ٽيبل ٽينس راند
ٽيبل ٽينس (Table Tennis ):هن راند ۾ رانديگرن جو تعداد ٻه يا چار ٿئي ٿو. جيڪي بال کي ريڪِٽ (Rackets) سان ڌڪڙا هڻندا ۽ هڪٻئي ڏانهن موڪليندا آهن. هي راند هڪ ٽيبل تي کيڏي ويندي آهي، جنهن جي وچ ۾ هڪ ڄاري لڳل هوندي آهي، جيڪا ڌرين جي دنگ لاءِ ٽيبل جي وچ تي کتل هوندي آهي. هي راند 76 x 152.5 x 274 سينٽي ميٽرن جي ٽيبل تي کيڏي ويندي آهي. بين الاقوامي قانون موجب ٽيبل ٽينس لاءِ مقرر ڪيل ايراضي جي ماپ 14 ميٽر ڊيگهه 7 ميٽر ويڪر ۽ 5 ميٽر اوچائي جو ڪمرو مقرر ڪيل آهي. هن راند ۾ بال کي ڌڪ هڻڻ لاءِ ريڪيٽ استعمال ٿيندي آهي. ريڪيٽ ڪاٺ جو گول يا بيضوي ٽڪرو هوندو آهي. جنهن تي رٻڙ يا پلاسٽڪ چنبڙيل هوندي آهي. ان جي هيٺيان 6 ڇهن کان اٺن انچن جو مٺيو به ڪاٺ جو لڳل هوندو آهي. جنهن تي به پلاسٽڪ يا رٻڙ چڙهيل هوندو آهي. هن ۾ خاص پلاسٽڪ مان ٺهيل ننڍڙو 44 ملي ميٽرن جو اندران پَورو بال استعمال ٿئي ٿو. هر ڌر کي 10-10 جو اسڪور ٺاهڻو هوندو آهي. جيڪا ڌر يارنهن يا مٿي اسڪور حاصل ڪري، ان کي کٽيل ڌر مڃبو آهي. هي انگلنڊ ۾ وڪٽورين دور جي ايجاد آهي. وڏا ماڻهو منجهند جي ماني کان پوءِ يا اڳ کيڏندا هئا. اڳ ۾ نيٽ جي جاءِ تي ڪتاب رکي حد ٺاهي ويندي هئي. جڏهن ته ريڪيٽ جي جاءِ تي ڪتاب جو سخت پاٺو استعمال هيٺ آندو ويندو هو. 1950ع وارن ڏهاڪن ۾ هن جون ريڪيٽون، نيٽون ۽ اصول وضع ڪيا ويا. 1988ع ۾ هن راند کي اولمپڪ جي راندين ۾ شامل ڪيو ويو. هن ۾ استعمال ٿيندڙ بال جو وزن 2.47 گرام مقرر ڪيو ويو آهي. هي راند دنيا جي مشهور راندين ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي. پاڪستان ۾ به هيءَ راند مشهور آهي. سنڌ جي جيمخانن ۽ ڪلبن ۾ هي راند کيڏي وڃي ٿي.