ٽيويهين سنڌي ادبي ڪانفرنس لاڙڪاڻو

ٽيويهين سنڌي ادبي ڪانفرنس (لاڙڪاڻو ):ٽيويهين سنڌي ادبي ڪانفرنس 3 ۽ 4 ڊسمبر 1973ع تي جناح باغ لاڙڪاڻي ۾ ٿي؛ صدارت سيد غلام مصطفيٰ شاھہ (وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي) ۽ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ڪئي. استقباليه ڪميٽيءَ جو چيئرمئن محمد علي جوهر هو. ڪانفرنس جو افتتاح عبدالوحيد ڪٽپر، ان وقت جي وزير صحت ڪيو. ڪانفرنس ۾ ڪافي شاعر موجود هئا، جن ۾ عبدالوحيد ڪٽپر، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، حافظ ضياءَ الحق اسلم، علي محمد خالدي، جهامنداس عاشق، قطب الدين تاب، لقمان حڪيم، سيد فيروز شاھہ اظهر سيوهاڻي، ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل، عطا محمد حامي، فيض بخشاپوري، علي بخش جمالي، استاد هادي بخش جتوئي، قلندربخش بدوي، آغا گل حسن گل، غازي الدين نشتر ناٿن شاهي، تنوير عباسي، نياز همايوني ۽ ٻيا ڪيترائي ناميارا اديب ۽ شاعر موجود هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو