن، ٽنڊي آغا جي مرزائن جي ڪتب خانن ۾ ستن ئي خطن (نستعليق، نسخ، ثلث، توقيع، رقاع، محقق ۽ ريحان) ۾ لکيل قلمي ڪتاب موجود آهن، پر گهڻا خط نستعليق، نسخ، ثلث ۽ شڪستہ ۾ موجود آهن. ٽنڊي آغا جي هنن مرزائن جي هر هڪ لائبريريءَ ۾ هزارين ڪتاب موجود آهن. اڄ بہ انهن ڪتب خانن جي هجڻ ڪري ٽنڊي آغا جي مرزائن ۾ وڏا اديب، شاعر ۽ عالم موجود آهن. سندن نوجوانن ۾ پڻ تحقيق ۽ تاليف سان گڏوگڏ ڪتاب گڏ ڪرڻ جو ذوق و شوق پڻ وڏڙن وانگر جاري آهي.


لفظ ٽنڊي آغا جي مرزائن جا ڪتب خاناھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو